پهرين اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    پهرين اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    • عيسوي سال جو چوٿون مهينو اپريل آهي. هن مهيني جي معنيٰ آهي “کولڻ وارو” هن مهيني ۾ جئين ته بهار جي موسم ايندي آهي. ان ڪري هن جو نالو ڪنهن ديوتا ديوي جي بجاءِ بهار موسم تي رکيو ويو آهي.
    • پهرين اپريل 1936ع تي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار روشن علي تنيو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وڳڻ ۾ پيدا ٿيو.
    • پهرين اپريل 1918ع تي سنڌ جو ممتاز اسڪالر ۽ دانشور پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ولد سيد غلام علي شاهه ڳوٺ قادر ڏنو شاهه تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1930ع تي بلند پايه شاعر، اديب، مترجم ۽ حڪيم نياز همايوني اصل نالو مشتاق احمد ولد قائم الدين شڪارپور جي مشهور ڳوٺ همايون ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1961ع تي شاعر ۽ نثر نويس انور فگار هڪڙو ولد محمد صديق هڪڙو شڪارپور ۾ ڄائو.
    • پهرين اپريل 1879ع تي مشهور شاعر، اديب ۽ صحافي محمد صديق مسافر ولد گلاب خان قنبراڻي ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.
    • پهرين اپريل 1960ع تي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اختر ٽانوري اصل نالو غلام عباس بوزدار وڏا ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
    • پهرين اپريل 1974ع تي نوجوان شاعر امر اقبال اصل نالو محمد اقبال ولد الهورايو چن ڳوٺ سوهو ڪناسرا تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1971ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر خاور قبولائي اصل نالو محمد موسيٰ سرگاڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1963ع تي ڪاظم شاهه “ڪوثر بخاري” اصل نالو (ڪوثر بخاري) هنڱورجه ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
    • پهرين اپريل 1555ع تي مطابق 9 جمادالاول 962هه تي مرزا شاهه حسن ارغون آخري وفات ڪئي.
    • پهرين اپريل 1943ع تي سماجي ورڪر قانوندان منير چانڊيو ولد ايم عثمان چانڊيو لاڙڪاڻي شهر جي دڙي محلي ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1942ع تي ممتاز اديب، شاعر ۽ نقاد ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“ ولد آغا در محمد خان پٺاڻ شڪارپور شهر ۾ ڄائو.
    • پهرين اپريل 1982ع تي سنڌ جو عظيم انسان پير حسام الدين راشدي وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق سنڌ جي تاريخ قبرستان مڪلي (ٺٽو) ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پيرانديءَ کان ڏکڻ پاسي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
    • پهرين اپريل 1978ع تي پروفيسر رام پنجواڻي چيٽي چنڊ جي ميلن ۾ ڳائيندي وڄائيندي دل جي تار ٽٽي پئي ۽ هميشه هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو.
    • پهرين اپريل 1975ع تي نوجوان شاعر وفا ٻرڙو (محمد بخش ٻرڙو) جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1933ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي اصل نالو امير بخش عالماڻي ڳوٺ جهان خان عالماڻي ۾ پيدا ٿيو.
    • پهرين اپريل 1947ع تي مضمون، مقالا، تحقيق ۽ تنقيد نگار بدرالدين اُڄڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1962ع تي رزاق سهتو، الهه وسائي سهتي جي گهر ڳوٺ صوفاڻي تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ اديب آهي.
    • پهرين اپريل 1973ع تي نوجوان شاعر اياز رضوي جو پورو نالو سيد اياز حسين شاهه رضوي تعلقي جهڏي جي ڳوٺ عباس علي شاهه ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1950ع تي مشهور شاعر ارشاد ساگر جتوئي جهوڪ شريف لڳ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
    • پهرين اپريل 1963ع تي ليکڪ ۽ شاعر سميع ساجد جوڻيجو ڳوٺ نم شريف، تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1958ع تي شاعره عطيه دائود لاڙڪ نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1967ع تي نوجوان شاعر ياسر بوزدار اصل نالو شاهه محمد ولد علي گلاب بوزدار، بوزدار وڏا، ضلعو خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1973ع تي شاعر ۽ صحافي قادر جاگيراڻي اصل نالو عبدالقادر جاگيراڻي، ولد پير محمد جاگيراڻي ڳوٺ ميول خان جاگيراڻي تعلقي ميروخان ضلعو قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1973ع تي نوجوان شاعر شفيع محمد شاد، ولد سهراب خان قادري ڳوٺ پراڻو ٺارو، تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو.
    • پهرين اپريل 1972ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر فياض لطيف اصل نالو بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو