اچو ته ڪوڙ تي قلم 144 هڻون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نديم حيدر شر طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2022۔

  1. نديم حيدر شر

    نديم حيدر شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 آگسٽ 2020
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Lawyer
    ماڳ:
    Karachi
    ڪوڙ مهذب معاشري ۾ هڪ وڏي برائي جو نالو آهي ۽ مسلمانن وٽ ان کي انتهائي برو ڪوٺيو ويو آهي، ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي منافق چيو ويو آهي. ان جي جاءِ جهنم جو ترو مقرر ڪئي وئي آهي يعني جهنم جو به برو حصو، جهنم بذات خود هڪ بري ۽ عبرت گاهه جو نالو آهي، جتي انسان کي سندس اعمالن ۽ ڏوهن تحت رکيو وڃي ٿو. پر منافق لاءِ ان جهنم جو به ترو رکيل آهي. ان هوندي به اسان جي هن سماج ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ هڪ فيشن، ريت ۽ رواج ٿي ويو آهي. زندگيءَ جي روزانه ڪاروهنوار ۾ اسان خبر ناهي ڪيترائي دانستا ۽ غير دانستا ڪوڙ ڳالهايون ٿا. اسان اهو به محسوس ڪريون ٿا. ته ڪوڙ برائي جي پاڙ آهي، ۽ اسان جيڪڏهن برائي جي پاڙ وڍيون ته هوند برائيءَ جي پيداوار، وڌاءُ ۽ ان کي عام ڪرڻ کان روڪي سگهون ٿا، اخبار کان وٺي واپار تائين، ڪوڙ ئي ڪوڙ ڀريو پيو آهي. اسان جي پوليس، وڪيل، شاهد (گواهه) سڀ ڄڻ ته ان ڪم جي فيڪٽري آهن ۽ عدالتن کي به ان کي ڌر بڻائيو وڃي ٿو. حالانڪ عدالتن ۾ شاهد، شاهديون ڦيرائيندا رهن ٿا. پر اڄ تائين ڪنهن به اهڙي گواهه کي سزا نه لڳي آهي. جنهن هڪ ڪورٽ ۾ هڪڙي ۽ ٻي ڪورٽ ۾ ٻي شاهدي ڏني آهي. اسان جو واپار ڪوڙ سان ڀريو پيو آهي. هت ڪوالٽيءَ تي ڪوڙ، قيمت تي ڪوڙ، وڪري تي ڪوڙ مطلب تي هر ڪم ته ڪوڙ آهي. هن صديءَ ۾ اسان جي سياست به عجيب ٿي ويئي آهي. يعني جيڏو وڏو ڪوڙ هڻو، اوڏو وڏو بيان، اڄ هڪ، سڀان ٻيو قيمت نه وڌندي، سڀان وڌائي وئي. ڇا ڪجي جو حالتن ائين ڪيو. سوال اهو آهي ته اهي حالتون ڪنهن پيدا ڪيون؟ ڇو پيدا ڪيون؟ ڀلا انهن کي روڪيو ڇو نه ويو؟ ان جو جواب ڪونهي. دنيا ۾ تيل جو اگهه گهٽجي ته پرواهه ناهي، پر جيڪڏهن وڌيو ته وڌي ويو، گيهه، چانهه جو اگهه وڌيو ته ليبل تي مارڪر سان لکجي ويو، ۽ پاڻمرادو وڌيل اگهه چارج به ٿي ويو، پر ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءَ جو اگهه گهٽيو ته چيو ويو، هي سامان اڳوڻي اگهه ته آيو آهي. نئون مال اچي ته گهٽ اگهه ڏينداسين، هن تي جيڪو اگهه لکيل آهي، اهو ادا ڪرڻو پوندو. اسان جي سماج ۾ ته باقاعدگيءَ سان ڪوڙ جا کاتا پڻ کليل آهي، يعني صوبيدار، تپيدار، مختيارڪار، وڪيل وغيرھ اتي صرف حڪم ڪيو ڇا ڪرڻو آهي. هنن جو ڄڻ ته سچ سان ڪو پراڻو وير آهي. حقيقت جي بلڪل ابتڙ، بس رڳو حڪم ٿئي. پوءِ اهو حڪم يا ته مٿان کان هجي يا وري ڪڙڪ پني جي خوشبوءِ سان. تعليم ۽استادن جو به ڪم هاڻي ڪاپيءَ کان وڌي، ٽيبيوليشن تائين پهتو آهي، نمبر هٿ جا، اکر پرايا، سچ ڇا آهي؟ الله ڄاڻي، باقي ملڪ مڙئي مٺائي آهي. اسان جي ملڪ ۾ جلسي، جلوس، تقرير، تحرير، هٿيارن جي کڻڻ، ڪڻڪ جي چرپر، لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال تي قلم 144 هر وقت تيار آهي، ۽ ٻارنهن مهينا تقريبن لاڳو به رهي ٿو. پر ڇا هڪ اڌ مهيني لاءِ ان کي ڪوڙ چوڻ، ڳالهائڻ، لکي ڇاپڻ تي لڳائي سگهجي ٿو؟ اهو ڪم هن سماج ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيندو ۽ سماجي بهتري جي جوڙجڪ لاءِ پڻ ڪارآمد ٿيندو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ تيل ۽ بجليءَ جو اگهه، بجيٽ ۾ مهانگائي، گئس ۾ واڌارو، ڊالر جو اگهه، ٽيڪس جو وچور ۽ نظام ۽ واڌو نوڪري مان نيڪالي، ايڊهاڪ ملازمن جي پڪي ۽ بحالي اسيمبليءَ ۾ روز نوان نوان بيان ۽ سياسي ٽوڙ ڦوڙ جهڙا ڪيترائي اهم ۽ بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. اوهان همت ڪريو آزمائي ڏسو هڪ دفعو ته پنهنجا اختيار لاڳو ڪيو. پر شايد ائين نه ٿي سگهي. جو قلم 144 جو استعمال چڱائيءَ جي واڌاري لاءِ نه پر برائي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. حالانڪ قلم 144 جو حڪم ايس.ڊي.ايم کان وٺي هوم سيڪريٽري يا اڃا به مٿي سرڪار نافذ ڪري سگهجي ٿي، پر اهو حڪم ڪوڙ ڳالهائڻ تي لاڳو شايد نه ٿي سگهي ڪو هتي سچ ڳالهائڻ ته بذات خود هڪ ممنوع امر آهي، جنهن سان سڄو انتظامي نظام هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿو. ڇا ڀلا ائين ٿي سگهي ٿو ته سچ کي هميشه هميشه ختم ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوڙ ۽ سٺي ڪوڙ ڳالهائڻ تي انعام مقرر ڪيو وڃي؟؟ اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻ گهرجي.!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو