سرڳ جي ڳولھا (ناول)

'سنڌي ادب' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2022۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    تبصرو مير سردار چنڙ
    سرڳ جي ڳولھا ھند سنڌ جي ناليواري ليکڪ موھن ڪلپنا جو تخليق ڪيل ٻاراڻي ادب جي شاھڪار ناولن ۾ـشمار ٿيندڙ ناول آھي. هي ناول پهريون دفعو 1958ع ۾ هند ۾ ڇپيو ان کانپوءِ 1981ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو. سنڌ ۾ هي ناول 1989ع ۾ ڇپيوـ
    موھن ڪلپنا جي شاھڪار ناول آھي ھن ناول جو آغاز ھڪ ٻار کان ٿئي ٿو . جيڪو ننڍپڻ ۾ سوچي ٿو سمجھي ٿو ۽ پنهنجي زھن ۾ فلسفاڻا سوال پيدا ڪري ٿو. نه رڳو سوال پيدا ڪري ٿو پر ھو انھن کي حل ڪرڻ لاء گھر کان ٻاھر نڪري ٿو. ھن جي ذھن ۾ انيڪ سوال اڀرن ٿا جيئن ۽ اھي سوال ڪي عام سوال نه ھوندا آھن سوال ھڪ وڏي معني رکندڙ آھن ھو حق سچ جي ڳولا لاء نڪري ٿو ھو اھو ڏسڻ چاھي ته ٿو ته ڇا خدا ڪائنات ۾ واقعي آھي؟ ڇا خدا جو وجود به آھي يا ايئن اسان کي بيوقوف ڪري ٿو ھو چاھي ٿو مان ڏسڻ چاھيان ٿو ان خدا کي جيڪو اسان کي پيدا ڪري وري ماري ٿو. ناول مان سوالن بابت ھڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو :
    ڀڳوان ۽ ڀڳوان جي مورت ۾ تفاوت آهي؟
    مگر ڇو؟“
    ڀڳوان جي مورت ته ٽڪي به ملندي آهي، سچو ڀڳوان گهڻي ملندو آهي؟“
    ”تون صفا نادان ٿي پيو آهين.“
    ”ڀلا سچو ڀڳوان رهندو ڪٿي آهي.“
    ”سرڳ ۾.“ ماڻهس چيو.
    ”تڏهن هن دنيا جو مالڪ ڪير آهي.“
    ”اهو به ڀڳوان آهي.“
    ”يعني ڀڳوان رهندو هڪ هنڌ آهي ۽ راڄ ٻئي هنڌ ڪندو آهي.“
    ناول جي ڪھاڻي سرگم نالي ھڪ ڇوڪري جي ڪھاڻي شروع ٿئي . سرگم ۽ سندس ڀيڻ بينا جيڪي ھڪ اسڪول ۾ پڙھندا آھن سرگم ٽئين ڪلاس جو شاگرد آھي ۽ بينا چوٿين ڪلاس جي سرگم ھڪ آزاد خيال وارو ماڻھو آھي ۽ جڏهن ته بينا ھڪ کيچل پسند ڇوڪري آھي پر پوء به سرگم جي ساٿي آھي سرگم جي پاڙي ۾ جڏهن سندس دوست جو پيء مري ٿو ته سرگم ان وقت ذھن ڀڙڪو کائي اٿي ۽ ھو سوچي ٿو ته ؟ آخر ماڻھو مري ڇو ٿو ؟ ماڻھو مرڻ کان پوء ڪاڏي وڃي ٿو. سرگم کي سندس ماء ٻڌئي ٿي ته جڏهن ماڻھو مري ٿو ۽ نيڪ عملن ڪري جنت (سرڳ) ۽ برن عملن تي دورزخ (نرڳ) ۾ وڌو وڃي ٿو . اتي سرگم سوال ڪري ٿو ته سرڳ ۾ ڇا ھوندو آھي ؟ تڏهن سندس ماء کيس ٻڌائي ٿي ته ”دنيا ۾ جيڪي سٺيون ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اُهي سڀ اُتي ٿينديون آهن. اُتي ڪنهن کي دک روڳ ٿئي ئي ڪونه. اُتي آرام ئي آرام آهي. تون پاڻي گهرندين ته شربت ملندءِ ۽ پئسو گهرندين ته رپيو ملندءِ. اُتي اسڪول به ڪو نه ٿين. ماڻهو رڳو گهمن ڦرن، نچن ڳائين.“
    وري چويس ٿو ڀلا نرڳ ۾ ڇا ھوندو آھي؟
    اُتي رڳو دک آهي. جيئن هتي گهوڙن کي چهبوڪ هڻبا آهن، تيئن اُتي ماڻهن کي چهبوڪ هڻبا آهن، جيئن اسين پاپڙ پچائيندا آهيون، تيئن اُتي ماڻهو کي پچائيندا.
    ڪجهه ڏينهن کان پوء سرگم جي ڀيڻ بينا بيمار ٿي پئي ٿي ۽ سرگم کي ھن جو فڪر ٿئي ٿو ۽ جڏهن سرگم ڏسي ٿو ته ڊاڪٽر بينا کي جواب ڏنو آھي ته ھن جي ذھن ۾ وري ڀڳوان خلاف سوال جنم وٺن ٿا ته خدا آخر اسان کي بيمار ڇو ڪري ٿو ؟ ڀلا ان ۾ ان کي ڪھڙو فائدو؟ ايتري ۾ ھو جوش ۾ اچي ھڪ مورتي کي باھ ۾ ساڙي ٿو جنهن تي سندس ماء کيس مار ڏئي ٿي ۽ سرگم گھران نڪري وڃي ٿو سرگم ھاڻي دل ۾ خيال ڪري ٿو ته ھر حال ۾ سرڳ جي ڳولھا ڪندس ھي پاڻ سان گڏ ھڪ چاقو ساڻ کڻي ٿو .
    سرگم گھران نڪري ھڪ جبل تي اچي ٿو جتي کيس بک لڳي ۽ ھوٽل جي پاسي ۾ بيھي ٿو ۽ ھڪ ڪراڙي کيس پنهنجي گھر وٺي اچي کي ماني کارائي کيس ننڊ ڪرائي ٿي پر اڌ رات جو سرگم اتان نڪري پنهنجي منزل طرف روانو ٿئي ٿو ۽ اڳيان ھڪ فقير ساڻس خيرات گھري ٿو..
    جڏهن ته سرگم کيس ٻڌائي ٿو ته تون پنين ڇو ٿو؟ اچ توکي سرڳ ۾ وٺي ھلان؟ پر فقير کيس چريو قرار ڏئي ٿو جيڪو کيس سڀ ڏيندا ھئا. ھڪ ڏينهن استاد ھن سان اسڪول ۾ پڇيو ھو ته تون ڇا ٿيندي تنهن تي سرگم چيو ھو ته "مان ڀڳوان ٿيندس" سرمد ھن وڏي جبل تي چڙھي ٿو ۽ اتي ھڪ ساڌو سان ملي ٿو جيڪو ھن جي سوالن مان سرگم کي ڀڳوان سمجھي ويھي ٿو ۽ ھو چوي ٿو ته ڀڳوان ننڍڙي ٻار جي روپ ۾ مونکان امتحان وٺي ٿو . تڏهن سرگم سوچي ٿو ته ھن ڪائنات ۾ سڀ احمق آھن ڪنهن کي به ڪا خبر ناھي ۽ اتان نڪري ٿو ھن سان ھڪ ڪتو گڏجر ٿو جنهن جي ٽنگ ۾ رت وھندو آھي ۽ ھي ان کي پنهنجي گنجي سان پٽي ڪري ٿو ۽ ڪتو ھن سان گڏجي ٿو ۽ ھي ٻئي اڳيان لنگھن ٿا ته ھن کي بک لڳندي آھي ۽ شھر جي اسٽيشن ٻاھران بک وچان بيحال ٿي بيھوش ٿي ويندو ۽ ھن کي ھڪ سمترا نالي ديوي کڻي ھنج ۾ ڪري ماني کارائي پاڻ وٽ رات جو گھر سمھاريندي اٿس ۽ اتي سرگم ھڪ خواب ڏسندو آھي ته ھن کي سرڳ نظر ايندو آھي جتي دنيا جا سڀ چڱا ماڻھو موجود ھوندا آھن ۽ اتي ھن کي خدا ملي ويندو آھي . جيڪو ھن کي چوندوآھي ته
    "تون ته تنهنجو امتحان ٿي ورتو، تون سچ پچ بهادر آهين. جيڪو انسان بهادري ڏيکاريندو آهي، سچ ڳالهائيندو آهي ۽ غريبن جي مدد ڪندو آهي، مان ان کي پيار ڪندو آهيان. تون سچ پچ سچار آهين. بهادر آهين. وڃ، دنيا کي چئه وڃي ته منهنجي مورت جي پوڄا ڪرڻ جي بدران منهنجي صلاحن جي پوئواري ڪن. دک سک ۾ هڪ ٻئي کي مدد ڪن. ڪجهه تياڳ ڀاونا رکن. لڙائي جهڳڙي کان پري رهن. سرگم جڏهن اڄ رات جو تون ۽ ڍڳي گاڏيءَ ۾ آئين ٿي، تڏهن تو اهو ٿي سوچيو ته جيڪر دنيا ۾ هر ڪو هڪ ٻئي جو مددگار هجي. ماني هجي، کير هجي، هوا ۽ سچ ڳالهائڻ جي آزادي هجي... ها، جتي اهو سڀ آهي، صرف اتي سچو سرڳ آهي. تون وڃ واپس پنهنجي گهر وڃ. ڏس، بينا ٺيڪ آهي نه... پوءِ تون پنهنجي ڀيڻ سان گڏ، ٻيا به ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ ڪري دنيا کي سرڳ بڻائڻ جي ڪوشش ڪج. سچو سرڳ اهو آهي، جتي ماڻهو ايمانداريءَ سان محنت ڪن ٿا ۽ محنت جو مٺو ڦل کائي حياتي سُک سان گذارين ٿا. وڃ سرگم تون واپس وڃ.“ تڏهن سرگم چوي ٿو ته اصل سرڳ ته اسان جي گھر ۾ آھي جتي پيار به آھي ته پنھنجائپ به آھي.
    موھن ڪلپنا جو ناول ٻاراڻي ادب جو شاھڪار ناول ان ڪري به آھي جو ھن ۾ ٻاراڻي لھجي ۾ تمام وڏيون انمول ڳالھيون لکيل آھن ۽ وڏا پيغام آھن جيئن ماء جي محبت سڪ پيار ۽ ڀيڻ ڀاء جو انمول رشتو ۽ انھن ۾ پنھنجائپ ۽ ھمدردي انسانيت حق جي ڳولھا ۽ بھادري دليري جھڙا موضوع شامل آھن. ھن ناول ۾ سنڌي ٻولي تمام سادي لکيل آھي ۽ ٻولي ۾ ڪجهه ھندي جو اثر آھي ڇاڪاڻ ته ھي ناول ھند ۾ شايع ٿيو ھو ۽ ھن ناول ۾ ڪجهه ٻاراڻا ٻول به شامل آھن. موھن ڪلپنا جو شاھڪار ناول نه رڳو ٻارن پر سڀني کي پڙھندڙ گھرجي .
     
    تلوڪچند ولاسائي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
  3. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو

هن صفحي کي مشهور ڪريو