تون جڳ جاڳائيندين مير سردار چنڙ جو اڀياس

'سنڌي ادب' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2022۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]

    تون جڳ جاڳائيندين جو اڀياس
    عارفه ڳاھو

    "تون جڳ جاڳائيندين" ڪتاب علي شيرازي جي لکيل اردو ڪتاب "سنو تم ستاري ھو جنهن جو ترجمو ڪندڙ مير سردار چنڙ آھي. جڏهن مون ڪتاب جو نالو ڪنهن جي واٽسپ اسٽيٽس تي رکيل ڪتاب "سنو تم ستاري ھو" پڙھيم ته منهنجي به دل چاھيو ته مان به ان ڪتاب کي پڙھان پر پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي ۾. ڇاڪاڻ ته اردو اسان سنڌين لاء ڪجهه منجھائيندڙ ۽ اڻ وڻندر ھوندي آھي. پر پائلو ڪوئلو چيو آھي ته " جڏهن توھان ڪنهن شي کي دل سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته پوري دنيا اوھان جي مدد ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿي. تيئن ئي منهنجي دٻيل خواھش کي مير سردار چنڙ اڀاريو. ادا ٻڌايو ته ھو پاڻ ھن ڪتاب جو ترجمو سنڌي ۾ ڪري رھيو آھي.جنهن جو ھن نالو رکيو آھي "تون جڳ جاڳائيندي" جيئن ھن, ھن ڪتاب جو نالو رکيو آھي ته "تون جڳ جاڳائيندي" تيئن ئي ھي ڪتاب اسان کي پنهنجي مقصدن لاء جاڳائي ٿو.
    اسان جي زندگيء ۾ ڪيترائي مقصد,خواھشون ۽ خواب دنيا جي رڪاوٽن, پنهنجي بي يقيني, پنهنجي سستي ۽وقت تي صحيح فيصلو نه ڪرڻ جي ڪري اڌورا رھجي ويندا آھن. ھن ڪتاب جي انھن دفن ٿيل مقصدن دٻيل خواھشن جي ميڙن ۽ وڃايل خوابن کي ھمت حوصلي ۽ پوري ٿيڻ جي يقيني سان روح ڦوڪي ٻيھر زنده ڪري ٿو.
    مير سردار چنڙ جو ترجمو ڪيل ڪتاب اھو احساس پيدا ڪري ٿو ته زندگيء ۾ خراب حالتن جون رڪاوٽون اسان جي ناڪامي جو سبب ناھن بلڪه اسان جي سوچ ناڪامي کي پنهنجو نصيب سمجھي ھٿ تي ھٿ ڏئي ويھڻ آھي. ھي اسان کي مقصد تي قائم رھي , محنت,ھمت جاري رکي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو جيڪو رات اونداھي ۾ ڏيئي جي روشني مثل آھي.
    اسان جي سماج ۾ ڪاميابي جي خواب ڏسندڙ کي اھو چئي خاموش ڪرايو ويندو آھي ته خواب, خواب ئي ھوندا آھن ڪڏهن حقيقت ناهن ٿيندا.خواب ٿورا گھٽ ڏس! پر ڪتاب پڙھڻ بعد خبر پئي ته خواب ئي زندگي کي مقصد ڏين ٿا ۽ زندگي بيمقصد اجائي آ خواب انسان ۾ ڪاميابي جو روح وجھڻ برابر آھن. ۽ خواب جي پورائي ۽ ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ جو درومدار پاڻ تي يقين رکڻ ۽ مسلسل جدوجھد ڪرڻ تي آھي پنهنجو پاڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جو يقين رکڻ ئي ڪاميابي جي شروعات آهي.
    اسان اڪثر پنهنجو ڪم سڀاڻي تي ڇڏيندا آھيون اھو چئي ته سڀاڻي آرام سان ڪنداسين اھو چئي اسان پنهنجو اڄ وڃائيندا آھيو ۽ ايئن ئي ايندڙ ڏينهن به گذري ويندو آھي ۽ اسان پنهنجي طئي ڪيل مقصد کان ھڪ قدم پوئتي ٿي ويندا آھيون. تنهنڪري اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي ڇاڪاڻ ته سڀاڻي مستقبل آھي ۽ جيڪو اسان جي زندگي ۾ ھجي اھو ضروري ناهي تنهنڪري ڪاميابي جيترو جلدي حاصل ڪرڻ جي خواھش اٿو اوترو ئي جلدي ان کي حاصل ڪرڻ جي عملي جامو پارايو جنهن جو بھترين مثال مير سردار چنڙ جو ھي ترجمو ڪيل ڪتاب "تون جڳ جاڳائيندي " خد آھي.
    جيڪو چوي ٿو سڀاڻي نه اڄ انشاء الله چوء جيئن اڃايل پاڻي ڏي ويندو نه نڪي پاڻي اڃايل ڏانهن ويندو آھي. تيئن ئي مقصد جي منزل ڏانهن پھچڻ لاء ڪجهه رستا مقرر ڪري پھچڻو پوندو. جيسيتائين رستو نه ڳولبو تيسيتائين منزل تي پھچڻ ناممڪن آھي.
    ڪنهن به ڪم جي شروعات اسان جي سوچ کان شروع ٿيندي آھي جيستائين اسان جي سوچ سٺي ۽ ڪاميابي جي طرف نه ھوندي تيسيتائين اسان ڪامياب نٿا ٿي سگھون. سٺي سوچ سان گڏ ضروري آھي ته اسان پنهنجو آس پاس وارو ماحول به پنهنجي سوچ جھڙو رکون پاڻ کي اھڙن ماڻھن جي صحبت ۾ رکون جيڪي ڪامياب ھجن يا ڪاميابي جي لاء ڪم ڪري رھيا ھجن. اھڙي صحبت اسان جي سوچ کي حوصلو ڏيندي آھي پنهنجي مقصدن تائين پھچڻ جي ھي طريقا به ڪتاب جي ڪيل ھدايتن مان ئي آھن.
    پنهنجي زندگيء ۾ مقصد مقرر ڪرڻ وقت ھر ٻار ۽ ماڻھوي پنهنجي صلاحيتن جي مطابق ۽ پنهنجي دلي پسنديده پيشي کي کڻڻ گھرجي.
    جنهن سان ھو پنهنجي ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاء وڌ ۾ وڌ پنهنجي مرضي مطابق محنت ڪندو بجاء ڪنهن ڏياء جي.
    پنهنجي مقصد اڳيان پويا فائدن ۽ نقصانن جو جائزو پڻ وٺڻ گھرجي جيڪڏهن مقصد حاصل ڪرڻ کان پوء صرف نقصان ئي حاصل ٿين ته سمجھو توھان کي ڪاميابي نالي ھڪ ناڪامي ملي آھي. تنهنڪري پنهنجي زندگي ۾ اعليٰ مقصد ٺاھيو.
    ھن دنيا ۾ انسان لاء ڪو به ڪم ناممڪن ناهي ڇو ته دنيا جي ھر ايجاد ڪري شي انسان جي محنت جو ذريعو آھي. پر ڪنهن به ايجاد انسان ناھي ٺاھيو.جيڪڏهن ڪو انسان پنهنجي سوچ کي مضبوط رکي ۽ ھر وقت ڪوشش جاري رکي ته بيشڪ منزل پري ناهي! ڪاميابي توھان جا قدم چمندي. پنهنجي مقصد کي ڪامياب بڻائڻ جو پختو فيصلو ڪرڻ ضروري آھي اسان جو فيصلو ئي اسان کي ھر وقت ان مقصد جي ويجھو ڪندو آھي.
    ھن ڪتاب "تون جڳ جاڳائيندي" اسان جي ناڪامي کي به ڪاميابي جي رستي کي سڃاڻڻ جو ذريعو ٻڌايو آھي ڪنهن به نئين ڪم جي شروعات ۾ ناڪامي جو مظاھرو ضرور ٿيندو آھي پر حقيقت ۾ اھا ناڪامي ئي اسان کي ڪاميابي جو صحيح رستو ڏيکاريندي آھي ته جنهن رستي اسان کي ناڪامي ملي اھو غلط رستو آھي پوء اسان جو ٻئي ۽ صحيح رستي طرف لاڙو ٿيندو آھي.
    منزل جي وچ ۾ مسئلا ۽ رڪاوٽون اسان جي زندگي جو حصو آھي پر انھن جي اڳيان ھار مڃي ويھي رھندو ته ناڪامي اوھان جي نصيب جو حصو بڻجي ويندي تنهنڪري ضروري آھي ته انھن مسئلن جو حل ڪرڻ تي ڌيان ڏيو. ۽ منزل ۾ ايندڙ پٿرن کي ھٽائي اڳتي وڌي وڌي مقصد حاصل ڪيو.
    ھن ڪتاب ۾ اسان جي ناڪامي جو قرار اسان جي فطري بي معني عارضي خوف کي ڏنو آھي جيڪو اسان کي پنهنجي مقصد ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿو.

    ۔ جڏهن ته خوف اھو ھجڻ گھرجي ته جيڪڏهن اسان محنت نه ڪنداسين ته ناڪام ٿينداسين ۽ اھو ئي خوف اسان کي ڪاميابي جي ويجھو ڪندو آھي.
    اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي صفا ڪمزور محسوس آھيون ۽ ڪجهه غلط فيصلا ڪري ويھندا آھيون.
    ان وقت اسان کي ھڪ ھمدرد دوست ۽ ساٿي جي ضرورت ھوندي آھي جيڪو اسان جي طاقت بڻجي ۽ اڳيان وڌڻ جي ھمت ۽ حوصلو ڏئي اھو ساٿي نه صرف انسان دوست جي صورت ۾ ملن ٿا, پر سٺن ۽ ھدايتن سان ڀريل ڪتابن ۾ پڻ آھن . ڪتابن جو مطالعو انسان ۾ نئون روح ڦوڪيندا آھن انسان کي زندگي گذارڻ جو انداز مطالعي سان برابر بدلجي ويندو آھي.ڪجهه بھترين ڪتاب جي نئين سر تعمير ڪرڻ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪندا آھن . ھنن ڪتابن ۾ بھترين مثالي ڪتاب 'تون جڳ جاڳائيندي " به شامل آھي جيڪو اڄ جي شاگردن جي سخت ضرورت آھي . ھي ڪتاب ڪيرئر ڪائونسلنگ جو بھترين ڪتاب آھي جيڪو سڀني شاگردن توڙي استادن کي پڙھڻ کپي ھن ڪتاب جي ضرورت ھر فرد لاء مير سردار چنڙ جو ڪتاب "تون جڳ جاڳائيندي"سڦلتا پبلڪيشن پاران مارچ 2022۾ شايع ڪيو . 176 پيجن واري ڪتاب جي قيمت 300رکيل آھي. اميد ته ڪتاب ادب جي ميدان ۾ سٺو ڪردار ادا ڪندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو