قيدياڻي جي ڊائري جو مختصر اڀياس

'سنڌي ادب' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2022۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    قيدياڻي جي ڊائري
    مير سردار چنڙ

    "قيدياڻي جي ڊائري" اختر بلوچ جي لکيل جيل ڊائري آھي سنڌ جي سياسي تاريخ جي پھرين عورت قيدياڻي جو جيل ڊائري آھي جيڪا ون يونٽ دوران شاگردن پاران سنڌ جي تحفظ ۽ ٻولي جي بقا لاء لڳايل بک ھڙتالن ۽ احتجاج جي بدلي ۾ 19 سالا نوجوان ناري اختر بلوچ
    [​IMG]
    جي جيل ياترا تي لکيل آھي. اختر بلوچ کي يحي خان جي ملٽري ڪورٽ کيس ھڪ سال جي سزا ٻڌائي ھئي. اختر بلوچ جي ھي ڊائري سنڌ جي شاگرد سياست لاء ھڪ نئون اتساھ جوش جذبو پيدا ڪري ٿي ته شاگرد ڪڏهن به ڪمزور ناهن شاگرد ھن سماج کي لوڏي سگھن ٿا . اختر بلوچ اھا بھادر نياڻي ھئي جنهن جنهن اليڪشن دوران "ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع نه ٿيڻ" ۽ "شاگرد اڳواڻن تا ناجائز ڪيس ختم نه ٿيڻ خلاف ھڪ ڊگھو احتجاجي سلسلو قائم ڪيو ۽ بک ھڙتال ڪئي جنھن تان کيس وقت جي حڪمرانن جيل ۾ قيد ڪيو ۽ کيس ھڪ سال سزا ڏني .
    سنڌ جي ھي بھادر نياڻي اختر بلوچ ھڪ سياسي گھراڻي سان تعلق رکندڙ جيجي زرينه بلوچ جي ڌي ۽ رسول بخش پليجو جي پڻ اڳ ڄائي ڌي ھئي تنهن ڪري سندس زندگي تي سياست جو وڏو ھو ھن کي سياست جي بھترين ترتيب ٿيل ھئي تنهنڪري ھن کي وڏو اعتماد ھو ھن کي سنڌ سان وڏو پيار ھو ۽ ان پيار ۾ وڏو عزم ھو ھنن ڪڏهن ھار نه مڃي. پاڻ ڪڏهن نظريئي تان نه ھٽي ھن ۾ وڏو حوصلو ھمت نظر اچي ٿي. جيجي زرينه بلوچ کيس چوي ٿي ته " جيڪڏهن تون مري وئينء ته اھا اسان لاء خوشقسمتي ھوندي تو جھڙيون ھزارين نياڻيون سنڌ جي بقا ۽ عظمت تان قربان" سندس ماء جا اھي گفتا کيس لطيف واري سسئي بڻائن ٿا ماروي واري خديقيني قائم رکڻ ۾ ڪامياب ڪري ٿي.
    قيدياڻي جي ڊائري پڙھندي مونکي پھريون دفعو خبر پئي ته عورتن جي به الڳ جيل ٿيندي آھي عورتن جا جيل به مردن سان سخت ھوندا آھن ۽ انھن ۾ عورتن سان به اھڙا ئي ويڌن ٿين ٿا جيڪي مردن سان جيلن ۾ ٿيندي ٻڌاندا آھيون.
    اختر بلوچ جي جيل ياترا دوران جيل اندر سماج جا اھي ڏوھ جيڪي ھن سماج لاء ناسور آھن يا نه ! پر اسان جي قانون کيس سماج جو ناسور بڻايو آھي اھو سڀ ان ۾ آھي جيڪو ھن جيل دوران ڏٺو ھن جيل اندر رھندڙ سڀني قيدياڻين جا حال احوال ڏنا آھن ته ڪيئن اھي پنهنجي زندگي اتي بسر ڪن ٿيون انھن کان ڪيئن لاشعوري طور ڏوھ قتل ڪرايا ويا آھن اھي اٻوجھ عورتن جن سان پنهنجن ڀائرن به وفاداري ناھي ڪئي. ڪيتريون ئي ناحق جيل ۾ عورتون قيد آھن جنهن جي سالن کان ڪا سار سنڀال ناھي انھن سان ڪو ملاقاتي نه ٿو اچي.
    اختر بلوچ جي ھڪ جي ھي جدوجهد ھڪ اھڙي دور جي جدوجھد آھي جڏهن مردن کي گھر اندر به احتجاج جو حق نه ھو پر دور ۾ ھي ننڍڙي شاگرد نياڻي جو بکن ھڙتالن ۾ وڃي ويھڻ تمام وڏو جرئتمنداڻو فيصلو ھو سندس نظريو ايترو ته پڪو ھو جو ملٽري ڪورٽ ۾ کيس ھڪ آفيسر چيو ته : بک ھڙتال ڇوٿا ڪيو بک ھڙتال اسلام ۾ حرام آھي.. ته پاڻ چوي ٿي جڏهن اوھان جا ظلم جبر ڏاڍ وڌي وڃن ۽ اوھان طاقت جي زور تي ظلم ڪيو تڏهن اسان وٽ سواء بک ھڙتالن ۽ احتجاجن جي ڪجهه ناهي ھوندي اسان جا احتجاج ھي اسان لاء سڀ ڪجهه ھوندا آھن اھي احتجاج ئي اوھان اسان لاء ھٿيار آھن اسان جو آواز آھي جيڪي اوھان جو ھٿ ٺوڪيو نظام ڊاھي ھڪ نئون انقلابي سماج جوڙي سگھن ٿا. اختر بلوچ پاران جيڪي ھڪ ملٽري آفيسر سان جيڪي گفتا ڳالھائي ٿي اھڙا وزني گفتا صرف اھو ئي باھمت نوجوان ڳالھائي سگھي ٿو جيڪو پاڻ پختو مضبوط ۽ اٽل ارادو وارو ھجي.
    اختر بلوچ جي ھن ڊائري جي ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ تمام وڏي اھميت آھي ڇاڪاڻ ته ھي پھرين نياڻي آھي جيڪا ھن سماج جي خلاف اٿي ٿي ۽ وڏي جدوجھد ڪري ٿي جنهن سان سماج ۾ عورتن جي نئين سجاڳي پيدا ٿئي ٿي انھن ۾ ھمت حوصلو پيدا ٿئي ٿو جنهن سان عورتن ۾ خودعتمادي قائم ٿئي ٿي.
    اختر بلوچ جي ھن جدوجھد ھڪ اھڙي تحريڪ شروع ڪئي جنهن عورتن جو ھڪ وڏو تعداد سياست طرف مائل ڪيو جنھن جو "سنڌياڻي تحريڪ" ھڪ وڏو حوالو آھي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان عملي طور منظرعام تي آھي.
    سندس ھي ڊائري فخرمندي آھي ھر شاگرد ۽ اڳواڻ لاء آھي . ڇاڪاڻ ته ھي تاريخ انھن جي ھمت حوصلي ۽ جدوجھد جي تاريخ آھي.
     
  2. حفصہ نظاماڻي

    حفصہ نظاماڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41

هن صفحي کي مشهور ڪريو