ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
”
سنڌ جو واحد هنڌ جتي ٿڌ جو تناسب وڌيڪ ۽ هر موسم ۾ چؤطرف ساوڪ جو موجود هجڻ پهاڙن جي چوٽين جا حسين منظر ۽ هن جي جهوليءَ مان گذرندڙ نئين گاج جو خوبصورت نظارو وڻندڙ تازي ٿڌي آبهوا روزانو سوين ايندڙ سياحن جا سمورا ڏک سور ڪجهه وقت لاءِ ختم ڪري چهري تي مرڪ ضرور آڻن ٿا. سياحن جا سمورا ٿڪ ختم ٿي وڃن ٿا، طبعت خوش، جسماني ۽ ذهني سڪون سان سياح آرامده ٿي تفريحي جو پورو پورو مزو ماڻن ٿا، پر افسوس اهو اهم ماڳ سنڌ ۾ هجڻ سبب هر دؤر ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي. هن اهم ماڳ ۾ سياحن لاءِ ڪي به سهولتون نه آهن. فيملي جي رهائش لاءِ ڪو به انتظام نه آهي. ڪا به رهائش يا کاڌي پيتي جو هوٽل يا دڪان نه هجڻ سبب ايندڙ سياح سمورو کاڌ خوراڪ رهائش لاءِ بستر پاڻ سان گڏ آڻڻ سبب سخت مشڪلات جو شڪار آهن. گئس ۽ بجلي نه هجڻ سبب سياح ڪجهه ڏينهن رهڻ جي خواهش باوجود رهي نٿا سگهن ۽ اڪثر ساڳي ڏينهن يا هڪ ئي رات رهي واپس وڃن ٿا. هل اسٽيشن تائين روڊ ته ٺهيو آهي پر کاول لڪ وٽ تقريبن هڪ ڪلو ميٽر روڊ نه ٺهڻ سبب پٿريلي خطرناڪ لاهي چاڙهي وارو رستو سياحن لاءِ اڻانگو ٿي پوي ٿو. جڏهن ته ٺهيل روڊ به لاهين چاڙهين ۽ ور وڪڙن سبب انتهائي خطرناڪ آهي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته روڊ کي سڌو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ورتيون وڃن. ڪوهه مري جيان گورک تي به هوائي جهاز ذريعي پوري علائقي ۾ ڊگهي ۽ خوبصورت وڻڪاري لاءِ ٻج ڇٽيو وڃي. جيئن برساتن جو سلسلو به گورک تي اڪثر هجڻ ڪري سياح تفريح کان وڌيڪ لطف اندوز ٿي سگهي، هن ماڳ کي اهم سياحتي مرڪز بڻائڻ لاءِ جامع رٿا بندي ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي . جنهن سان صرف سنڌ نه پر سڄي ملڪ جي ماڻهن کي صرف لاجواب تفريحي گاهه پر مقامي ماڻهن کي روزگار جا اڻ ڳڻيا موقعا پڻ مهيا ٿيندا. تازو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ جي ماڻهن جي هن پراڻي گهر ۽ هن تفريحي ماڳ کي ملڪ جو بهترين تفريحي گاهه لائق بڻائڻ لاءِ 20 مارچ 2010ع تي اچي خاص هدايتون جاري ڪيون پر هن وقت تائين ڪو عمل نه ٿيو آهي.
گورگ هل اسٽيشن“ تي آخر ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي! - امتياز احمد ٻگهيو، سيتا روڊ