”گورگ هل اسٽيشن“ تي آخر ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي! - امتياز احمد ٻگهيو، سيتا روڊ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    گورگ هل اسٽيشن“ تي آخر ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي! - امتياز احمد ٻگهيو، سيتا روڊ​


    سنڌ جو واحد هنڌ جتي ٿڌ جو تناسب وڌيڪ ۽ هر موسم ۾ چؤطرف ساوڪ جو موجود هجڻ پهاڙن جي چوٽين جا حسين منظر ۽ هن جي جهوليءَ مان گذرندڙ نئين گاج جو خوبصورت نظارو وڻندڙ تازي ٿڌي آبهوا روزانو سوين ايندڙ سياحن جا سمورا ڏک سور ڪجهه وقت لاءِ ختم ڪري چهري تي مرڪ ضرور آڻن ٿا. سياحن جا سمورا ٿڪ ختم ٿي وڃن ٿا، طبعت خوش، جسماني ۽ ذهني سڪون سان سياح آرامده ٿي تفريحي جو پورو پورو مزو ماڻن ٿا، پر افسوس اهو اهم ماڳ سنڌ ۾ هجڻ سبب هر دؤر ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي. هن اهم ماڳ ۾ سياحن لاءِ ڪي به سهولتون نه آهن. فيملي جي رهائش لاءِ ڪو به انتظام نه آهي. ڪا به رهائش يا کاڌي پيتي جو هوٽل يا دڪان نه هجڻ سبب ايندڙ سياح سمورو کاڌ خوراڪ رهائش لاءِ بستر پاڻ سان گڏ آڻڻ سبب سخت مشڪلات جو شڪار آهن. گئس ۽ بجلي نه هجڻ سبب سياح ڪجهه ڏينهن رهڻ جي خواهش باوجود رهي نٿا سگهن ۽ اڪثر ساڳي ڏينهن يا هڪ ئي رات رهي واپس وڃن ٿا. هل اسٽيشن تائين روڊ ته ٺهيو آهي پر کاول لڪ وٽ تقريبن هڪ ڪلو ميٽر روڊ نه ٺهڻ سبب پٿريلي خطرناڪ لاهي چاڙهي وارو رستو سياحن لاءِ اڻانگو ٿي پوي ٿو. جڏهن ته ٺهيل روڊ به لاهين چاڙهين ۽ ور وڪڙن سبب انتهائي خطرناڪ آهي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته روڊ کي سڌو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ورتيون وڃن. ڪوهه مري جيان گورک تي به هوائي جهاز ذريعي پوري علائقي ۾ ڊگهي ۽ خوبصورت وڻڪاري لاءِ ٻج ڇٽيو وڃي. جيئن برساتن جو سلسلو به گورک تي اڪثر هجڻ ڪري سياح تفريح کان وڌيڪ لطف اندوز ٿي سگهي، هن ماڳ کي اهم سياحتي مرڪز بڻائڻ لاءِ جامع رٿا بندي ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي . جنهن سان صرف سنڌ نه پر سڄي ملڪ جي ماڻهن کي صرف لاجواب تفريحي گاهه پر مقامي ماڻهن کي روزگار جا اڻ ڳڻيا موقعا پڻ مهيا ٿيندا. تازو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ جي ماڻهن جي هن پراڻي گهر ۽ هن تفريحي ماڳ کي ملڪ جو بهترين تفريحي گاهه لائق بڻائڻ لاءِ 20 مارچ 2010ع تي اچي خاص هدايتون جاري ڪيون پر هن وقت تائين ڪو عمل نه ٿيو آهي.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ”گورگ هل اسٽيشن“ تي آخر ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي! - امتياز احمد ٻگهيو، سيتا روڊ

    ڏسو ٿا ته هي اميد به ڪهڙي دِور ۾ پوري ٿيندي توهان ڪنهن جي اڳيان مٿا پٽيو ٿا زرداري يا شاه صاحب جي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”گورگ هل اسٽيشن“ تي آخر ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي! - امتياز احمد ٻگهيو، سيتا روڊ

    ادا سائين اهو ڪم تڏهن ٿيندو جڏهن سائين محترم قائم علي شاهه جي اولاد جي اولاد وزير اعلا جي عهدي تي پهچندي ۔۔۔ هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا کائڻ جا ٻيا ۔۔۔ ؟

    سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ۔۔۔۔؟ سج اوڀر بجا اولهه کان نڪرندو ته اميد ڪم ٿي ويندو ۔۔۔ باقي اوهان مري کان مٿي وڃي ڏسو ته فوج روڊن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي ۽ اهڙا ته سهڻا روڊ ٺاهيا اٿن جو دل چوندي آهي ته ماڻهون بس ڊرائيونگ ڪندو ئي رهي ۔۔۔۔ وڃي ڏسو ۔۔۔ باقي سنڌ ويچاري آهي ۔۔۔ ويچاري رهندي ڪئي جڳن تائين ۔۔۔ سنڌ جو اولاد ننڊ ڪري اٿي ته خبر پوي ۔۔۔؟؟؟

    گورک هل تائين اڃان روڊ ئي نه ٺهيو آهي ته اڳتي ڪم ڪيئن ٿيندو ۔۔؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو