سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ

'مقالا' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2022۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ

    مير سردار چنڙ

    [​IMG]

    افسانو ڪھاڻي ادب جي اھا صنف آھن جنهن ۾ فرضي ڳالھين جي بنياد تي صداقت کي زندگي جي سڀني پھلوئن سان پيش ڪيو وڃي ٿوـ زندگي جي روز مره جي سڀني مسئلن جي اپٽار ڪھاڻي ذريعي ڪئي وڃي ٿي.
    افسانو هڪ اهڙو ادب پاره آهي، جو ڪنهن به حڪايتي انداز ۾ لکيل ٿئي ٿو، مگر خالصتًا حقيقت تي مبني نه آهي. هڪ ناول يا ننڍي ڪهاڻيءَ کي افسانو چئجي ٿو“. (1)

    انساني زندگي جي جذبن، حادثن، آزمائش جي گهڙين مان ڪنهن به هڪ گهڙيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي (Short story) آهي“. (2)

    سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي شروعات آکاڻيءَ کان ٿي سنڌي الف-ب ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ پرڏيهي ادب جي ترجمن، ڏيهي لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن کي لکت ۾ آندو ويو. سنڌيءَ ۾ دنيا جي اهم قصن ۽ داستانن کي ترجمو به ڪيو ويو آهي. جيئن ”چندر ڪائتا“، ”طلسم هوشربا“، ”الف ليلى“، ”داستان امير حمزه“، ”حاتم طائي“، ”چار درويش“، ”گُل خندان“، ”ممتاز دمساز“، ”گل بڪاولي“، ”بهرام گور“ وغيره. اصل قصا، سنسڪرت، هندي، اردو، عربي ۽ فارسي جا آهن. (3) جن جو ترجمو دنيا جي سڀني علمي زبانن ۾ موجود آهي. پهريون قصو جيڪو سنڌيءَ ۾ لکيو ويو اهو ڏيهي قصو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ هو. انهيءَ کان پوءِ ”مفيد الصبيان“ ميران محمد شاھ (اول) لکيو ۽ ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ ٻيا قصا لکيا ويا، ديوان ڪوڙيمل، اڌارام، مرزا قليچ بيگ، نانڪرام، ڌرمداس، لالچند امر ڏنو مل ۽ ٻين ڪجھ ننڍيون آکاڻيون لکيون.
    سنڌي ادب جي پھرين ڪھاڻي مرزا قليچ بيگ جي "شريفا بيگم" کي پھرين طبعزاد ڪھاڻي طور مڃيو وڃي ٿو پر ڪنهن نقادن موجب مرزا قليچ بيگ جي اھڙي ڪا به ڪھاڻي موجود ناھي (4)
    سنڌي پھرين اصولڪي ڪھاڻي "حر مکيء جا" آھي جيڪا لعل چند امرڏنيمل جڳتياڻي لکي جيڪا 1914ع سنڌ ڪاليج مسيلني ۾ شايع ٿي(5)
    حر مکي جا راء تي اڪثريتي اديب نقاد متفق آھن . " حر مکي جا" انگريز سامراج خلاف 1898ع ڌاري پھرين حر تحريڪ ھلي ھئي ان جي پسمنظر ۾ لکيل ڪھاڻي آھي جنهن کي سنڌي ادب جي پھرين مزاحمتي ڪھاڻي چئي سگھجي ٿي.
    ان دور ۾ شروعاتي ڪھاڻي جي سفر ۾ ٻين ليکڪن به سماجي براين غلط رسمن ۽ اوڻاين جي اپٽار ڪئي جنهن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي, ڄيٺمل پرسرام, جھٽمل ڀاوناڻي ڌرمداس ۽ نير چنداڻي محمد صديق مسافر لطف الله بدوي ۽ ٻيا ليکڪ شامل آھن.
    ان دور زن ڄيٺمل پرسرام جي ڪھاڻين جي سيريز چمڙا پوش جون آکاڻيون "ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون . جيڪي سنڌي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ھو. ڄيٺمل پرسرام خيلفي ھارون رشيد جي ڪردار ۾ متاثر ٿي پنهنجي ڪردار کي چمڙي جو روپ ڏئي رات جو اڏائيندو ھو ۽ ان جي اک سان جيڪو ڏسندو ھو اھو ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو اٿائين. جنهن ۾ نام ڪٺين سماجي ۽ ڌرمي آدرشن غليظ رسمن خلاف آواز اٿاريل آھي.
    ھن دور ۾ مرزا نادر بيگ ڪھاڻي ۾ نئون انقلاب آندو ھن ڪھاڻي کي حقيقت نگاري طرف آندو مرزا نادر بيگ فلاسفيڪل سوسائٽي جو ماڻھو ھو سندس لاجواب ڪھاڻي منظر عام تي آيون جن ۾ "موھني جو گھر" موھني جي اڳڻ تي" موھني جي ڊائري" وغيره ان دور ۾ حقيقت نگاري تي ھڪ شاھڪار ڪھاڻي "ادو عبدالرحمان" امر لعل ھنڱوراڻي 1930 ۾ لکي ھن دور کي ڪھاڻي جو حقيقت نگاري وارو دور چيو وڃي ٿو جنهن جو باني امر لعل ھنڱوراڻي آھي. سندس ھي ڪھاڻي" ادو عبدالرحمان" خودڪلامي جي ماڊرن دور تي لکيل پھرين ڪھاڻي آھي جنهن ۾ ھڪ درويش پنهنجو پاڻ سان ڳالھائي ٿو ان ۾ ڪورٽ اندر شاھدي ڏيندي ڪورٽ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏي ٿو ھي سنڌي ادب جي پھرين جديد حقيقي ۽ ڪلاسڪي ڪھاڻي ھئي.
    سنڌي ڪھاڻي ۾ حقيقت نگاري لاڙو اڳيان وڌي مارڪسزم جي اثر ھيٺ سماجي حقيقت نگاري ۾ بدليو جنهن کي ترقي پسند دور به چئجي ٿو جيڪو بنگال جي نامور افسانانويس منشي پريم چند 1936 ۾ نظريو ڏنو ھو. جنهن جا نمائندا ڪھاڻي ڪار گوبند مالھي, گوبند پنجاپي ڪيرت ٻاٻاڻي محمد ابراھيم جويو شيخ اياز ۽ ڪرشن کٽواڻي ھئا ھننج چو نظريو ھو طبقاتي بنياد جي آڌار تي ٺھيل نظام ۾ ختم ڪري انقلاب آڻجي .
    سنڌي ڪھاڻي جي ھن دور ۾ کوڙ ساريون ترقي پسند دور ھيٺ ڪھاڻيون لکيون ويو جن ۾ ڪجهه مشھور ڪھاڻين جو ذڪر ڪجي ٿو.
    ۔ "ململ جو چولو" عثمان انصاري "سرد آھون" گوبند پنجاپي "آکيري جو ٽٽڻ " سوڀوگيانچنداڻي "ھو ھڪ ڇوڪري ھئي " ڪرشن کٽواڻي "کلڻي, سفيد وحشي, رولو ڪارو, "شيخ اياز "منجري ڪولھڻ" ليکو تليسياڻي حشو ڪيولراڻي سڳن آھوجا ۽ ٻين ڪھاڻيڪارن جو ڪھاڻيون مشھور ٿيون .
    1947 ع ۾ ورھاڱو ٿيو ۽ ورھاڱي کان پوء ڪھاڻي تي گھرو اثر پيو ھن دور ۾ ڪھاڻي ننڌڻڪي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته سنڌي ڪھاڻي جي اڪثريتي ڪھاڻيڪار ھندو سنڌي ليکڪ ھئا جيڪي ورھاڱي کان پوء ھندستان ھليا ويا جنهن جي ڪري کوڙ سارا پبلڪيشن رسالا بند ٿي ويا.
    ڪجهه سالن جي وٿي کان پوء سنڌ ۾ ٻيھر رسالا ڇپجڻ شروع ٿيا جنهن ۾ ٽي ماھي مھراڻ قابل ذڪر آھي ھن دور ۾ نوان ڪھاڻيڪار سامھون آيا جن ترقي پسند دور ۽ حقيقت نگاري جي آڌار تي ڪھاڻيون لکيون ان وقت ڪھاڻي جا موضوع وڏيري ھارص شاھوڪار پورھيت جا فرق ويڇا معاشري ۾ غريب مسڪين سان ٿيندڙ ويڇا ورھاڱي جا سور ھئا مطلب ته ھڪ ئي موضوع تي سڀ ڪھاڻيون لکجن پيو ھن دور ۾ جمال ابڙو بشير مورياڻي غلام رباني اياز قادري رشيد ڀٽي سراج شيخ راز ۽ ٻيا ڪھاڻيڪار ھئا ھنن معاشري ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ظلم طبقاتي نظام ۾ اڻبراري ناانصالفين خلاف جدوجھد ڪئي.
    ھن دور ۾ جمال ابڙي "پشوپاشا" ڪھاڻي لکي جڏهن ته ان جي جوابي ڪھاڻي اياز قادري"بلودادا"لکي غلام رباني "شيدو ڌاڙيل" "جمال ابڙو "بدمعاش" جھڙا ڪردار وجود ۾ آيا جن ظلم ناانصافين خلاف جدوجھد ڪئي احتجاج ڪيا ھن ڪردار سنڌي ادب ۾ نوان بحث شروع ڪيا.
    جمال ابڙي سنڌي ڪھاڻي جي پلاٽ تي وڏو زور ڏنو پاڻ ترقي پسند دور جو نمائندا ڪھاڻيڪار ھو ھن جي ڪھاڻين جا موضوع سنڌ جي ذرعي سماج مان کنيل آھن اڪثر سندس ڪردار ننڍن ٻارن جا ھوندا ھئا سندس ڪھاڻي " خميسي جو ڪوٽ" ۾ ننڍو ٻار سخت سردي ۾ ڦاٽل وڏو ڪوٽ پائلي مال چاريندي نظر اچي ٿو ته وري "پيراڻي" ۾ غربت سبب والدين پنهنجي معصوم ڌي پيراڻي کي وڪڻ ٿا "شاھ جو ڦر" ۾ وري ننڍي معصوم ٻار کي طبقاتي نظام ھيٺ ماريو وڃي ٿو مطلب ته جمال ابڙو جي ڪھاڻين ۾ ھر بنيادي ناانصافي خلاف احتجاج ٿيل ھو سندس "پشو پاشا" "بدمعاش" سميت ٽوٽل 17 سميت لاجواب ڪھاڻيون آھن جمال ابڙو کي سنڌي ڪھاڻي جو باني چيو وڃي ٿو.
    ھن دور ۾ نجم عباسي به ٻھترين ڪھاڻيڪار ھو ھي جيتوڻيڪ ورھاڱي کان اڳ جو لکندڙ ھو پر سندس ڪھاڻي ۾ پختگي پوء آئي سندس ڪھاڻي "ڇوڏو" سنڌي جي ٻھراڙين ۾ ھلندڙ عقيدن جي ويساھ تي لکيل آھي.
    ورھاڱي کان پوء بيگم زينت عبد الله چنا پھرين عورت ڪھاڻيڪار ھئي جنهن جو ڪھاڻيون "مٺي" من اجرو تن اجرو" مشھور آھن.
    50 واري ڏھاڪي کان پوء سنڌي ڪھاڻي ۾ ترقي پسند دور ختم ٿي رھيو ھو ڇاڪاڻ ته ھن دور جا ڪھاڻيڪار ڪھاڻيون لکڻ ڇڏي ويا ھئا ته اتي وري ھڪ نئون دور شروع ٿئي ٿو ھڪ نئين ٽھي ڪھاڻيڪارن جي اچي تي ھنن جي ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاري ته ھئي پر نظرياتي اثر نه ھئا سندن ڪھاڻي ۾ ڳوٺاڻو ماحول ڪرداري نگاري جو وڏو اثر ھو ھنن رومانس کي نئين سر جياريو پيار محبت جو موضوع وري کڻي آيا ھن دور جا ڪھاڻيڪار آغا سليم نسيم کرل قمر شھباز امرجليل حميد سنڌي مھتاب محبوب طارق اشرف ممتاز مرزا قاضي خادم ۽ ٻيا ھئا . ھن دور ۾ رسول بخش پليجو به ڪھاڻيڪار جي حيثيت سان نروار ٿيو جيڪو گھڻ اڀياسي نقاد ھو. ھن دور ۾ ڪھاڻي ڪھاڻي گھٽ ٻوسٽ ۾ مان نڪري آزاد فضا ۾ آئي ڪھاڻي جي اسلوب ۾ ڪافي حد تائين نواڻ آئي.
    نسيم کرل ھن دور جو ھن نھايت ڪھاڻيڪار ھو ھن کي ڪھاڻي جو شاھ ڪاريگر سڏيو وڃي ٿو ھن جي ڪھاڻي جا ڪردار موضوع سنڌ جو ڳوٺاڻا چور ڪاٽڪو پوليس بيورڪريسي ھاري وڏيرا ھئا جيئن ته نسيم کرل پاڻ وڏيرو ھو ان ڪري سندس ڪھاڻي ۾ وڏو اسلوب ھو ھن ڪھاڻي ۾ نواڻ آندي ڳوٺاڻو ماحول بھترين نموني پيش ڪيو.
    امر جليل سنڌي ڪھاڻي جو برک ڪھاڻيڪار آھي جنهن جي ڪھاڻي جو موضوع گھڻو اڀياسي موضوع آھي ھن جي موضوعن مزاح آھي ھن جي ڪھاڻين جا موضوع اڪثر مذھبي ڪٽرپڻي سماجي حالتن جي عڪاسي ٻولي قوم ڳوٺاڻي ۽ شھري ماڻھن ۾ تضاد جھڙا موضوع آھي سندس ڪھاڻين ۾ مزاح جام ھوندو آھي سندس مشھور ڪھاڻين ۾ "سرد لاش جو سفر" "عشق ۽ انٽرويو" "اروڙ جو مست" ۽ ٻيون آھن.
    شوڪت شورو ھن دور جو بھترين ڪھاڻيڪار ھو ھن حقيقي ۽ مزاحمتي ڪھاڻيون لکيون ھن جو وجوديت جي لاڙي جو وڏو اثر ھو ھن ڪھاڻين ۾ "سمنڊ ۽ ھيڪلو روح" "گم ٿيل پاڇو" رات جو رنگ" وغيره شامل آھن.
    حليم بروھي جون مزاح سان ڀرپور ڪھاڻيون ملن ٿيو ھن ۾ سماجي مسئلا تنزيه انداز ۾ پيش ڪيل ھونديون ھيون.
    ماڻڪ شروع ۾ مارڪسوادي ۽ ڪميٽڊ ليکڪ ھو سو اڳتي ھلي آئڊلاجي ۽ آدرشن جو شڪار ٿي ويو ھن سنڌي ادب ۾ وجوديت تي وڏو ڪيو ھن ڪجهه جديد ڪھاڻيون لکيون ۽ وجوديت سان لاڳپيل ھجڻ ڪري ھن پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ۽ زندگي کان تنگ ٿي ڪري 26جنوري 1982ع تي وفات ڪيائين
    ھن دور جو اھم ڪھاڻيڪار علي بابا جيڪو ڪھاڻيڪار ڊرامانگار ۽ ناولنگار ھو سندس ڪھاڻين جا ڪردار ڳوٺاڻا ڀنگي ڀاگڙي ۽ ڀيل ھئا سندس ڪھاڻين تي سنڌ ۽ سنڌو جو وڏو اثر ھو ھي جديديت ۽ ترقي پسند دور کي ملائي ھڪ ھڪ اسلوب ڊڪشن قائم ڪيو جن کي علي بابائي اسلوب چيو وڃي ٿو.
    ترقي پسند کان پوء جديديت Modernism جو لاڙو آيو ھن ۾ ڪھاڻي مڪمل پچي راس ٿي چڪي ھئي ھاڻ ڪھاڻي ۾ فلسفو سائنس ادب آرٽ رياست ملڪ ٻولي عشق محبت شادي طلاق مطلب ته سڀ موضوع اچي چڪا ھئا.
    ھن لاڙو اڄ تائين ھلي ٿو ھن دور ۾ ڪھاڻيڪار ۾ نورالھدي شاھ جيجي زرينه بلوچ تنوير عباسي ولي رام ولڀ ملڪ اگاڻي انور ڪليم شمس الدين عرساڻي طارق قريشي ضراب حيدر عين سحر فرزانه شاھين سليم چنا رسول ميمڻ وغيره آھن.

    حوالا

    1عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر
    2ميمڻ پروين موسي " اٿي رائو ريل" "سنڌي افسانو"
    3 ميمڻ پروين موسيٰ، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2008ع،
    4 شوڪت شورو " سئو سالا چونڊ سنڌي ڪھاڻيون
    5 وڪيپيڊيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو