18 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    18 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    18 اپريل 1886ع تي سنڌي ادب، ثقافت، علم، فن، تهذيب ۽ تمدن جو پارکو علامه آءِ آءِ قاضي اصل نالو امداد علي ولد امام علي قاضي جي ولادت حيدرآباد ۾ ٿي.
    18 اپريل 1924ع تي پارپٽي ڪرشن آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائي، ادبي سڃاڻپ، نثر نگار ۽ مضمون نگار اٿس.
    18 اپريل 1942ع تي پيئر لاوال، فرانس جو وزيراعظم ٿيو.
    18 اپريل 1945ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر غلام حسين رنگريز ڳوٺ ميرپور بٺورو ۾ جنم ورتو.
    18 اپريل 1946ع تي ليگ آف نيشنز کي ختم ڪيو ويو.
    18-اپريل 1955ع تي مشھور سائنسدان البرٽ آئنسٽائن آمريڪا جي پرنسٽن شھر ۾ وفات ڪئي.
    18 اپريل 1956ع تي نثر نويس لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي ڀارت ۾ لوڪ پڌاريو، سندس وصيت مطابق سندس سنک ۾ آڻي سنڌو نديءَ حيدرآباد جي ڀر ۾ پرواهه ڪيا ويا.
    18 اپريل 1956ع تي مصر ۽ اسرائيل جنگ بندي تي رضامند ٿيا.
    18 اپريل 1962ع تي روحاني پيشوا ۽ باوقار انسان، حماد الله هاليجوي ولد ميان محمود اندڙ وفات ڪئي.
    18 اپريل 1962ع تي بالي ووڊ اداڪار پونم ڍلون ڪانپور ۾ ڄائي.
    18 اپريل 1970ع تي آرٽسٽ نياز جاني جو جنم ڏينھن آهي.
    18 اپريل 1976ع تي ليکڪ الله بخش ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
    18 اپريل 1993ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ ڪابينا کي برطرف ڪري ڇڏيو.
    18 اپريل 1993ع تي بلخ شير مزاري کي پاڪستان جو نگران وزيراعظم چونڊيو ويو.
    18 اپريل 2019ع تي غزل جو بادشاهه شاعر وفا پلي اصل نالو ولي محمد ولد خانصاحب عطا محمد پلي، گهڻي بيماري کان پوءِ راھ رباني ورتي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو