19 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    230
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    19 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    19 اپريل 1832ع تي اسپيني شاعر، ڊراما نگار ۽ نوبل انعام يافته جوزي ايشوگرائي، جو جنم ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1882ع تي چارلس ڊارون، يو ڪي ۾ دل جي دوري دوران وڇڙي ويو.
    19 اپريل 1904ع تي مرثيه گو شاعر، غلام حسين ملنگ ولد سيٺ غلام علي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ننڍي شھر ضلعي بدين ۾ ڄائو.
    19 اپريل 1904ع تي محمد حنيف صديقي ولد حاجي محمد صالح صديقي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ محقق، مترجم، ليکڪ ۽ فرض شناس آفيسر هو.
    19 اپريل 1912ع تي آمريڪي ڪيميادان ۽ نوبل انعام يافته گلين ٽي سي بورگ، جو جنم ٿيو.
    19 اپريل 1928ع تي عالم ۽ ڀٽائي جو پارکو ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو.
    19 اپريل 1931ع تي پاڪستان جي نامور اداڪار محمد علي جو جنم رامپور انڊيا ۾ ٿيو.
    19 اپريل 1940ع تي ٻئين جنگِ عظيم جي دوران جرمني، ڊينمارڪ ۽ ناروي تي حملا ڪيا.
    19 اپريل 1946ع تي انگلينڊ جي رانديگر ايلن ناٽ جو جنم ڏينھن آهي.
    19 اپريل 1946ع تي قومن جي ليگ سڀ اختيار گڏيل قومن جي حوالي ڪري ڇڏيا.
    19 اپريل 1948ع تي برما، اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
    19 اپريل 1960ع تي ٿيٽر، ٽي وي اداڪار ۽ مزاحيه اداڪار عمر شريف لياقت ٽائون ڪراچي ۾ جنم ورتو.
    19 اپريل 1967ع تي ناليوارو شاعر ڪھاڻيڪار ۽ پبلشر الطاف ملڪاڻي دادو شھر ۾ جنم ورتو.
    19 اپريل 1971ع تي نوجوان شاعر امتياز سومرو ولد گل حسن سومرو (پير جو ڳوٺ) نئون ديرو ۾ جنم ورتو.
    19 اپريل 1974ع تي اڳوڻو صدر فيلڊ مارشل ۽ سياستدان ايوب خان جو وڇوڙو ٿيو.
    19 اپريل 1975ع تي هندستان پنهنجو پهريون سيٽلائيٽ، آريا ڀٽ لانچ ڪيو.
    19 اپريل 1981ع تي سنڌ جو مشھور مزاحيه اداڪار خادم کوکر ولد حاجي علي اڪبر کوکر ڳوٺ دڙي خير محمد کوکر لڳ ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
    19 اپريل 1986ع تي پيپلز پارٽي جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل جي.اي.رحيم جو وڇوڙو ٿيو.
    19 اپريل 2015ع تي ريڊيو ڪمپيئر ۽ شاعر الهورايو انور موج، ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو