ڪتاب "الفوائد الاشرفيه في قواعد الصرفيه" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    238
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG]
    ڪتاب "الفوائد الاشرفيه في قواعد الصرفيه" جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    رويء خوبت آيتي از لطفِ برماکشف کرد،
    زان سبب جز لطف وخوبي نيست در تفسير ما.
    ( ديوان حافظ شيرازي )
    دنيا جي اندر تمام گهڻيون ٻوليون آهن، اهي تاريخ طور تي پنهنجو حسن جمال رکن ٿيون. گرامر جو قانون، لغت نويسي ،لوڪ ادب ۽ لسانياتي بيھڪون ٻوليءَ جي لحاظ کان جاگرافيائي طور پنهنجي ترتيب ۾ وڏو ذخيرو رکن ٿيون. اهڙي تربيت ۾ مفتي نجم الدين اشرفي علم صرف کي عربي ۽ فارسيءَ کان آسان سنڌيءَ جو ويس اوڙيو آهي، اهو عمل سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ انتهائي لاڀ ڏيندڙ محسوس ٿئي ٿو. مٿيون شعر جيڪو حافظ شيرازي جو آهي، اهو هن ڪتاب، علم جي طلب ۽ جستجو ڪندڙ لاءِ بهترين رستو آهي. شعر جو ترجمو " تنهنجي حسين مُکڙي مهربانيءَ سان اسان تي هڪڙي آيت( نشاني) پڌري ڪئي، انهيءَ سبب کان اسان جي بيان ۾ لطف ۽ خوبيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي." ادب جو فڪرو ڪڏهن هڪ سٽ جو به ڪمال جو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي دور واضع ڪندو آهي. ڪتاب جي تقريظ ۾ فقير خليل احمد جان الاشرفي لکي ٿو ته :" بغور مطالعو ڪيم ۽ علم الصرف جي شائقین لاءِ مفيد لڌم "
    هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو، جي هو سچ چوي ٿو.
    سچار ماڻهوءَ جو ڪردار املھ رهي ٿو، تاريخ ۾ اهڙي نوعيت جا ڪافي فرد آهن. جن پنهنجي قوم، ٻولي، ثقافت، ادب ۽ ڪلچر کي دنيا آڏو ظاهر ڪيو، تاريخ انهن کي سائنسدان، مفڪر، عالم، اديب ۽ رهبر جي نگاھ سان ڏسي ٿي. اهڙي واٽ تي هن دور جو عالم با عمل مفتي نجم الدين اشرفي به ادب ۽ دين لاءِ ڪوشش ڪندڙ ۽ سونهو بڻيل آهي. ڪتاب بابت مفتي عبدالحليم غفاري لکي ٿو ته :" اڄڪلهه ان شيءِ جي سنڌ ۾ سنڌي ڀائرن لاءِ هڪ اهم تحفو آهي، ان جي سخت ضرورت هئي ﷲ تعالي انھن جي ان محنت کي قبول فرمائي."
    ڪنھن علم يا ان جي شاخ تي طبع آزمائي ڪرڻ آسان ڪم ڪونھي، جن به پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي اهي دنيا لاءِ روشن ڏيئو آهن، واٽ به اهڙن فردن جي منتظر آهي. پير حسام الدين راشدي شاھ لطيف لاءِ لکي ٿو ته :" در حقيقت هن جي ذات يا هن جو پيغام نه ڪنھن خاص طبقي جي ميراث آهي ۽ نه ڪنھن خاص ملڪ جي ملڪيت آهي. هن جو ڪلام انساني برادري جي ميراث ۽ هن جو پيغام سڀني انسانن لاءِ آهي ڀل هو مشرق ۾ رهندا هجن يا مغرب ۾." ارشاد صرف هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو عرب ۽ عجم لاءِ هڪ جهڙو ڪارائتو علم آهي. وري به جس آهي سنڌ جي عالمن، شاعرن ۽اديبن کي جن انسانيت لاءِ علمبرداري جو ڪردار ادا ڪيو آهي. تڏهن مفتي سيد محمد حسن شاھ بخاري لکي ٿو ته :" موصوف وڏي ذهانت، بصيرت ۽ بصارت سان صرف جي علم ۽ تعليلات، قوانين صرفيه، ابواب صرف، گردان ۽ صيغا آسان ۽ خوش اسلوبي سان ۽ سولي سمجهاڻي سان کليل بيان ڪيل آهن." عربي ٻوليءَ جو بنيادي علم صرف ۽ نحو آهي، صرف ۽ نحو زبان جي صحت جو اقدار آهن ۽ زبان پاڻ مقصد کي ظاهر ڪرڻ جو اوزار آهي. ڪتاب جو مقدمو به تفصيلي طور تي معني خيز آهي. جنھن جو مختصر حصو پڙهندڙن لاءِ :-" صرف هڪ اصولي علم آهي، جنھن جي حاصل ڪرڻ سان علمن جي تخفيف ابدال ۽ حذف وغيره جا اصول معلوم ٿيندا آهن. صرف جي علم ۾ صيغي ۽ ان جي بِنا جي لحاظ ساڻ بحث ڪيو ويندو آهي. عرب جي ڪلام ۾ صيغي ۽ ان جي بنا جي اعتبار کان ذهن کي لفظي غلطيءَ کان بچائڻ آهي." دنيا جي اندر تقريبًا ٻوليون واحد جمع جي اعتبار کان ڳالهايون وينديون آهن پر عربي ٻوليءَ جي بيهڪ، واحد، اثنين ۽ثالث تي آڌاريل آهي مثلن ضَرَبَ، واحد. ضَرَبَا، اثنين( تثنيه ) ضَرَبُوا، جمع( ثالث ) عربي ٻوليءَ جا لفظ انھن گردان ۽ صيغن ۾ ڦرن ٿا.
    ڪنھن ڏاهي جو قول آهي ته : "لفظ جادوءَ جي حيثيت رکن ٿا، اهي بيسود ۽ بي مهل استعمال ڪرڻ سان ڦڪا ٿي ويندا."
    شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ "سنڌي ويا ڪرڻ" ۾ لکي ٿو ته : "علم صرف :- لفظ جي عربي لغت ۾ معني آهي ڦيرائڻ، يعني ڦيرو يا گردان، انهيءَ موجب لفظ جدا جدا صورتن ۾ ڦرن ٿا. جيئن اسم، جنس ۽ عدد ۽ حالتن موجب ڦرن ٿا ۽ فعل زمانن موجب ڦرن ٿا ۽ سڀني قسم جي لفظن جون جدا جدا صورتون ۽ صيغا صرف ۾ داخل آهن. " جنھن علم کي انگريزي ۾ گرامر ٿا چون، تنھن کي عربي ۽ فارسي ۾ صرف ونحو ٿا چون ۽ سنسڪرت ۾" ويا ڪرڻ " جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي اصل پراڪرت وسيلي سنسڪرت مان نڪتل آهي ته به عربن جي فتح کان پوءِ جنھن کي تيرنهن سو ورھ ٿيندا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترا بي انداز عربي ۽ فارسي جا لفظ گڏجي پيا آهن جو گهڻو ڪري نج سنڌي ٻولي ۽ عربي لفظن جي سڃاڻپ مشڪل ٿي پئي آهي. "
    مفتي نجم الدين اشرفي جي زندگيءَ جو مقصد به اهو آهي ته هر طالب علم جو لمحو لمحو روشن هجي، جيڪو دنيا جي جنھن به مقام تي پهچي اهو لمحو با مقصد ۽ حوصلي سان نظر اچي، ان جي بنا تي مفتي نجم الدين درس تدريس سان گڏ اخبارن ۽ رسالن ۾ وقتائتي ڄاڻ ڏيندو رهي ٿو. زندگيءَ ۾ ڀروسو رڳو علم تي ڪري سگهجي ٿو. اهو علم ئي آهي جيڪو انسانيت سان گڏ اعلي مقام ڏياري ٿو، اعلي مقام تصور مان جڙي ٿو. جيئن غالب چيو ته :
    ميں بند کیسے آنکھ تصور مين پڑا ہون،
    ایسے میں کوئی چھم سے آجائي.
    ڪتاب الفوائد الاشرفيه في قواعد الصرفيه 431 صفن تي مشتمل آهي، اهو ڪتاب صدين تائين حاضر علم ۽ طالب جي طلب کي پورو ڪندو رهندو. اهڙي ڪتاب جي ارپنا مفتي نجم الدين اشرفي پنھنجي والدين جي نالي ڪئي آهي . والدين ئي علم جي پهرين ۽ بهترين درسگاھ آهن جتان هر فرد کي علم پنهنجي ميراث طور ملي ٿو. آخر ۾ مفتي نجم الدين اشرفي لاءِ لطيف سرڪار جون هي سٽون ته :
    ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀوئنر ڀري آڪاس،
    ٻنھي سندي ڳالھڙي، رزاق آندي راس،
    تنھن عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو