2مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    2مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    2 مئي 1519ع تي مشھور مصور، ليونارڊو جو وڇوڙو ٿيو.
    2 مئي 1729ع تي روس جي ملڪه ڪيٿرائن جو جنم ڏينھن آهي.
    2 مئي 1912ع تي رئيس امروهي جي وڏي ڀاءُ سيد محمد تقي جو جنم ڏينھن آهي.
    2 مئي 1924ع تي جمال ابڙو، ”جمال الدين“ ولد علي خان ابڙو ڳوٺ سانگين تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ويهين صدي جي وڏن سنڌي ڪھاڻيڪارن مان هڪ آهي.
    2 مئي 1951ع تي ايران ۾ تيل جي صنعت کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو.
    2 مئي 1952ع تي تنوير جوڻيجو مٺي ۾ پيدا ٿيو، اباڻو شھر (پاٽ ضلعو دادو) ادبي سڃاڻپ ماهر سماجيات، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار اٿس.
    2 مئي 1952ع تي اردن جو شاهه حسين تخت نشين ٿيو.
    2 مئي 1955ع تي ليکڪ ضياءَ شاهه جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو.
    2 مئي 1964ع تي ناليوارو صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي ولد قاضي فيض محمد، نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
    2 مئي 1969ع تي ويسٽ انڊيز جي مشھور ڪرڪيٽر برائن لارا جو جنم ڏينھن آهي.
    2 مئي 1970ع تي سردار محمد عثمان سومرو 68 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    2 مئي 1974ع تي پاڪستان جا تمام جنگي قيدي وطن واپس پھتا.
    2 مئي 1976ع تي نامور باڪسر، محمد علي، جمي ينگ کي شڪست ڏئي عالمي اعزاز پنھنجي نالي برقرار رکيو.
    2 مئي 1976ع تي نوجوان شاعر سڪندر کرل ڳوٺ نسيم کرل تعلقي گمبٽ ۾ پيدا ٿيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو