سنڌ سونهاريءَ جي غريب ماروئڙن سان سامراجي نظام سبب سدائين ڪلور ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به اھو سلسلو جاري آهي. اھڙي ئي نظام جو هڪ نئون مثال ڳوڌو مائنر تي ملي ٿو. ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي محرابپور جي ڏکڻ پاسي ۾ واقع زمينن ۽ آبادين کي ڳوڌو شاخ جو پاڻي سيراب ڪندو آهي. پر گذريل ڪجھ مھينن کان منڍ وارا آبادگار پنھنجي من مرضي ۽ ناجائز طريقن سان پاڻي روڪي ۽ استعمال ڪري رهيا آهن. جڏھن ته پڇڙيء جي علائقن خاص طور ڳوٺ طاھر نانگور، شھبيگ لاشاري، يوسف نانگور ۽ ڳوٺ نھان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي ناهي آيو. علائقي واسين سان گڏ ھر سنڌي مارو ۽ مالوند جي اھا التجا آهي ته خدارا پاڻيءَ جھڙي جيون کي سڀني لاء منصفاڻي طريقي سان ورھايو وڃي ۽ سامراجي نظام ۽ حق خورن کي قانوني سزائون ڏئي عوام جي لاءِ آساني پيدا ڪئي وڃي.