سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ان جا ڪجھ ويجھا سبب

'تازيون خبرون' فورم ۾ ابن الھيار طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2022۔

  1. ابن الھيار

    ابن الھيار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد (تعليم حاصل ڪرڻ).
    ماڳ:
    ڳوٺ نھانء (طاهر نانگور ) تعلقه محراب پور .
    سنڌ سونهاريءَ جي غريب ماروئڙن سان سامراجي نظام سبب سدائين ڪلور ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به اھو سلسلو جاري آهي.
    اھڙي ئي نظام جو هڪ نئون مثال ڳوڌو مائنر تي ملي ٿو. ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي محرابپور جي ڏکڻ پاسي ۾ واقع زمينن ۽ آبادين کي ڳوڌو شاخ جو پاڻي سيراب ڪندو آهي. پر گذريل ڪجھ مھينن کان منڍ وارا آبادگار پنھنجي من مرضي ۽ ناجائز طريقن سان پاڻي روڪي ۽ استعمال ڪري رهيا آهن. جڏھن ته پڇڙيء جي علائقن خاص طور ڳوٺ طاھر نانگور، شھبيگ لاشاري، يوسف نانگور ۽ ڳوٺ نھان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي ناهي آيو. علائقي واسين سان گڏ ھر سنڌي مارو ۽ مالوند جي اھا التجا آهي ته خدارا پاڻيءَ جھڙي جيون کي سڀني لاء منصفاڻي طريقي سان ورھايو وڃي ۽ سامراجي نظام ۽ حق خورن کي قانوني سزائون ڏئي عوام جي لاءِ آساني پيدا ڪئي وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو