ڪتاب "گيتن جو گلدستو" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "گيتن جو گلدستو "جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    وطن سنڌ منھنجو سدا شاد رکجان،
    رهي مرڪندو شل سدا منھنجا سائين.
    ( جانب جواڻ )
    زندگيءَ جو مقصد اهو آهي ته هن سماج جي داخلي ۽ خارجي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي لطيف طريقي سان هل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪجي. گيتن جو گلدستو ۾ محمد جواڻ جانب سومري معصوميت ، ٻاروتڻ يا ننڍپڻ جي زندگيءَ کي پريت سان ڏٺو آهي. توحيد سان گڏ سڄي جهان جي سڌ جو مزاج آسان طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿس، جا سماجي زندگيءَ ۾ ٻار لاءِ اهميت جوڳي آهي.
    سڀ کي رزق رسائين ٿو هر جا،
    ڏيھ سڄي جو آن ڏاتار خدا.
    ننڍي ذهن ۽ جسم جو ڄڻ، جواڻ سومرو سهولتڪار آهي ۽ رنج خوشي جي واٽ کي آسان طريقي سان بيان ڪيو اٿس.
    صبح جو سويري اُٿڻ ساڻ وهنجي،
    صحت جو سجايو ڪو گلدان ٻارو.
    اسڪول وڃڻ لئه آتا ٻار،
    ٻوڏ ستايل سارا ٻار.
    پبلشر نوٽ ۾ فياض انور بخاري لکي ٿو ته :"ٻاراڻي ادب جي سرجڻھارن واري فهرست تي نظر پوندي ته اسان کي محمد جواڻ جانب سومرو جو نانءُ پڻ چٽو نظر ايندو. محمد جواڻ جانب سومرو ڪنھن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس نالي کان هرڪو چڱي طرح واقف آهي".
    دعا جي مهل ۽ جدوجهد جي واٽ تي هلڻ لاءِ جانب جوان سومرو ٻاروتڻ جو سهڪاري طور ڪردار ٿو ادا ڪري.
    نعت لکڻ سان جانب تنھنجو،
    چمڪي پوندو ڀاڳ ستارو.
    سجدي ۾ جنھن ڪنڌ ڪٽايو،
    ناني جو آ دين بچايو.
    ڪتاب جو مھاڳ پروفيسر مختيار سمون لکيو آهي، لکي ٿو ته :"جانب سومري پنھنجي هن شعري مجموعي ۾ پڻ ٻارن لاءِ پنھنجي پهرين شاعريءَ جي ڪتاب" گلڙا گلڙا گيت " وانگر اهڙا ته دلچسپ نظم شامل ڪيا آهن جيڪي هر عمر جي ٻار کي انھن مان حِظ حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا".
    مون کي هر ڪو ٻار وڻي ٿو،
    سر جو هر سينگار وڻي ٿو.
    جي هن منھنجي اڳيان ٻالڪ،
    پوءِ سڄو سنسار وڻي ٿو.
    سنسار جي پريت جو سبق مڪمل طور ٻار تائين پهچائڻ ضروري آهي پوءِ حالتون ڪهڙيون به هجن، ٻار جي ذهن کي صحت مند ۽ کرو رکڻو آهي.
    مير حسن ملزم شر لکي ٿو ته : "هي سونهن، سچ ۽ سڀاءَ جو متلاشي آهي. پاڻ هميشه سانگيئڙن، سنڌ جي ماڳن، ماروئڙن ۽ ٻارن تي کوڙ سارو لکيو اٿس".
    حضرت علي عليه السلام جي ڪردار ۽ عمل زندگي جي باري ۾ سڌ ڏنل آهي.
    علي اسان جو امام ٻارو،
    مٿي آ جنھن جو مقام ٻارو.
    بتن کان ڪعبو صفا ڪيو جنھن،
    اسان جو اُن کي سلام ٻارو.
    علم جو در آ علي ولي آ،
    جو ڏيندو ڪوثر جو جام ٻارو.
    خدا جو شير آ لقب انهيءَ جو،
    درود اُن تي دوام ٻارو.
    پڙهي ٿو اُن تي سلام جانب،
    صبح منجهند، رات، شام ٻارو.
    فقير غلام قادر ڪيريو لکي ٿو ته :" بحر وزن علم عروض جو ماهر ڏسڻ ۾ سادو، علم جو سمنڊ، سندس شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جي لهرن جيان قوم، وطن لاءِ محبت ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي. جانب جي شاعريءَ ۾ هر ننڍي وڏي جي جذبن جو خيال رکيو ويو آھي."
    شاعر جي نظر وقت جي نبض تي هوندي آهي، تعميري لفظن سان احساسات کي لوڪ آڏو آڻڻ ۾ مهارت جو راڄ ڌڻي آهي.
    هر پل ڏيندي آهي دعائون،
    لڳي نه توکي ڪوسو واءُ.

    گلڙن تي ڏين ٿا لامارا،
    گلڙن جي رس چوسڻ وارا.

    ماکي سڀ کان آهي مٺڙي،
    واھ جي نعمت رب جي سٺڙي.

    بخت عابد ابڙو ڪتاب تي راءِ ۾ لکي ٿو ته : "گيتن جو گلدستو" ٻاراڻي شاعري سنڌي ادب جي واڌاري سان گڏ معصوم ٻارن لاءِ مٺڙا مٺڙا، من موهڻا گيت، نظم حمد وثنا سان گڏ هڪ وڏي تاريخي ڄاڻ ڏني آهي."
    ڌرتيءَ جا هي گلڙ آهن،
    سرها سر جا سڳڙا آهن.
    هر هڪ ٻالڪ گلڙو گلڙو،
    ڌرتيءَ جو سينگار وڻي ٿو.
    ڪوڙل قربدار ڪتاب بابت لکي ٿو ته : "اهڙا ته نظم ۽ گيت هن سرزمين کي ارپي ٿو جن جو حرف حرف هڳاءُ جهڙو ڀانئجي ٿو. جيڪي مستقبل جي ٻارن لاءِ اتساهه ۽ جاگرتا جي ضمانت ڏيندڙ آهن."
    سنڌي ٻار نظم جا ڪجهه بند
    سنڌڙيءَ جا هي گلڙا ٻار،
    واھ وڻن ٿا وهوا ٻار.
    جرڪن مهڪ ۽ مرڪن،
    مورن وانگر ٽور ٽلن،
    سندر سهڻا ۽ من مهڻا،
    ٽهڪ ڏئي سڀ ٽلڻا ملڻا.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نظام الدين ڪلهوڙو لکيو آهي، لکي ٿو ته :" جانب شاعريءَ ذريعي نه صرف سنڌي سماج ۽ عوامي زندگيءَ کي چڱائي ۽ حقيقت جو پيغام رهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ سماجي ڪردار اخلاقي قدر ۽ اصلاحي اثر نمايان آهن."
    مٺي ٻولي ٻاراڻي ٿئي ٿي، جنهن جو هر ٻول، سر ۽ سوز پنهنجي انداز جو ٿئي ٿو. دنيا ۾ معصوميت ئي صادق ۽ امين جي رتبي تي پهتل آهي، ٻاروتڻ واري زندگي اهڙي عمل سان ٽمٽار آهي. جنھن کي جانب جواڻ ٻاراڻي پيرا ۾ مهارت سان پيش ڪرڻ جو حسن چڱي طرح ڄاڻي ٿو..
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو