8مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو..؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
8مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي.
8 مئي 1821ع تي يونانين، ترڪي فوج کي شڪست ڏني.
8 مئي 1887ع تي شاعر، ميان غلام محي الدين ميرل جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1938ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر، جاويد برڪي جو جنم ڏينھن آهي.
8مئي 1948ع تي ورلڊ ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جو ڏينهن آهي.
8 مئي 1962ع تي منگلا بند جي تعمير شروع ٿي.
8 مئي 1968ع تي جان ڪوليئر 84 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
8 مئي 1979ع تي صحافي ۽ ايڊيٽر عرفان عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1980ع تي مارشل ٽيٽو کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
8 مئي 1998ع تي مشھور راڳي عبدالله ڪڇي جو وڇوڙو ٿيو.
8مئي 2008ع تي عراقي وزير دفاع القائده جي اهم اڳواڻ ابو ايوب المصري جي گرفتاري جي دعويٰ ڪئي.
 
Back
Top