ٻول : ڪوئي توکي پيو سڏيندو آ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
درد دل جو وڌي جو ويندو آ
ڪوئي توکي پيو سَڏِيندو آ...

گهاوَ ڏيندڙ گهڻا مِلِي ٿا وڃن
پر ڪوئي حوصلو نہ ڏيندو آ

پيار کي تُون مذاق ٿو سمجهين
پاڻ سُوليءَ تي ڪو ٽنگيندو آ؟

ڇو پريشان ٿِي ويو آھين!؟
زندگيءَ ۾ ائين بہ ٿيندو آ.

آواز: عاشق نظاماڻي

 
Back
Top