ٻول : ڪوئي توکي پيو سڏيندو آ

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    درد دل جو وڌي جو ويندو آ
    ڪوئي توکي پيو سَڏِيندو آ...

    گهاوَ ڏيندڙ گهڻا مِلِي ٿا وڃن
    پر ڪوئي حوصلو نہ ڏيندو آ

    پيار کي تُون مذاق ٿو سمجهين
    پاڻ سُوليءَ تي ڪو ٽنگيندو آ؟

    ڇو پريشان ٿِي ويو آھين!؟
    زندگيءَ ۾ ائين بہ ٿيندو آ.

    آواز: عاشق نظاماڻي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو