ڪتاب "سنڌ جي تاريخ( سهڙيل تاريخ وار) تي هڪ نظر...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "سنڌ جي تاريخ"( سھيڙيل تاريخ وار )تي هڪ نظر...!
    ناشاد شوڪت شنباڻي
    سنڌ جي تاريخ، ادب، تهذيب ۽ تمندن دنيا جي گولي تي سونهن، سچائي، پيار، مهمان نوازي توڙي ۽ ثقافت ۾ نمايان نظر پئي اچي.
    سنڌ جي تاريخ هزارين سال پراڻي آھي۔ سنڌي ادب ۽ تاريخ هر دور ۾ ڌرتي سان محبت پيار ڪندڙن جي بابت لکي وئي آهي. ڪن قلم وسيلي جنگ جوٽي ته ڪن وري ڌرتيءَ تي جانن جا نذرانہ پيش ڪيا آهن.
    انهيءَ تاريخ جي ورقن کي پرکي پروڙي لکندڙ کي تاريخدان چئبو آھي.
    تاريخ سيکاريندڙ استاد کان هميشه ان جي ڌرتيءَ جي معلومات ملي ٿي.
    تاريخ جي استاد جو پهريون،
    ڪم هيءُ آهي ته هو پنهنجي ڪم کان واقف هجي. جيڪڏهن هن کي تاريخ جي علم جي چڱي واقفيت آهي ته اهو استاد تاريخ پڙهائڻ لاءِ موزون ٿي سگهندو.
    هڪڙو اهڙو ئي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو ليکڪ فقير محمد سنڌي به آھي جنهن هميشه سنڌ جي تاريخ لکي، تاريخ ۽ ادب جي سلسلي کي روان دوان رکيو آھي.
    هي ڪتاب به محترم فقير محمد سنڌيءَ ، سنڌ جي تاريخ سهيڙيل تاريخ وار ۾ شايع ٿيل آھي جيڪو سنڌ جي ادب، تاريخ، شاعري ۽ ڪلاسڪي رنگ سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي بابت لکيل آھي جنهن کي پڙهڻ سان تمام گهڻي معلومات ملي ٿي.
    فقير محمد سنڌي جو تعلق لاڙڪاڻي شهر سان آھي، لاڙڪاڻي شهر پوري سنڌ جي ادبي شخصيتن ۾ نمايان شخصيتن جو شهر آھي. جنهن سنڌي ادب جي جهولي ۾ ناياب ڪتاب رکيا آھن جن کي پڙهي اڳتي وڌڻ جي واٽ ملي ٿي هي ڪتاب جڏهن به ڪنهن شاعر، فنڪار ۽ تاريخدان جي جنم ڏينهن يا وفات واري ڏينهن جي معلومات لاء ڏٺو وڃي ته هي ڪتاب تمام سٺو مددگار ثابت ٿيندو.
    سنڌي ادب جي ڪتابن ۾ هي ڪتاب به نمايان آھي سندس لکيل ڪجھ تاريخي شخصيت جي پيدائيش ۽ وفات جا ڏينهن هن ريت لکيل آھن.
    پهرين جنوري 1901ع تي قادرالڪلام شاعر ڪھنه مشق ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد جبار خان لاشار ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
    پهرين فيبروري تي نادر شاھ افشار سنڌ ۾ پهتو.
    پهرين فيبروري 1877ع تي سنڌ جي بي مثال عوامي شاعر مولوي حاجي احمد ملاح تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ جنم ورتو.
    پهرين مارچ 1935ع تي گڊو بئراج سکر جو افتتاج ٿيو.
    4 اپريل 1938ع تي ريڊيو ٽي وي اسٽيج ۽ فلم جو مشھور آرٽسٽ صالح محمد شاھ ولد سيد دادن شاھ حيدرآباد لڳ ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ ڄائو.
    سنڌ جي شخصيت تي هن ريت خوبصورت معلومات شايد ملي هن بيحد سهڻي تاريخي ڪتاب لکڻ تي سائين فقير محمد سنڌي جو هر طبقو خاص طور نوجوان نسل تمام گهڻو خوش آھي هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جي معلومات کي پڙهي سنڌ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ شخصيتن بابت گهڻي معلومات ملي ٿي. سائين فقير محمد هي ڪتاب تمام گهڻي محنت مشڪت ڪري ڪتاب سنڌ جي معلومات تاريخ وار سهيڙي آھي.
    هن ڪتاب ۾ محترم فقير محمد سنڌي لکي ٿو ته سنڌ جا سورما سنڌ جا قومي هيروز آھن جيڪي پنهنجي تاريخي حوالي سان سنڌ جي بقا جي خاطر وڙهندا رهيا آھن انسان جو تاريخ سان گهرو تعلق آھي جيئن ۽ جيتري انسان ترقي ڪئي آهي، تيئن تاريخ به اوسر طرف قدم رکيو آھي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو