ڊجيٽل دور ۾ سنڌي ٻولي جو آئيندو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2022۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊجيٽل دور ۾ سنڌي ٻولي جو آئيندو

    ڊاڪٽر مظھر علي ڏُوتيو

    ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري دنيا بھ تيزي سان ترقي ڪري رھي آھي. عالمگيريت جي لقاءُ دنيا جي ملڪن ۽ قومن ۾ برتري ۽ ڪمتري جو احساس پيدا ڪيو آھي. اھي ملڪ پاڻ کي طاقتور ۽ برتر سمجھي رھيا آھن جيڪي ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ آھن. ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ استعمال روايتي دنيا کي ڊجيٽل دنيا بڻائي ڇڏيو آھي. ڊجيٽل دنيا کي ٺاھيندڙ ڪمپيوٽر ۽ مواصلاتي ٽيڪنالاجي يا انفرميشن ٽيڪنالاجي آھن. تنھنڪري اھي ملڪ ۽ قومون ئي ترقي يا فتھ قومون ۽ ملڪ آھن جيڪي ٽيڪنالاجي جي اھميت کي سمجھي ڪري ان کي صحي طريقي سان واپرائن ٿا. جيڪي قومون ٽيڪنالاجي جي اھميت کان اڻ واقف آھن يا ان کي نھ مڃڻ لاءِ مختلف بھانا پيش ڪن ٿيون، سي پٺتي پيل قومون آھن ۽ اھي قومون اڳتي بھ ترقي نھ ڪري سگھنديون. اھو بھ ضروري نھ آھي تھ جيڪي قومون ترقي يافتھ آھن يا ترقي يافتھ بلاڪ سان واسطو رکن ٿيون سي ئي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ترقي ڪري سگھن ٿيون پر ھر اھا قوم ترقي ڪري سگھي ٿي جيڪا ٽيڪنالاجي جي اھميت کي سمجھي، ان جو صحي استعمال ڪرڻ شروع ڪري.
    اسان جو سماج ذرعي سماج يا زراعت تي ڀاريندڙ سماج آھي تنھنڪري اسان جي آمدني جو ھڪ خاص حصو بھ زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ڪمن ذريعي اچي پيو. عالمگيريت جي لقاءُ جي ڪري دنيا ۾ ماحولياتي تبديليون اچي رھيون آھن، جنھن سبب ماحولياتي گدلاڻ وڌي رھي اھي. ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري موسمن تي بھ اثر پئجي رھيو آھي. ماحولياتي گدلاڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا جن ۾ ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ زھريلي گئس، ڪيميڪل، دونھون، گندو ۽ زھريلو پاڻي، مواصلات ۽ ٽرانسپورٽيشن وغيرھ. انھن سڀني ذريعن جي ڪري پوليوشن وڌي رھي آھي، جنھن سبب بارشون بھ گھٽ پون پيون ۽ پاڻي جا ذخيرا بھ گھٽبا وڃن پيا. تنھنڪري اسان جي زراعت بھ متاثر ٿي رھي آھي. جيڪڏھن فصل وقت تي نھ ٿيندا تھ اسان جا معاشي مسئلا بھ وڌي ويندا. تنھنڪري سوچڻ ان تي بھ گھرجي تھ جيڪڏھن زراعت وارو نظام خراب ٿي ويو تھ پوءِ اسان ڇا ڪنداسين ۽ اسان جو ڇا ٿيندو؟ ان سلسلي ۾ اسان کي زراعت کان سواءِ ٻين آمدني جي زريعن تي بھ سوچڻو پوندو تھ جيئن بھتر زندگي گذارڻ لاءِ ڪي راھون نروار ڪري سگھجن ۽ ڪنھنجي غلامي کان بھ بچي سگھجي. ان سلسلي ۾ ٽيڪنالاجي ھڪ اھم اوزار آھي خاص ڪري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ ھٿراڌو ڏاھپ واري ٽيڪنالاجي جيڪي اسان جي زراعت کي بھ بچائي سگھن ٿيون، بيروزگاري کي بھ گھٽائي سگھن ٿيون، دنيا سان بھ ڳنڍي سگھن ٿيون ۽ مختلف آمدني جي ذريعن جو سبب بھ بڻجي سگھن ٿيون. سنڌ جو روشن مستقبل ڊجيٽل سنڌ ۾ آھي، جنھن سان تمام گھڻي ترقي ڪري سگھجي ٿي ۽ سماجي ۽ معاشي غلامي مان بھ نڪري سگھجي ٿو. معاشي مسئلا ئي ماڻھن، سماجن ۽ قومن کي غلام بڻائيندا آھن جنھنڪري قومون پنھنجي ثقافت ۽ ٻولي کي بھ وساري ڇڏينديون آھن.
    عالمگيريت جي نظام جي ڪري قومن جي ثقافت، ٻولي ۽ شناخت ختم ٿيندي وڃي پئي. عالمي ثقافت يا ڪارپوريٽ ثقافت قومن ۽ ادارن جي ثقافت کي تبديل ڪري رھي آھي. جنھن جو اثر اتان جي سماجن ۽ انھن جي ٻولين تي بھ پئجي رھيو آھي. جنھنڪري اصل ٻوليون بھ گاڏڙ ٻوليون ٿينديون وڃن پيون يا ختم ٿينديون وڃن پيون. اھو ئي سبب آھي جو دنيا ۾ قومن ۽ سماجن جي سڃاڻپ جو مسئلو پيدا ٿي چڪو آھي. ننڍيون قومون وڏين قومن ۾ ۽ ٻوليون وري لنگئا فرئنڪا وارين ٻولين ۾ ضم ٿينديون وڃن پيون. جڏھن تھ عالمگير ترقي جا ماھر ۽ يونيسڪو ان خيال جا آھن تھ ٻولين کي ختم ٿيڻ نھ گھرجي پر انھن جي ترقي لاءِ ڪم ڪجي. ھن وقت غير ترقي يافتھ ٻوليون تيزي سان ختم ٿي رھيون آھن تنھنڪري دنيا جا وڏا ادارا ٻولين کي بچائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي خاص ڪري ھٿراڌو ڏاھپ واري ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري رھيا آھن تھ جيئن ٻولين جي اڪثريت کي بچائي سگھجي. نيچرل لئنگوئيجز پروسيسنگ ۽ ڪمپيوٽيشنل لسانيات کي وجود ۾ آڻڻ جو سبب بھ دنيا جي سمورين ٻولين کي بچائڻ ۽ انھن کي ترقي وٺرائڻ آھي. ان ۾ ڪو بھ شڪ نھ آھي تھ دنيا جي موجودھ ترقي ۾ ٽيڪنالاجي سان گڏ ٻولين جو بھ اھم ڪردار آھي. وڌيڪ ٻولين جي زندھ ھجڻ جي ڪري عالمي واپار، عالمي سياست ۽ عالمي سماجيات ترقي ڪري رھيا آھن جنھن جو سئنون سڌو اثر ڊجيٽل دنيا جي ترقي تي پئجي رھيو آھي.
    ٻولي نه صرف ڳالهائڻ ۽ رابطي جو هڪ وسيلو آهي، پر اها هڪ مڪمل نظام آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوٽ، غلط اندراج يا خرابي ٻولي جي نظام کي خراب ڪن ٿا يا ختم ڪن ٿا. ٻوليءَ جا داخلي ۽ خارجي ذريعا ٿين ٿا جيڪي سماج سان سئون سڌو ڳنڍيل رهن ٿا تنھنڪري سماجي تبديليون ان سماج سان لاڳاپيل ٻولي تي گھرو اثر ڇڏين ٿيون. جڏهن ڪا ٻولي ختم ٿي ويندي آهي ته اها پاڻ سان گڏ لاڳاپيل سماج ۽ قوم جي سڃاڻپ کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي، جنھنڪري ھزارن سالن جون تاريخ رکندڙ قومون بھ پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويھنديون آھن. پر جيڪي قومون ڌاري ثقافت ۽ ڌاري ٻولي کي قبول نٿيون ڪن تھ اھي قومون ۽ ان سان لاڳاپيل ٻوليون ھزارين سالن تائين زندھ رھي سگھن ٿيون. معاشي طور ڪمزور سماج ۽ قومون ڌارين ثقافتن ۽ ٻولين کي جلدي ۾ قبول ڪندا آھن. ھن دور ۾ تھ ٽيڪنالاجي ۾ ڪمزور سماج ۽ قومون ڌارين ثقافتن ۽ ٻولين کي قبول ڪري پنھنجي سماجي ۽ قومي سڃاڻپ کي ختم ڪري رھيون آھن. تنھنڪري ٻولي کي زندھ رکڻ لاءِ معاشي، سماجي ۽ سياسي مضبوطي سان گڏ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، ھٿراڌو ڏاھپ ۽ انجنيئرنگ جي مختلف ٽيڪنالجين جي اصولن ۽ طريقن کي سمجھڻ، سکڻ ۽ واپارائڻ وارا عمل بھ ضروري آھن.
    ٽيڪنالاجي کي سمجھڻ، ان جي اوزارن کي ٺاھڻ ۽ انھنجي جي صحي استعمال لاءِ تعليم جو ھجڻ ضروري آھي. ھن وقت لڳ ڀڳ 66 سرڪاري ۽ غيرسرڪاري يونيورسٽيون سنڌ ۾ موجود آھن ۽ اڃان بھ انھن يونيورسٽين جي ڪئمپسن کي بھ ڳڻيون تھ تعداد وڌي ويندو. جڏھن تھ ڪيترائي فني تعليم جا ادارا پڻ موجود آھن جيڪي نوجوانن کي مختلف ھنرن بابت تعليم ڏئي رھيا آھن. ان مان ثابت ٿيو تھ اعلآ تعليم مھيا ڪرڻ جا مرڪز ۽ ادارا تھ اسان وٽ موجود آھن، صرف ضرورت آھي تھ معياري تعليم ۽ فني تعليم مھيا ڪرڻ جي.
    سنڌ ۾ ٻولي جي حوالي سان بھ ڪجه ادارا موجود آھن جيڪي سنڌي ٻولي جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن جڏھن تھ ڪيترائي فرد ذاتي ڪوششن سان ٻولي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن. تنھنڪري ھن ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ روشن مستقبل جي حوالي سان ڳالھ ڪجي تھ اھو چئي سگھجي ٿو تھ اسان جا ادارا ٻولي کي بچائڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ پنھنجي وس ۽ وسيلن آھر ڪم ڪري رھيا آھن. ڏسڻو اھو آھي تھ ڇا ڊجيٽل دور ۾ عالمي يا ڊجيٽل دور جي گھرجن مطابق سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ڪم ٿي رھيو آھي! ڇاڪاڻ تھ ڊجيٽل دور ھڪ وڏو ۽ عالمگير سماج جوڙي رھيو آھي جنھنجو دائرو عالمي آھي يا عالمگير سطح جو آھي. ان سماج جي ٻولي ۽ لسانيات جا ڍانچا يا ساخت به عالمگير سطح جا آهن. ڊجيٽل دنيا ۾ اهي ٻوليون، جن جي لسانياتي ساخت مظبوط ۽ موجوده دور جي ضرورتن، ذريعن ۽ ٽيڪنولوجي جي گهرجن مطابق جديد هوندي، سي ٻوليون هن نئين جڙندڙ سماج ۾ مڪمل ڪامياب هجڻ سان گڏ زنده به رهنديون ڇاڪاڻ ته نئون عالمگير سماج تمام گهڻو تيز ۽ جديد آهي، جنهن ۾ سماجي ساخت جا نوان يا جديد طريقا ۽ نظريا استعمال ڪيا وڃن پيا. اهو ئي سبب آهي جو سماجيات جا ماهر وڌيڪ توجھ سماجي لسانيات ۽ لسانياتي ساخت تي ڏئي رهيا آهن .
    موجوده دور ۾ ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقي جي ڪري تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. مختلف قسم جا وکر، شيون، رويا، لهجا، ثقافتون جلدي جلدي تبديل ٿي رهيون آهن. اهي تبديليون ٻولي جي ساخت ۽ ان جي سماجي گهرجن تي به اثر ڪري رهيون آهن، تنهنڪري سماجي ماهر لسانياتي ساخت کي اهم سمجهندي ان جي ترقي ۽ واڌ ويجھ تي عالمگير گهرجن مطابق ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي سماجي ساخت وارا نظريا لسانياتي ساخت ۾ تبديل ٿيندا وڃن پيا، جنهنڪري هن دور کي لسانيات جو دور ڪوٺيو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر سائنس، انٽرنيٽ، ويب 2.0، انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻيون مختلف قسم جي رابطن جون ٽيڪنالاجيون ادا ڪري رهيون آهن. انهن سڀني ٽيڪنالاجين جي ڪري رابطو ۽ مختلف قسم جي متن وغيره جي ونڊ يا شيئرنگ سيڪنڊن ۾ ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح حڪومتي، واپاري، سماجي، سائنسي، سياسي، خانداني ۽ عالمي مسئلا وغيره ترت حل ٿي وڃن ٿا يا انهن جا اطلاع ۽ لاڳاپيل متن ۽ لفظن جا ڀنڊار سيڪنڊن ۾ ٿوري يا گهڻي فاصلي وارين جڳهن تي پهچي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ اي ميل، سماجي رابطن جا ڄار، ڳالھ ٻولھ جا ذريعا، ويب سائيٽون وغيره تمام گهڻا اهم آهن. اهي سڀ ذريعا سماج کي نئين ساخت يا ڍانچو ڏئي رهيا آهن. انهن سڀني عملن جو ذريعو ۽ بنياد لسانياتي ساخت ۽ سماجي لسانيات آهي.

    سنڌي ٻولي جي ترقي:
    موجوده دور ۾ هر شئي ڊجيٽل ٿيندي وڃي پئي، ايتري تائين جو جيڪو اسان لکون ٿا، پڙهون ٿا يا ڳالهايون ٿا سو به ڊجيٽل ٿي رهيو آهي. هن وقت ٻولي ۽ لسانيات تي گهڻو ڪم ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٿي رهيو آهي جنهنڪري ڪيترائي ڪمپيوٽرائزڊ اوزار ٺاهيا وڃن پيا، جيڪي دنيا جي ٻولين کي ڊجيٽل ڪن ٿا. اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو سنڌي ٻولي به ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڊجيٽائيزيشن جي پروسس ۾ آهي ۽ تيزيءَ سان ڊجيٽلائيز ۽ ڊجيٽائيز ٿي رهي آهي. سنڌي ٻولي لاءِ ڪيتريون ئي ڪمپيوٽر جون ايپليڪيشن (ايپليڪيشنيون) هٿراڌو ڏاهپ جي اوزارن ۽ الگوريٿم جي بنيادن تي ٺاهيون ويون آهن ۽ ڪيتريون ئي ٺهن پيون. آن لائين لائيبرريون موجود آهن، جيڪي گهر ويٺي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب مفت ۾ مهيا ڪن ٿيون. آن لائين ۽ آف لائين او سي آر ۽ اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ تي به ڪم هلي رهيو آهي. جڏهن ته گوگل ڪارپوريشن دنيا جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي به ترجميڪاري واري نظام ۽ آن لائين او سي آر تي ڪم ڪري رهي آهي. وڪي ٽنگز هڪ عالمي غير حڪومتي تنظيم آهي، جنهن دنيا جي 400 کان مٿي ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به پنهنجي عالمي ڊيٽابيس ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن سنڌي سميت دنيا جي مڙني محفوظ ٿيل ٻولين کي مرڻ يا ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي[1]. يونيورسل ڊپينڊنسي فريم ورڪ ۽ يونيورسل گرائمر لاءِ سنڌي ٻولي چونڊي وئي آهي[2] جيڪا ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. ان عمل سان سنڌي ٻولي عالمگير انساني ٻولين جي سٿ ۾ شامل ٿي وئي آھي، جيڪا خودڪار نظام جي ذريعي دنيا جي سموري ٽيڪنالاجي خاص ڪري ڪمپيوٽر ۽ روبوٽڪس ٽيڪنالاجين جو پنهنجو پاڻ حصو ٿيندي وڃي پئي ۽ دنيا جي مختلف ٻولين جي سوين ٽري بينڪس جي ذريعي ٽيگ ٿئي پئي ۽ ان جي پارسنگ ٿئي پئي. سوشل ميڊيا جي سمورن اوزارن ۽ مختلف ويبسائيٽن تي سنڌي ٻوليءَ جو ڀرپور استعمال ڪيو وڃي پيو، جنهن سان هر قسم جو سنڌي ڪارپس يا لفظن، جملن ۽ آوازن جو ڀنڊار ٺهي رهيو آهي جيڪو عالمي ۽ قومي تحقيقي ادارن ۽ لسانيات جي ماهرن کي گهڻو فائدو ڏئي رهيو آهي. هن وقت دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي ڪارپس تي پي ايچ ڊي ۽ ايم فل سطح تي تحقيق ٿي رهي آهي.
    هن وقت سنڌي ٻولي تي ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئج پروسيسنگ جي حوالي سان بهتر طريقي سان ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترائي انٽيليجنٽ يا هٿراڌو ڏاهپ جا نظام ٺاهيا وڃن پيا. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئج پروسيسنگ جا اوزار[3] آنلائين ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ھي اوزار سنڌي ٻولي ۾ لکجندڙ لفظن، جملن ۽ نشانين کي سمجهن ٿا، انھن کي جدا ۽ آزاد لفظن ۽ نشانين ۾ ظاھر ڪن ٿا، لفظن کي ڪائناتي گرائمر، پين ٽري بينڪ ۽ سنڌي گرائمر مطابق نشان لڳائين ٿا، لفظن کي ٽوڙي، انهن جون اڳاڙيون ۽ پڇاڙيون هٽائي انهن جا بنيادي لفظ ڪڍن ٿا، جيڪي ڳولها جي نظام ۽ ڄاڻ جي حصول لاءِ اهم آهن. اهڙي طرح سنڌي متن يا جملن جو ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي اصولن مطابق تجزيو ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو ته انھن جملن ۾ مثبت پيغام آھي يا منفي يا نيوٽرل. سنڌي ٻوليءَ لاءِ لفظن جو ڄار يا ورڊنيٽ پڻ ٺاهيو ويو آهي، جيڪا حقيقت ۾ ھڪ وڏي ڪاميابي آھي ڇاڪاڻ تھ لفظن جو ڄار يا ورڊ نيٽ دنيا جي مختلف ٻولين کي پاڻ ۾ ملائڻ سان گڏ ھميشھ لاءِ بچائي رھيو آھي. سنڌي ٻولي لاءِ ٺھيل ڊڪشنريون سنڌي لفظن جي مڪمل ڄاڻ نٿيون ڏين، جڏھن تھ لفظن جو ڄار لفظ کي مڪمل طور بيان ڪري ٿو، ايتريتائين جو لفظ جي ٻين لفظن سان رشتيداري، خاندان ۽ حياتي بابت بھ ٻڌائي ٿو. انھن اوزارن جي آنلائين استعمال لاءِ انٽرنيٽ تي سنڌي اين ايل پي جي نالي سان ويبسائيٽ موجود آھي.
    مٿين ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي عالمي گھرجن مطابق ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ترقي ڪري رھي آھي، تنھنڪري چئي سگھجي ٿو تھ سنڌي ٻولي جو آئيندو روشن آھي ۽ مستقبل ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي پنھنجو پاڻ سنڌي ٻولي کي استعمال ڪندي. تنھن ھوندي بھ ڪيترائي اھڙا مسئلا آھن جيڪي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجه ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. انھن مسئلن کي جيڪڏهن صحي طريقي سان پرکيو ويندو ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ به ٿيندو ته ترقي به. اسان گھرن، بازار ۽ واپار ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڳالھايون، پاڻ ۾ نياپا وغيرھ سنڌي ٻولي ۾ موڪليون ۽ جيڪي انگريزي ٻولي جا لفظ يا سائنس ۽ ٻين علمن جا لفظ آھن جن کي تبديل نٿو ڪري سگھجي ۽ انھن لفظن کي اسان پنھنجي روزمرھ جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪريون ٿا تن کي سنڌي گرائمر ۽ لسانيات جي بناوٽ ۽ اصولن مطابق استعمال ڪريون ۽ انھن جا گردان ٺاھيون تھ اھي لفظ سنڌي ٻولي جو حصو ٿي ويندا بجاءِ جو انھن کي ڌاريو لفظ سمجھي انھن جي معنا ڪڍڻ ۾ وقت وڃايون. مثال طور،ڪمپيوٽر، ڪمپيوٽرَ، ڪمپيوٽرن.
    ھن وقت رومن سنڌي لپي جو استعمال پڻ اھم ۽ موجودھ دور جي گھرجن مطابق ضروري آھي. دنيا جون ترقي ڪندڙ ٻولين مثال طور عربي، چيني، فرينچ وغيرھ پنھنجي لاءِ رومن لپي تيار ڪري ورتي آھي ۽ ھو پنھنجي اصلي لپي سان گڏ رومن لپي بھ استعمال ڪن ٿيون. تنھنڪري اسان کي بھ سنڌي ٻولي جي موجودھ لپي سان گڏ رومن لپي ٺاھڻ گھرجي. اسان جيڪڏھن سنڌي ۾ لکيل اھم ۽ تاريخي ڪتابن ۽ دستاويزن کي رومن لپي ۾ لکون يا تبديل ڪريون تھ اھي سنڌي جيڪي موجودھ لپي ۾ ناياب سنڌي ڪتاب نٿا پڙھي سگھن سي رومن لپي ۾ آساني سان اھي اھم ڪتاب پڙھي سگھندا.
    اسان سنڌي آھيون تنھنڪري اسان جي لکڻ، پڙھڻ، ڳالھائڻ ۽ سوچڻ جي ٻولي بھ سنڌي آھي تنھنڪري ضروري آھي تھ دنيا جي مختلف علمن کي سنڌي ٻولي ۾ پڙھايو وڃي تھ جيئن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو حال ۽ مستقبل وڌيڪ بھتر ۽ روشن ٿئي. حڪومت، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن طرفان مختلف مقصدن ۽ وکرن جي استعمال لاءِ ھدايتون لنگئا فرئنڪا وارين ٻولين ۾ ڏنو ويندو آھي پر انھن ٻولين سان گڏ اھي ھدايتون سنڌي ٻولي ۾ پڻ ڏنيون وڃن تھ جيئن سنڌي ماڻھو اھي سموريون ھدايتيون پنھنجي ٻولي ۾ پڙھن.
    گرائمر جي حوالي سان بھ سنڌي ٻولي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇاڪاڻ تھ اڳ ۾ جيڪو سنڌي گرائمر ۽ ٻولي تي ڪم ٿيو آھي، اھو ڪم ان وقت جي ضرورتن ۽ حالتن مطابق بھتر طريقي سان ٿيو ھو پر موجودھ دور جون گھرجون ان دور کان مختلف آھن، تنھنڪري سنڌي ٻولي تي اڳ ۾ گرائمر جي حوالي سان ٿيل ڪم کي موجودھ دور جي گھرجن مطابق ڏٺو ۽ پرکيو وڃي تھ جيئن ڊجيٽل دنيا ۾ ڊجيٽل اوزارن ذريعي سنڌي ٻولي جو صحي طريقي سان استعمال ٿي سگھي. ان سلسلي ۾ سگا،حڪومتي ادارا، يونيورسٽيون ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا عالمي تحقيقي ڪانفرنسون ڪرائي سگھن ٿا تھ جيئن وقت جي گھرجن مطابق بھتر گرائمر ۽ لسانيات جا اصول طئي ڪري سگھجن .
    آخر ۾ ان ڳالھ جي تھ پڪ ڪرڻ گھرجي تھ ٽيڪنالاجي جي اوزان ذريعي جيڪا سنڌي ٻولي جي واڌويجه ٿي رھي آھي، ان جي ڪري سنڌي ٻولي ڪڏھن ختم ڪون ٿيندي ۽ نھ وري ڪڏھن مرندي تنھنڪري سنڌي ٻولي جو آئيندو يا مستقبل بھترين ۽ روشن آھي. اسان صرف پنھنجي ھر قسم جي رابطي لاءِ سنڌي ٻولي کي ان جي بنيادي حالت ۾ استعمال ڪريون.


    مظھر علي ڏوتيو
    ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ
    بينظير ڀٽو شھيد يونيورسٽي لياري، ڪراچي
    سنڌ پاڪستان

    آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ سنڌ گريجوئيٽش ائسوسيئيشن جي گولڊن جوبلي سيليبريش ۾ 5 جون 2022ع تي پيش ڪيل
     
    ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي
  2. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

    ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2022
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    استاد (اسسٽنٽ پروفيسر، شعبو تعليم)
    ماڳ:
    سيوھڻ
    سنڌي ٻولي جي بقا ۽ ترقي متعلق بھترين لکڻي، بھترين تجزيو ۽ بھترين صلاحون پيش ڪيون ويون آھن!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو