ڪتاب "پنھنجي دنيا ڌار" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب " پنھنجي دنيا ڌار" جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.

    [​IMG]

    شال سدائين وسندي رهندي،
    سنڌ امڙ جي سهڻي جهولي.
    فطرتي سونهن ۾ رچاءُ پنهنجو هوندو آهي،رڳو فطرت کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت هر اک جي پنهنجي نوعيت جي هوندي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن جي فطرت ۽ نفسيات کي ويجهڙائي کان پرکيندو رهي ٿو. اها ئي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر سيال کي ٻارن جي رانديڪن، راندين ۽ اتساهه جو ڏانءُ لطيف نموني سان اچي ٿو.
    هر پاسي رنگن جي هولي،
    ڌرتي ماءُ به ڏي ٿي لولي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار جي اندر جي آرسي هر ويل سنڌي ادب ۾ پاڻ پسائي رهي آهي ، لفظن جي روپ ۾ مصوريءَ جهڙا نظم سرجي ٻارن جي بهتري لاءِ قدم وڌائيندو رهي ٿو.
    ڊاڪٽر محمود مغل لکي ٿو ته :"ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ خيالن جي سادگي، سوچ جي سادگي سمجهائڻ جي سادگي آهي. ٻارن جي چوڏهين گٽڪي ۾ جيڪي پراڻا نظم آهن" واھ ڙي تارا گول تارا" "ٻه پيشي ڇھ ڇھ پيسي "وارو پراڻو رنگ نظر ايندو. ﷲ کيس وڏي ڄمار ڏئي، محتاجي کان بچائي، هو ائين ئي سوچيندو رهي، لڳاتار ڪم ڪندو رهي. اسان کيس گذريل چار ڏهاڪن کان ائين ئي لڳاتار ڪم ڪندي ڏسون ٿا. " ٻارن جي نظمن ۾ ترقي پسند سوچ ويچار هجڻ ضروري آهي ان سان نئين سماج جي تعميري رستن جي ابتدا ٿئي ٿي. اهڙي سوچ ڊاڪٽر ذوالفقار ۾ منظم طريقي سان موجود آهي.
    اچو نئين دنيا کي آڏيون،
    پنھنجي دنيا ڌار آ.
    هٿ انھن جا اوچا آهن،
    نعرا، ڳاڙها جهنڊا آهن.
    انسانيت جا هي مهندار،
    جاڳو جاڳو پهريدار.
    ڪتاب جو مهاڳ ڍولڻ راهي لکيو آهي، لکي ٿو ته :" ٻارن لاءِ لکڻو آهي ته سولو ۽ سولو لکڻ ڏکئي کان ڏکيو آهي. شاعر هجڻ ۽ مٿان وري ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ، هيءُ به ڏات ۾ ڏات آهي، سا جنھن کي عطا ٿئي. گلزار صاحب جو مشھور گيت آهي "دل تو بچا هي جي ٿورا ڪچا هي جي" سو ٻارن لاءِ لکندڙ دل به ٻاراڻي ۽ ٻارن وانگر ڪچڙي يعني ڪومل ۽ سچائيءَ سان پُر هُجي. "
    ڪڏهن ڪڏهن ڌرتيءَ تي ڪرندي،
    گم ٿين ٿا تنھنجا چارا.
    دنيا جي گردش ۾ آهن،
    ڌرتي، سج، چنڊ ۽ سيارا
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سدائين جيئان ان ڪوشش ۾ آهي ته ٻارن لاءِ فڪر رکندڙ ادب تخليق ڪجي جيڪو ادب سڄي دنيا جا ٻار پڙهي سگهن ۽ دنيا جي هر کي علم جو ڇانورو آساني سان ملي سگهي.
    جو اس ۾ آ بيٺو، ڏيو ڇانو ان کي،
    جو مينھن ۾ ڀڄي ٿو، ان کي بچايو.

    آ ماڻھن جي خدمت عبادت ۾ شامل،
    اهو ئي انسان جي ڪم آ آيو.
    ڊاڪٽر ذوالفقار وقت ڪڍي ادب جي تاريخ، مطالعي ۽ مسئلن تي ڌيان به ڏئي ٿو، پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي رهنمائي طور پيش نه ڪندو رهي ٿو.
    پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو ته :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيڪو پيشي جي لحاظ کان ميڊيڪل ڊاڪٽر ٿي خدمت ڪيائين پر هو ادب جو به ڊاڪٽر آهي ۽ پي ايڇ ڊي هولڊر پڻ. ٻارن جي ادب کي پنھنجي لکڻين سان مالا مال ڪري ڇڏيو اٿس."
    آئيني جي آڏو،
    دنيا تي کلي ٿو.
    وڻي نه وڻي ڪنھن کي،
    پاڻ کي وڻي ٿو.
    وقت آ ٻاريو ڀڀڙ ڪوئي،
    ڪين وسي ٿو، رڳڙيون ويٺا.
    بن اسٽائن جو ذهني خاڪو آهي ته :" اسان جا ذاتي لاڳاپا ئي اها ذرخيز مٽي آهن، جن سان زندگيءَ ۾ نواڻ اچي ٿي ۽ اسان کي ڪاميابيون حاصل ٿين ٿيون." مٿي ڳالھ ڊاڪٽر ذوالفقار جي زندگي ۽ ادب جي دائري ۾ بلڪل صحيح ۽ ڪافي حد تائين ڊاڪٽر صاحب جي جذبن جي ترجماني پڻ آهي.
    منظور منگي لکي ٿو ته :" سچ پچ ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻاراڻي شاعريءَ جي حوالي سان ٻاراڻي ادب سان حقيقي عشق ۽ جنون جي حد تائين عملي طرح پيار ڪندي ۽ جاکوڙيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ هن ڏس ۾ سيال صاحب تمام شانائتو ۽ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هونءَ به عملي ادبي دنيا ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت گهڻ پاسائي ۽ گهڻ رخي رهي آهي. "
    کائي پيئي پوءِ پيٽ ڀريان ٿو،
    کيڏي کيڏي پوءِ پڙهان ٿو.
    پڙهي پڙهي مان پوءِ سمهان ٿو،
    ننڊ ڪري جنھن ويل اٿان ٿو
    تازو تازو پوءِ لڳان ٿو.
    ٻار هن دنيا جو قيمتي اثاثو آهن ان لاءِ ان کي هيري وانگر تراشي انمول صورت ۾ شيون پيش ڪجن، جيئن هو شين کي پرکي انهن سان پنهنجي دوستيءَ جو دائرو وڌائي ۽ بنيادي مسئلن کان چڱي ريت واقف ٿي سگهي،اهڙي واقفيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وٽ نظمن جي صورت ۾ موجود آهي.
    سُرمي سان ٿو نُور سنواريان،
    سُرمي داڻي، ڪير روڪيندو.
    ننڍي وڏي جي عزت سکبي،
    هيءَ ڪهاڻي ڪير روڪيندو.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ڀڳوان نردوش لکيو آهي، لکي ٿو ته :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وڏي عرصي کان ادب جي کيتر ۾ پاڻ موکيندو رهيو آهي. هو هڪ مڃتا حاصل ڪيل ٻهگڻي شخصيت آهي. جنھن ٻال ادب ۾ هڪ مقام حاصل ڪيو آهي."
    ٻاراڻي ادب لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ لطيف سرڪار جون هي سٽون ته :
    سَرها ڏٺم سي، جَني ساڃاھ سراڻ سين،
    تيغ تَني جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو