هڪ بهترين استاد ۽ سوشل ورڪر

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ bewas ali hassan طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2022۔

  1. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    هڪ بهترين استاد ۽ سوشل ورڪر

    استاد حافظ جمال الدين سومرو وٽ مان پڙهيو ته ناهيان پر هن سان منهنجي ملاقات جڏهن مون لائبرري بچايو مهم شروع ڪئي ته مون سوچيو هاء اسڪول جي لائبرري تي توجع ڏجي ۽ جڏهن مان هاء اسڪول پهتس ته منهنجي ملاقات حافظ جمالدين سان ٿي ۽ ڊاڪٽر لعل بخش نائگچ به چيو ته حافظ صاحب سان مليو ۽ اتي لائبررين سڪندر لوهر جيڪو اتان جو لائبررين آهي ۽ مون اهي ڪتاب حافظ سائين جي تسلسل سان سڪندر صاحب جي حوالي ڪيا انهن ڏينهن تازو ئي حفظ صاحب ۽ سڪندر صاحب لائبرري کي فعال ڪيو هو ۽ هن ۾ مون به پنهنجي وس آهر حصو ورتو ايئن محبت جا سلسلا وڌندا ويا ۽ جڏهن اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ هئي ته حافظ صاحب مونکي ٻڌايو ته هن مهل شاگردن جي ويهڻ لاء فرنيچر ناهي ۽ اسان گڏجي مهم اها هلائي سين جنهن کانپوء ميڊيا وارن وڏو ساٿ ڏنو ۽ مسئلا هل ٿيندا ويا هي ھڪ بھترين قابليت رکندڙ استاد ۽ اسڪول جي انتظامن جي حوالي سان اعلي قابليت رکندڙ استاد رھيو آهي جنهن قابليت سان هن سڀني استادن کي گڏ کڻي هليو توڙي جو هي گهڻو عرصو ايف اي رهيو آهي پر گهڻا ماڻهو پرنسپال حافظ صاحب کي ئي سمجهندا هيا ڇو جو هن جون اڻ ٿڪ محنتون ۽ محبتون شامل آهن، هر ماڻهو کي عزت ڏيڻ واري شخصيت جا ڪا خبر ئي نه پئي ته سٺ سال گذري ويا ۽ هو رٽائر ٿي ويو۔
    حافظ سائين سان منهنجي محبت ان ڪري به آهي جو هو هڪ سٺي استاد سان گڏو گڏ ھڪ سماجي ورڪر به آهن جيڪو توڙي جو اسڪول جو مسئلو هجي يا شھر جي عوام جو هر مسئلي تي آواز اٿاري هل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي جڏهن هن کي ھيڊ ماستر جي چارج ملي ته سندس ڪوشش سان ھاء اسڪول ۾ انگلش ميڊيم ڪلاس جو بنياد وڌو۔
    اهڙي محبوب شخصيت جي سروس 8.06.2022 تي پوري ٿي وئي آهي حقيقت اها آهي ته هن اداري اندر هڪ وڏو خال جيڪو ڀرجڻ ڏکيو آهي پر اها به خوشي آهي جو هن اسڪول ۾ سائين سان گڏ جيڪي به استاد ساڻ رهيا آهن اهي سڀ با همت ۽ با صلاحيت آهن جيڪي هن اداري جو معيار قائم رکندا ۽ حافظ سائين جي چوڻ موجب ته مان رٽائر ٿيو آهيان ڪا پرواه ناهي هن اداري سان محبتون ۽ خدمتون ساڳيون رهنديون اهڙن هيرن جي ڪري هن اسڪول مان وڏا وڏا آفيسر ٿي نڪتا آهن اسان جون دعاگو آهن ته سائين ھميشه تندرست و توانه خوش و خرم رھي ۽ الله سائين سندس خضري حياتي عطا فرمائي آمين

    علي حسن `احسن´ چڍڙ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو