ضراب حيدر ادب

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ڄام نظام الدين طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2022۔

  1. ڄام نظام الدين

    ڄام نظام الدين
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2022
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڄام نظام الدين راھمون

    اَچو ته انسانيت بچايون..!

    اُھا انسانيت جيڪا هاڻي هن دُنيا ۾ نالي ماتر وڃي بچي آھي، جنهن جي هڪڙي جهلڪ ڏسڻ لاءِ اکيون ائين سِڪي ويون آھن جيئن مَور مينهن لاءِ ۽ ناريءَ نينهن لاءِ سِڪندي آھي. اُها انسانيت جنهن جي آشيرواد ۾ سُک ۽ سُرهاڻ جُون سدا ملوڪ صدائون ۽ هينئون ٺار هوائون هُونديون هُيون. جنهن ۾ انسان انسان جي لاءِ جيئندو ۽ مرندو هو. اُھا انسانيت ماڻهن مان نه رڳو موڪلائي ويئي آھي پر مَري به ويئي آھي. انسانيت جو موت سموري عالم آشڪار لاءِ وڏو هاڃو آھي. دُنيا ۾ نت روز ٿيندڙ نوان ناحق ڏسي انسانيت تان اعتبار ئي کڄي ويو آھي. ڇا اها آھي انسانيت جنهن ۾ معصوم عورتن سان ڏينهن ڏٺي جو جنسي ڏاڍايون ٿين؟ جنهن ۾ ابهم ٻارڙن سان ريپ ٿين. اها انسانيت نه پر بدترين حيوانيت چئبي. حيوان به ائين نٿا ڪن جيئن اڄ ڪلهه جو انسان ڪري ٿو. ايڪهين صديءَ جو انسان ترقي ڪندي ڪندي پنهنجي اصليت يعني انسانيت وڃائي چُڪو آھي ان کي ڳولڻ جي ضرورت آھي.

    ڪَوي ڪاليداس جي ديس هندستان جي هڪڙي هندي شاعر ”ڊاڪٽر سُنيل پنوار“ ڪيڏو نه سچُ چيو آھي ته ”احساس جي ٻارڻ سان چُلهو ته ناهي ٻرندو“ پر آئون دل جي دئار کي اندر جي اک سان کولي اهو چوان ٿو ته ”احساس جو ٻارڻ ماڻهوءَ جي من مندر ۾ انسانيت جي جوالا جاڳائي سگهي ٿو. سنڌُ جي ماياناز ڪوي اياز گُل روهيڙي جي ڦُل جهڙي ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه ڪئي آھي ته ”احساس بنان ماڻهو اخبار پُراڻي آ“ واقعي جيڪڏھن ڪنهن انسان ۾ احساسِ انسانيت ناهي ته پوءِ اهو انسان هن ڀُوميءَ تي بار آھي. ماڻهوءَ ۾ ماڻهپي جا هَجاري گُل تڏھن ئي گونچ ڪڍندا آھن جڏھن ان ۾ انسانيت جي اوڀڙ ٿيندي آھي. ماڻهوءَ جي من ۾ انسانيت جي احساسن جا تازا آبشار نڪري نروار ٿيندا، تڏھن ئي دُنيا امن جو هندورو ٿيندي. ماڻهپو مُرڪي پوندو. انسانيت اوچي ڳاٽ سان دُنيا ۾ پنهنجو دلربا تعارف ڪرائيندي. دلين ۾ دلبري موٽي ايندي. ڏُک لحظي ۾ لهي ويندا.

    ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته پنهنجي وجود جي ويراواھ ۾ احساس جو مٺو مائو اپنايون ۽ پنهنجي معاشري جي آسپاس اهو ڏِسون ته ڪير اُڃايل ۽ بُکايل ته ناهي. ڪنهن جا پير بنان جُتيءَ جي تتل صحرائن ۾ ڪٿي سڙن ته نٿا؟ ڪنهن منش جا لڱ لوئن ۾ بنان لٽي جي لوساٽجن ته نٿا. ڪنهن مسڪين جي نياڻي ڏاج نه ملڻ ڪري پنهنجي پيئرڪي گهر ۾ ويهي سون جهڙي جواني ڳڻتين ۾ وڃائي وار چاندي ته نٿي ڪري. ڪٿي ڪنهن ابهم ٻار سان ڪو جنسي بگهڙ ريپ ته نٿو ڪري يا ڪٿي ڪنهن معصوم نياڻيءَ جي ڪو وحشي عصمت ته نه پيو لُٽي؟ اسان کي انسانيت بچائڻ لاءِ انسان ٿي انسان جي خدمت ڪرڻي پوندي. ماڻهو ٿي ماڻهوءَ جي لاءِ سوچڻو پوندو، تڏھن وڃي دُنيا سُک جو ساھُ کڻندي. انسانيت جو ڀرم ڀيلجڻ کان بچي پوندو.

    اچو ته دل جي ديول ۾ هڪڙو احساس جو ديپ ٻاري اهو چڪاس ڪيون ته ڪٿي ڪنهن پورهيت جا ٻچا بُکيا ته ناهن سُتا، يا ڪنهن غريب جي گهر ۾ بيماريءَ سبب دوا نه ملڻ ڪري ڪو آخري دم ته نٿو کڻي. اسان کي انسانيت بچائڻ لئه پنهنجي پاڻ ۾ هڪڙو احساس پئدا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ سموري معاشري جي ڀلائي لئه ڀال ڪرڻا پوندا. ذات پات، رنگ نسل ۽ دين ڌرم جا سمورا ويڇا وساري فقط ماڻهپي جي ناتي اهو سڀ ڪُجهه ڪرڻو پوندو جنهن جي اسان جي هن سماج کي سخت کان سخت ضرورت آھي. اسان کي اهو ڏسڻو آھي ته اول انسانيت آخر انسانيت. انسان ۾ جيڪڏھن انسانيت موٽي آئي ته پالڻهار پاڻهي پيو به پرسن ٿيندو. عابد کي پنهنجو معبود تڏھن ئي ملي ٿو جڏھن اهو سندس بندي جي ڪنهن ڪم اچي ٿو. اهو ئي روحاني راحت جو سبب هُوندو آھي. توهان ڪنهن انسان جي مدد ڪندا، ڪنهن بُکايل جي بُک ختم ڪرائيندا، ڪنهن بيمار جو علاج ڪرائيندا، ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي کي ڪپڙي لٽي لئه ڪُجهه مدد ڪندا. ڪنهن غريب تان نياڻيءَ جو بار لاهيندا. ڪنهن جي لڄُ لُٽجڻ کان بچائيندا. تڏھن توهان کي هڪڙو اڌڀُت آنند ايندو. هڪڙو روحاني سڪون ملندو اهو ئي ايشور سان ملن جي گهڙي هُوندي آھي. اهو ئي زندگيءَ جو سڦل لمحو هوندو آهي. ان لمحي جو لمس ڪنهن ڪنهن خوشنصيب جي پلئه پوندو آھي. هن هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان واري نفسانفسيءَ جي بي رحم دور ۾ ماڻهن مان ماڻهپو مري رهيو آھي. انسانيت جو احساس دم ٽوڙي رهيو آھي ان احساس کي جڳائڻو آھي. ان مرندڙ انسانيت کي جيئدان ڏيارڻو آھي اهو تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن توهان ۽ اسان سڀ گڏجي هڪڙو آواز بڻجي اهو نعرو ٿي اُٿنداسين ته انسانيت زنده باد!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو