1. ڄام نظام الدين

    ڄام نظام الدين
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2022
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڀِٽن پَٽن ڀيڄ ڪر، وسن سڀ ولهار....!!

    • نور احمد جنجهي
    ڄام نظام الدين راھمون

    شاعري انساني اظهار جو اُهو لطيف ڍنگ آهي جنهن جو روپ ۽ رنگ مڙني اظهاري ذريعن کان نيارو ۽ پيارو آهي جو جُڳن کان انسان پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن، تصوراتي شڪلين کي لفظن جي قالب ۾ ڪڙي، من جي ماجرا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اِهڙن لطيف اظهارن جي شاعريءَ نسل انساني جي خيال تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن. شاعري جيڪڏهن دل جي ڌرتيءَ کي چيري ڦٽي نڪتل مِٺي آٻ جو اجهل ڦوهارو آهي. ته اُها ايترو ته وڻندڙ ٿئي ٿي جو هر هڪ اُن کي ياد ڪري وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح پڙهيل، اڻ پڙهيل، ٻار ٻُڍا، عورتون توڙي جوان اُنِ وَٿ کي جهرجهنگ جهونگارڻ لڳن ٿا. سنڌي شاعري به اهڙن من موهيندڙ موتين سان ٽمٽار آهي جن جي جڙاداريءَ، انساني شعور ۽ سوچ تي گهر اثر ڇڏيا آهن. اساسي سنڌي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم. شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، صوفي صادق فقير، خليفي نبي بخش لغاري جا اظهاريل خيالات اڄ به سنڌي ماڻهن جي زبان تي ازبر آهن. ڪشنچند بيوس، کيئلداس فاني، شيخ اياز جهڙن شاعرن به شعر جي ميدان ۾ پاڻ موکيو جن سنڌي خيال جي خزاني کي مالا مال ڪيو.
    ٿرپارڪر جي وڏي ڳوٺ وڪڙيئي ۾ جنم وٺندڙ، غلام محمد جنجهي به سنڌ جو اهڙو ئي نامور شاعر ٿي گُذريو آهي، جنهن جي شاعري جي اثر پذيري، موضوعن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ جي شاهوڪاري کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعري سنڌي شاعريءَ جي انهي اساسي ورثي جي ڪڙي آهي. غلام محمد جنجهي پنهنجي شاعريءَ ۾ سُر سارنگ سر جي، مُندن موجن، مينهن جي مانڊاڻ ، ماڻهن جي من جي مانڌاڻ، چوپائي مال جي چُرپر، گاهن ٻوٽن جو ذڪر ڪندي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڀٽن جي ڀر ۾ رهندڙن لاءِ مينهن جو اچڻ ڪيتري اهميت رکي ٿو ۽ ابرجي اوت ڪيئن نه سندن لاءِ سرهائيءَ جي علامت آهي جنهن اچڻ سان ڪُل قحط ڪٽجي وڃن ٿا:
    ابر سنديءَ اوت سان، ٽاريين قحط ڪُل،
    کائون،کپايون کاڄ جو،مهانگوٽريمُلهه،
    هٽن ٽري هُل، روزي مالڪ ر سائين.
    غلام محمد جنجهي جي سرجيل سُر سارنگ ۾ ڪُل اٺيتاليهه بيت آهن جيڪي مُختلف خيالن جون اهڙيون آرسيون آهن جن ۾ انساني احساسن جي جڳاندر جهوني املهه وٿ جا اولڙا پسي سگهجن ٿا ته مينهن جي اچڻ سان منظر ڪيئن هوندا آهن، سارنگ جي سينگار ڪرڻ سان سمورا ڌنار خوش ٿي پنهنجي مال کي ويجها ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته اُهي ڪيترن ڏينهن کان آسماني آب لاءِ سڪيا پئي ۽ پلرجي جي پوڄ پاڻيءَ جي پالوٽ منجهن آسودگي آڻي ٿي ۽ سندن سمورا اهنج ۽ اَهک ۽ دُک دور ٿي وڃن ٿا.

    مُند آئي مينهن جي، ڪيا سارنگ سينگار،
    خوش ٿيا سڀ کنوڻ تي، ڌونرين پاس ڌڻار،
    پيو ساهه سينن ۾، وهسيا ويرو تار،
    ويچارا سنگهار، سڪيا گهڻو ٿي سارنگ کي.
    اهڙي طرح اگوندرو آب جڏهن ڌرتيءَ کي ريج ڏئي ٿو ته ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪي، ڪنوار بڻجي پون ٿا ۽ ولهارن جا ولهار اکين جي نور جو سامان مهيا ڪن ٿا. ڪيئي گاهه ٻوٽا ٿين ٿا. جن ۾ ڪنڊيدار گاهه جهڙوڪ ڀُرٽ وغيره سان گڏوگڏ کوماڻو گاهه به ٿئي ٿو. جنهن کي مال وڏي شوق سان چري ٿو ۽ خاص طور کير ڏيندڙ مال کوماڻ گاهه چري، کير مان وهي اُٿي هلي ٿو ۽ سارنگ م ساون پٽن ۽ پاساڙن تي ڪوريءَ جي ڪار، رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳين لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي. سارنگ جي ساٺن سان ڏيهه سموري ۾ ڏُٿ جي وٿ عام جام ٿي پوي ٿي ۽ جڳ جون جُکيون لهي وڃن ٿيون . گاهه جي گلزاريءَ جو ذڪر ڪندي، غلام محمد جنجهي ٻر و ٻُرٽ ۽ سانوڻيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي به ٿر جا مشهور گاهه آهن.
    اسان اباڻن جو، ڀر م رکج ڀتار،
    ڀٽن پٽن ڀيڄ ڪر، وسن سڀ ولهار،
    ٻرو ٻُرٽ سانوڻي، ڪوريءَ ڪر ڪار،
    چاريون اسين چاهه مان، رڍون جت ريڍار،
    پلر جي پالوٽ سان، کيٽن چاڙهه خمار
    گهڻا غلام محمد چوي، ٿين ان انبار،
    اسان پکن جي پاٽار، ڪر آسودي ابرسان.

    اهڙي طرح ڌرتيءَ جي سائي کُهنبي اوڍڻ سان چوپايو مال سرهو ٿئي ٿو. رڍون ٻڪريون ڍڳيون ۽ ٻيو مال کائي خوش ٿي وٿاڻن تي وري اچي ٿو. غلام محمد جنجهيءَ جي شاعريءَ ۾ سارنگ جي نسبت سان مال جي چُرپر جو ذڪر آهي ته ڪئين مال ۾ سرهائي اچي ٿي ۽ اُهو جڏهان وٿاڻن ڏانهن موٽ ڪندي، اجهور ۾ پهچي ٿو ته رايون ۽ سايون ڪيئن رنڀون ڪري پنهنجي اندر جو اظهار ڪن ٿيون، چائلن جي چُڻڪڻ، ڪيئن ڀٽن کي مترنم بڻائي ڇڏي ٿو يعني ٿر جي فطرت ڀرئي مانڊاڻ ۽ چوپائي مال جي ڪيڏي نه وڏي معنيٰ آهي، ڇاڪاڻ ته ٿري ماڻهوءَ جو گُذارن ميگهه ملهارن جي برڪت سان اُڳندڙ پوکن ۽ ساوڪ جي برڪت سان ڍءَ ڪندڙ ڍَڪَ مال تي آهي. جنهن کي اُهي سرهائي جي نشاني طور لال چوندا آهن.

    اچيو اجهورن ۾، رايون رنڀون ڪن،
    ڪٽيا هئا قحط ۾، جوکا جُثي جن،
    بيهي تن ڀٽن ، ڪوري کاڌي قرب مان،

    ابرسندي آسري، ڪُنڍيون لک ڪُڻڪن،
    ڌونريون سايون درن تي ، جهوريءَ ۾ جهڻڪن،
    چائلون چُڻڪن ، بارش ڪر ڀٽن تي،
    اهڙي طرح ٿر ۾رهندڙ ماڻهن توڙي مال کي مينهن جي مانڊاڻ جي جيڪا اون ۽ الڪو هوندو آهي اُهو ٿريءَ رهواسين جي اکين ۾ ان آگم جي چمڪ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو جڏهن مينهن جي مُند اچي ٿي. ڪڪرن جون ڪارون ڪنڍرون ڪري اُڀ سينگارين ٿيون. ابر ۾ اُهاءَ ٿئي ٿو ۽ وڄ وراڪا ڏئي ٿي، کنوڻ کيل ڪري ٿي. اهو مانڊاڻ ۽ منظر ٿر رهاڪن لاءِ ڪنهن عيد کان گهٽ نه آهي. مينهن پوڻ جي ان مانڊاڻ کي شاعر هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
    سڪيا گهڻو جي سارنگ کي، تني لٿي اُڃ،
    ڀيڄ ڀٽن تي برسيو، بحرين ڪيا ڀُڃ،
    پوڄ پلر پلٽيا، ريلون ڪري رُڃ،
    کنوڻين ڏاڍي کيل سان، آندا ابر اُهڃ،
    مديني تان موٽيون ، پوٺن ڏيئي پُڃ،
    رب ڪيا رُڃ، آسودا ابر سان.
    سارنگ جون اهي سرهايون هرهنڌ تي نظر اينديون ۽ جڏهن ٿوري دير لاءِ به مُند دير ڪري ٿي ته ماڻهن ۾ هڪڙو اُلڪو پئدا ٿئي ٿو ته ڪٿي مالڪ جي مهر جي ٻاجهه جو ٻُڙو اسان مٿان هٽائي نه ڇڏي پوءِ ته اسين ڪٿي جا نه رهنداسين. ڏيهه ۾ ڏولائو اچي ويندو ڇاڪاڻ ته سارنگ سرهائي، سونهن، ساوڪ جو آڻيندڙ آهي جنهن جي اچڻ ساري مُلڪ جي مايوسي هڪ ڌڪ ۾ دور ٿي وڃي ٿي. سارنگ جي اهڙي سرهائي ڀري اهڃاڻ جو ذڪر غلام محمد جنجهي جي شاعريءَ م به ملي ٿو جنهن ۾ هُو ماڻهن جي سارنگ ڏانهن سڪ ۽ ڇڪ ۽ سڪ واريءَ ڪيفيت کي بيان ڪندي اهو بُڌائي ٿو ته ا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو