عيسي ميمڻ جي ٻاراڻي نظمن جو گٽڪو، ٽم ٽم تارا "جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    241
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    عيسي ميمڻ جي ٻاراڻي نظمن جو ڳٽڪو، "ٽم ٽم تارا" جو سرسري جائزو... !
    فقير محمد سنڌي.
    جيسين ڏوهٽا سارا هوندا،
    ناني تنھنجا نعرا هوندا.
    چون ٿا سچائي ٻار جي ذهن ۾ رب پاڪ ريشم جي تند وانگر مولائم ڪري رکي ڇڏي آهي تڏهن ته ٻار هر ويل سچائيءَ جو ساٿ ڏئي ٿو. عيسي ميمڻ جي ٻاروتڻ واري شاعري، سچ ۽ صحن جي مٽيءَ واري هڳاءَ سان واسيل آهي.پنهنجي صحن کان وٺي تر جي هر منظر ۾ عيسي ميمڻ پنهنجو جنم محسوس ڪري ٿو، ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو.
    "ڦ" سان ڦيٿو، سنڌين جي ايجاد آهي،
    جنهن سڄي دنيا کي بدلايو آهي.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر مشتاق بخاري لکيو آهي، لکي ٿو ته :"عشقيہ ۽ انقلابي ادب کان ويندي ٻاراڻي ادب تائين ڪتاب" سياست، تاريخ ۽ ڪردار ۽ "سرت سندو سوجهرو "کان ويندي هن ڪتاب "ٽم ٽم تارا" تائين عيسي ميمڻ جو تخليقي سفر نهايت، شانائتو ۽ مانائتو رهيو آهي. عيسي ميمڻ جيئن تہ هڪ بهترين استاد سان گڏ هڪ بهترين والد بہ آهي ان ڪري هن ٻارن جون معصوم حرڪتون، محبتون ۽ شرارتون محسوس ڪندي ٻاراڻي ادب جي اهميت کي محسوس ڪندي ٻارڙن کي تخليقن جي صورت ۾ محبتون ارپيون آهن، محبتن جو اظھار ڪيو آهي. "
    مهين جي ماروئڙن جي ڪرت ۽ قدامت پسندي کي انساني شعور سان عيسي ميمڻ عظمت ڀريو مينار سمجهي ٿو.
    سڏ صدين جو ورنائين،
    ۽ هي ڳالھ هانءٌ سان هنڊائين،
    مُهين مانُ وڏو آ پيارا،
    مُهين احسان وڏو آ پيارا.
    ***
    وٺندينءَ اگر مون کي پڪڙي،
    منهنجا ڪن ٻئي ڳاڙها هوندا.
    بهترين تعليمدان ۽ محقق سعيد چانڊيو لکي ٿو ته :" سنڌي ادب ۾ ٻارن جي ادب جي شروعات انگريزي دور کان ٿي. رسم الخط جي نئين سر سڌاري کانپوءِ سنڌيءَ ۾ سڀ کان پهرين ٻارن لاءِ نصابي ڪتاب باب نامو ڇپيو . اهڙيءَ طرح ٻارڙن جي لاءِ لکڻ جو رواج پيو. سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جا منتشر جزا قديم داستانن ۾ به ملن ٿا پر اهي قصا خاص طور تي ٻارن جي لاءِ نه لکيا ويا هئا بلڪہ اهي وڏن جو اهو سرمايو آهن جن کي ٻارڙن پڙهڻ سان پنھنجو ڪيو. "
    وستي وستي، واهڻ واهڻ،
    پکڙيل تنهنجو ڪلام ڀٽائي.
    هر بيت تنهنجو راھ سچائي،
    محبتن جو آن امام ڀٽائي.
    ٻاراڻي شاعريءَ ۾ نم جي وڻ کي ڪافي شاعرن عمدي نموني سان پيش ڪيو آهي. نم جو وڻ پنهنجي ماحول ۽ صحت لاءِ انتهائي ڪارائتو وڻ آهي. ڀٽائي جي ڌرتي تي نم جا وڻ اڃان موجود آهن. نم جي وڻ جو ذڪر ان ڪري ڪيو ٿم ته ٻاراڻي ادب ۾ وڻن تي نظم لکيا وڃن، جيئن وڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهي.
    لڳي پيو اتر واءُ، وڻن ڇڻيا هن پن،
    ڍڪيو پنهنجا ڪن، سياري جي سرد هوا کان.
    ليکڪ نثار جتوئي ڪتاب تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته :" ٻارن جي شاعريءَ جو هي ڪتاب ٽم ٽم تارا ٻارن لاءِ خوبصورت تحفو آهي هن ڪتاب ۾ ٻارن جي سمجهہ کي سامهون رکي جيڪا شاعري ڪئي آهي اها ٻارن کي تفريح سان گڏ نصيحت به فراهم ڪري ٿي. "
    منهنجي هئين جا هار
    ڌرتيءَ جا پيارا ٻار.
    سنڌ جي دشمن لئه،
    بيھندا ٿي ترار
    ڌرتيءَ جا پيارا ٻار.
    رکن ٿا مرڪ چهري تي،
    ابي امڙ جي اکين جا ٺار،
    ڌرتيءَ جا پيارا ٻار.
    صاحب ڪتاب جي راءِ به ڪجهہ هن ريت آهي ته :" منهنجو ادب سان ناتو، ٻاراڻي عمر ۾ ئي جڙيو هو. ننڍپڻ ۾ ٻارن لاءِ لکڻ سان پنهنجي لکڻ جو آغاز ٿيو. خاص ڪري اسرار شام جيڪي خط لکي اتساھ بخشيو هو، جنهن جي طفيل ٻارن لاءِ لکڻ پڙهڻ جو ذوق پيدا ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين اهو سلسلو رڪيو نه آهي شايد اڳتي به رڪجڻ محال آهي. ڇو جو لکڻ زندگي آهي ۽ زندگي کي ڇڏي ڏيڻ ممڪن نه آهي. "
    هيٺين شعر ۾ ڀلجي وڃڻ جي نصيحت عيسي ميمڻ ٻارن کي ڪري ٿو پر پاڻ سڄي ڪتاب ۾ ھ، هاٿي، جه جهرڪي ۽ گه گهوڙي کي نظر انداز ڪيو اٿس.
    هر وک تي ڀلجي نہ وڃو،
    ملندي پوءِ وقت کان ڪا ميار،
    آيو نئون سال کڻي اميدون انبار.
    فطرتي منظرن جو خيال ۽ جيجل جو جذبو ٻار جي ذهن ۾ شاعر ۽ ليکڪ سمائڻ جي ڪوشش هن ريت هيٺين ريت ڪري پيو .
    اڏري آيو ڳيرو،
    ڏسي ڳوٺ ٻاهران،
    چڻن جو ديرو.
    ***
    ٿڌو واءَ هلڪو،
    ماءُ کي پنهنجي،
    ٻار جو الڪو.
    ***
    جيئن خوشبو گلن ۾،
    تيئن سنڌي ٻارڙا،
    آهن منهنجي من ۾.
    ڪتاب جي ارپنا هن ريت ٿيل آهي ته "هي ڪتاب ارپيا ٿو ٻارن جي مسيحا اسرار شام ۽ اڪبر جسڪاڻيءَ کي جن ٻارن جي ادب لاءِ سموري ڄمار ارپي ڇڏي."
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، نجمہ چانڊيو لکيو آهي، لکي ٿي ته :" سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٻارن لاءِ سرجيل ادب تمام گهٽ آهي جنهن ۾ سائين عيسي ميمڻ به پنهنجو حصو وڌو آهي. مان اميد ٿي ڪريان ته سندس شاعري ٻارن لاءِ اتساھ ۽ اميد جو سبب ضرور بڻبي. "
    ٻار جي ٻالڪ پڻ ۾ اميد جو ڪرڻو بابو آهي، ماءُ ڄڻ جنت جي ڪنجي آهي. پيءُ رحمان وارو ڏيک ڏئي ٿو ۽ هر ويل ماءُ رحيم آهي. عيسي ميمڻ ٻارن جي انگلن کان بلڪل واقفيت رکي ٿو.
    بابا پيارا،
    لاهي ڏي مون کي،
    چنڊ ستارا.
    ***
    امان او امان،
    چارئي پهر تنهنجا،
    هٿ پير چمان.
    هتي فلسفي گرو چيف جا جذبا ياد اچي ويا آهن، جيڪو روين جي خانہ جنگيءَ سبب پنهنجي پيءُ جي قبر تي ڪڏهن بہ نہ وڃي سگهيو هيو ۽ آتم ڪٿا ۾ لکيو هيائين تہ جيڪو بہ سندس پيءُ جي قبر تي وڃي سو هي دعا ڪري يا ڪُتبو لکي تہ :
    " مان تنهنجو آهيان
    تنهنجي تخليق مان
    تون اسان جو آهين
    اسان ٻئي تنهنجا
    ۽ اسان سڀ ئي
    پنهنجي ڀر واري جا."
    درد جو احساس ان درد وند کان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو جيڪو درد جي پيڙا مان گذريو هجي.جن کي والدين جو پيار نه مليو هجي، اهي احساس مٿيئن سٽن بي خوبي لڳائي سگهجي ٿو.
    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏15 جولائي 2022

هن صفحي کي مشهور ڪريو