شاھ لطيف جي شاعري ۽ موسيقي سرسري جائزو...

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڦريا پسي ڦيڻ کرين کير نه چکيو...!
    ڪتاب "شاھ لطيف جي شاعري ۽ موسيقي" جو سرسري جائزو... .!
    فقير محمد سنڌي.
    ڪاتب لکين جنءَ، لايو لام الف سين،
    اسان سڄڻ تنءَ، رهيو آهي روح ۾.
    سرمد چانڊيي جو روح ڀٽائي سرڪار سان هر ويل جڙيل ٿو رهي، ڀٽائي سرڪار جي باغ مان سهڻا گل فني فڪري طور پيش ڪندو رهي ٿو. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڇند، شاھ لطيف تي ناول ۽ لطيف شناسي ۾ "شاھ لطيف جي شاعري ۽ موسيقي " اوهان جي نظر آهي. ادب ۾ جن به بنيادي ڪم ڪيو آهي انهن فنون لطیفہ جي فردن کي ڄڻ راحت بخشي آهي. ادب ۾ راحت جو پنڌ سرمد سائين وٽ عشق وارو آهي.
    جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو،
    سئون تن سڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهيو.
    ڪتاب جو مھاڳ هيرو ٺڪر لکيو آهي، لکي ٿو ته : سنڌي موسيقيءَ بابت عالم آشڪار آهي ته ان جون جڙون موهن جو دڙو واري زماني کان ملن ٿيون جو اُتان انساني مجسمن ۾ اهڙا به مجسما مليا آهن جيڪي ان دور جي ماهر ڳائڻين ۽ رقاصائن جا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ته به چار هزار ورهيه کن پراڻا آهن. اها روايت پوءِ مسلسل هلندي آئي، راڳ، سازن ۽ ناچ جي فن ۾ ترقي ٿيندي رهي، جنھن جا آثار ٻين ٽين صديءَ تائين ساڪن ۽ تاڪ( تکشه )جاتين تائين ملن ٿا جن جا ڪلاسيڪي راڳ نه فقط سنڌ ۾ رائج رهيا پر اُهي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ هاڻوڪي پنجاب تائين ڦهليل پر ٻاهر ايران ۽ عرب ديس تائين ڦهليا.
    دنيا جي اندر راڳ جا پنهنجا اصول آهن. سنڌ ۾ شاہ لطیف وٽ ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ جو بنياد هن ريت رکيو. شاھ لطيف ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ جو بنياد ٻاويهن ورهن جي ڄمار ۾ رکيو.
    ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ جو پهريون تيار ڪيل سر معذوري آهي. سر معذوري نون سرن ۽ چئن گرامن جو راڳ آهي. سُر معذوري جا وڄت ٻول آهن.
    او ميان لا وو ميان ميان.!
    ڪتاب جي اَمهاڳ ۾ سائين سرمد چانڊيو لکي ٿو ته :" ننڍپڻ جون يادگيريون به حضرت عشق جي داستانن مثال طور. جهڙوڪر ڍول ماروءَ جو قصو، عشق هڪ آفاقي اعلان آهي. جنھن جي ڪن پيو، اهو ٿڙيو، انسان شهواني خواهشن کان اڳ ۾ جيڪو عشق ڪري جوڳ پچائي ٿو. اهو ئي آفاقي عشق آهي. مجاز ته کوھ جو ميرو سيرو پاڻي آهي. جنھن کي آٺرجڻ ۾ وقت لڳندو آهي. اکين جا عقاب پرواز ۾ اک ڇنڀ سان وڃي پهچندا آهن. "
    سچل سرمست جو عشق وارو نقطو به ڪجھ هن ريت آهي.
    عشق لڳئي ته چئو آمين،
    نہ منجه ڪفر نہ منجهه دين.
    شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ لاءِ اميد جو ڪرڻو، نياز نوڙت جي بنيادي اصولن کي عام ڪرڻ، روايتي ۽ سماجي قدرن جي سوچ صرف انسانيت لاءِ ڪوش جي محور حقيقي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
    ڪتاب تي بختاور منصور لکي ٿي ته :" سرمد چانڊيو هن دور جو هڪ بهترين استاد شاعر آهي، سندس هڪ مشهور گيت : مان نه ڪوي، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ کي به جهومائي وجهندو هو. پاڻ اعلي درجي جو محقق ۽ لطيف جو پارکو آهي لطيف سرڪار جي مڪمل شاعريءَ جي ڇند وديا تي ٻن جامع ڪتابن، ڀٽائيءَ جي موسيقيءَ ۽ سندس زندگيءَ تي مبني ناول سميت سندن سورنهن کن ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن. "
    سرمد سائين شاعريءَ جي فن سان محبت رکندڙ لاءِ پدن بابت مختصر وضاحت به پيش ڪئي آهي.
    1سن مک ٻين پدن سان استعمال نه ٿيندا آهن.
    2لگهو پد، گرو پدن کان ماترڪ ڳڻپ ۾ گهٽ هوندا آهن.
    3گرو پد، لگهو پدن کان وڌيڪ ماترائن وارا هوندا آهن.
    4تڪيارو پد، قافيي وارا پد هوندا آهن.
    5اولاڻڪ پد، وراڻي وارا پد هوندا آهن.
    6وشم پد غير مساوي يا اڻ برابر پدن کي چئبو آهي، هي پد سم پدن سان گڏ بہ هلندا آهن تہ اڪيلي بہ ڪم آڻبا آهن.
    7سم پدن ماترڪ حوالي سان ڪنهن به ساڳي ماترن واري پد کان پوءِ ايندڙ پد ۽ ساڳي ماترن واري پهرين پد کي سم پد چيو ويندو آهي، هي پد وشم پدن سان گڏ هلندا آهن.
    8شاھ سائين جن 214واين ۾ 130ڇند ڪم آندا آهن. ص 90-91
    لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ انيڪ منظر، فڪري رنگن سان تشبيهون ڏئي سمجهاڻي طور پيش ڪري ، ننڍي کنڊ جي وحدت الوجود فڪر جي سوچ رکندڙ ماڻهن لاءِ رهبريءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

    وحده لا شريڪ لہ، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
    سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.

    شاھ لطيف جي شاعري ۽ موسيقي جو پهريون مضمون" شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر " ۾ ڀٽائي سرڪار جي آمد وقت ان دور جون حالتون، حڪمرانن جي سنڌ جي سنڀال، شاھ لطيف جي تعليم، شاھ سائين جي سماج تي نظر، ان دور جا مکيه مذهب، راڳ رنگ، شاھ لطيف جي دور ۾ فن ڪاريگري انمول هنر ۽ پوکي راهي جو سرشتو مڪمل طور موجود هو. سازَ، سنڌ ۾ يڪتارو، تنبورو، بين، مرلي، بانسري، بوڻينڊو، چنگ، نغارو، کڙتال، گهڙو يا گهاگهر، مرڌنگ، ڍولڪ، دهل، سرود، سارنگي، رباب، ڏونڪو، نفيل، دڦ ۽ کنجري جهڙا ساز عام جام هئا، جيڪي هتان جا ڪاريگر تيار ڪندا هئا. " تڏهن ته شاھ لطيف پنهنجي دور کي تاريخي طور تي رقم ڪيو آهي." شاھ سائين جن دنيا جا وڏا موسيقار آهن، جن رسالي جا ستٽيهه راڳ سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ کي ارپيا آهن. شاھ سائين جن پنهنجي ڳائڻ واري صنف وائي جا پاڻ موجد آهن. "
    ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پرھ مَ کڻي پاند،
    آئون پنهنجي ڪانڌ، لوڪان لڪي رائيان.
    شاھ سائين ڪوتا ڪلا جا ڪنارا ڏيئي ناهي هليو، پاڻ پاتال ۾ پيهي محبت جا امل موتي ڪناري تي ڪڍي آڻي، گوندر جو گنج سنڌوءَ ساهت کي ارپيو آهي. شاھ لطيف جي شاعري، موسيقي ۽ راڳداري جي حوالي سان هي ڪتاب ڪارائتو آهي، جنهن مان موسيقي، فن فڪر ۽ لطيف شناسي جي آساني سان پرک ٿئي ٿي. عشق جي واٽ اوکي لطيف سائين جو مشاهدو اوھان جي نظر ته :
    جيئن سي کوهي نار، وهن واريءَ گاڏئان،
    هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نہ نبري.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو