ڪامريڊ ڪريم بلوچ جو سهيڙيل ڪتاب "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فن ۽ فڪر" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪامريڊ ڪريم بلوچ جو سهيريل ڪتاب "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فن ۽ فڪر"جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    انسانن سان قائم آهن،
    دنيا اندر سارا هُل!
    تخليقڪار جي ڏس تخليق،
    هوا، سمنڊ، ڌرتي بادل.!
    سمبارا پبليڪيشنس حيدراباد جو 322هون ڪتاب، چانڊوڪي پبليڪشن ڪراچي - لاڙڪاڻو جي سهڪار سان شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگي، شاعري، ڪتابن تي تبصرا ۽مضمون شامل آهن، جن کي ڪامريڊ ڪريم بلوچ سهيڙي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ واڌاري جو باب رقم ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا " ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، واسديو موهي، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، طارق اشرف، ذوالفقار راشدي ۽ پروفيسر سليم ميمڻ جي نانءِ ٿيل آهي. ڪامريڊ ڪريم بلوچ ڪتاب کي ٽن حصن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ترتيب ڏئي آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال تي لکيل منظوم ڀيٽا ۽ 342 گهايل ڪلامن جي فهرست پڻ مهيا ڪئي آهي. ڪتاب جا ٻيا به گهڻا پاسا آهن جن تي لکيو ويندو پر مون کي هڪ ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڊگهي قافلي جو راهي آهي جنهن جي ڪري هن جي طبيعت ۾ روحاني صلاحيت، سمجھ جي صلاحيت ۽ ذهني طاقت جهجهي انداز سان موجود آهي ۽ ان صلاحيتن کي ڊاڪٽر ذوالفقار ادب، سماج، خاندان ۽ دوستن تي صرف ڪندو رهي ٿو. اهڙا فرد منهنجي خيال ۾ ٻه سيڪڙو مس آهن جيڪي زندگيءَ جي راز کي سمجهي سماج لاءِ پنهنجو فن ۽ فڪر ڇڏي وڃن ٿا. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ حصيداري جو ڪم ذميواري سان نڀائيندو پيو اچي.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعره نسرين الطاف لکيو آهي، لکي ٿي ته :"مواد پڙهندي پڙهندي مان ڪامريڊ ڪريم بلوچ جي هن تاريخي ڪم تي سوچيندي رهيس ته اڄوڪي مصروف دور ۾ به ڪي اهڙا ادب ۽ ٻوليءَ جا خاموش خدمتگار آهن جيڪي شاعرن ۽ اديبن کي جيئري ئي مانُ ڏئي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن. ڪامريڊ ڪريم بلوچ پنهنجي هن ڪتاب" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فن ۽فڪر" ۾ ٽن ٻولين، سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان ۾ لکيل مضمون شامل ڪيا آهن."
    اونداهيءَ ۾ ڏيئو ٻاري،
    تيل جي بدران رت ڏينداسين.
    جيسين پنهنجو انت نه ٿئي ڪو.
    چارلس ايم سيلڊون پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب "in his steps" ۾ لکي ٿو ته سمورو شهر ان ڳالهه تي متفق آهي ته "حضرت عيسي عليہ السلام کي ڏسو ته ان انسانن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏنو آهي پوءِ ان مطابق حياتي گذاريو. حضرت عيسي عليہ السلام جي پيغام تي عمل ڪرڻ سان سمورن ماڻهن جون ڏکيائيون ختم ٿي ويو. " مٿيون شعر زندگيءَ جي معاملي ۾ انتهائي اوني پد جو آهي رڳو ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪتاب جي 266صفحي تي ڪامريڊ ڪريم بلوچ جي مضمون سان گڏ خوبصورت تصويري البم به پنهنجي تاريخ رقم ڪري، مي رقصم جو رقص جاري آهي جون نشانيون پسائين ٿيون.
    مقصد تي اٽل بيٺل شخص ذوالفقار سيال ۾ ذهانت، طاقت ۽ لطيف جذبن جو اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ فيصلي ڪرڻ جي سگهه به موجود آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي زندگيءَ ۾ خودار شخص رهيو آهي اهڙو ئي انٽرويو هن ڪاوش جي عيوضي عظمت ﷲ ڪنڀر کي ڏئي حقيقتن کي نروار ڪيو آهي "سومر پهرين جون 2020ع تي روزاني ڪاوش حيدرآباد کي ڏنل انٽرويو پڙهڻ جهڙو آهي. ان تي تنقيدي ۽ تعميري راءِ قاريءَ جو حق آهي.
    سنسار جي حسناڪي شاعر ئي ڄاڻي ٿو جو ههڙا انمول ٻول سرجي ٿو.
    سونهن ڀريو سنسار هي آهي،
    ان ۾ پنهنجو پيار ئي آهي.
    ننڍڙي ڳالهه تي ڇا جا جهيڙا؟
    ريجهڻ جو اقرار هي آهي.
    ڪتاب ۾ ناليواري دانشور منصور ٿلھو جو رايو به شامل آهي، لکي ٿو ته:"ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي خاص طور تي ٻارن لاء شاعري پڻ ڪمال جي آهي، ٻارن کي ڪڏائڻ، کيڏائڻ ۽ زندگي رنگن سان روشناس ڪرائڻ جا گيت ڄاڻ سان ڀرپور آهن."
    ننڍ پڻ جون ڳالهيون، من ۾ هن مون پاليون،
    نيڻن جا هي جام، جيون تنهنجي نام.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگيءَ جو مقصد سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ آهي، اهو ئي ڊاڪٽر جي زندگي جو حصو ۽ راز به آهي. وقت کي صحيح استعمال ڪرڻ جو داد ڊاڪٽر کي هن ئي ڪتاب ۾ ملي ويو آهي. جيئن ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لکي ٿو ته :" ذوالفقار جي شاعريءَ ۾ فني جوڙجڪ، رومانوي رنگ، قوميت، مزاحمت ۽ عاشقيءَ جا عڪس به گهڻ رخا آهن. هو غزل، ڪافي ۽ گيتن ۾ نوان تجربا ڪندڙ ايڪويهين صديءَ جو سر موڙ شاعر آهي." ڪتاب جي فهرست ۾ تقريبن 61 مضمون سنڌي، 8 مضمون اردو ۽ 4مضمون انگريزي ٻوليءَ ۾شامل آهن. سمبارا پبليڪيشنس جو روح روان ساجد سنڌي لکي ٿو ته :" سنڌي ٻولي ۽ادب سان بي پناھ محبت رکندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو قلم ڪجهه ڏهاڪن کان لڳاتار سندس وجودي ڪيفيتن سان سلهاڙيل نظر اچي ٿو ۽ اڃان به ٿڪجي نه ٿو."
    ڪتاب" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فن ۽ فڪر " ڊاڪٽر جي زندگيءَ جي روايتي قدرداني جو هڪ اڀياس پڻ آهي. اهو به سچ آهي ته ڊاڪٽر پنهنجي دور سان عشق وارو تعلق جوڙي رکيو آهي. سوز هالائي جون سٽون ٿيون ياد اچن ته:
    نيري پاڻيءَ ۾ ڪنول ڏاڍو وڻيو،
    سونهن جو رد عمل ڏاڍو وڻيو.
    رد عمل کان پوءِ ئي عمل وجود ۾ ايندو آهي، اهڙي ڳالهه کي ناليوارو شاعر ۽ صحافي نعمت کهڙو به پنهنجي مضمون ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي. لکي ٿو ته :" ذوالفقار سيال پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪنهن کي به بخش نه ڪيو آهي. عام طور تي اهو سمجهيو ويندو هو ته ذوالفقار سائين حڪمرانن جي ويجهو آهي پر هن جي شاعري ٻڌائي ٿي ته هو صرف ۽ صرف حق سچ، مظلوم عوام ۽ سنڌ جي ويجهو آهي."
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ نيڪ تمنائون ۽ دعائون آهن ته اڃا به سنڌي ادب کي ڪتابن جا تحفا ڏيندو رهي. آخر ۾ ڪامريڊ ڪريم بلوچ لاءِ نارائڻ شيام جون سٽون:
    آهيان ته بوند پوءِ به لهرون ڏسي ڏسي،
    اڇلون ڏئي ٿي دل ته پوان ھوند سمنڊ ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو