ڪتاب "درد ميڙي مون رکيا" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "درد ميڙي مون رکيا" جو سرسري جائزو...! فقير محمد سنڌي.
    منهنجي وستين کي ڳولهڻ اگر ٿو گهرين،
    ڏس تہ آثار مهين جي کنڊرات جا.
    شاعري تن جو طبيب آهي، تڏهن ته هر جمالياتي زندگيءَ جو مرڪزي خيال شاعريءَ ۾ اوتيل ملي ٿو تڏهن ته سڀني انساني جذبن جي ترجماني سرو شاعريءَ ۾ ملي ٿو، اهڙي ترجماني جو گس صوفي امتياز ٻَلال "درد ميڙي مون رکيا" اوهان جي حضور ۾ پيش ڪيو آهي. صوفي امتياز ٻلال هنري جوت سڀ منظر پنهنجي غزل، نظم، ٽيڙو ۽ چوسٽن ۾ پيش ڪيا آهن.
    تڏهن ته شاعرن جي سرتاج لطيف سائين فرمايو ته :
    پليءِ پايو پُوڻيون، در در ڀيرا ڏي،
    ڪامون ڪَتائي، ڪاپائتي آهيان.
    ڀلي ڪنهن ڪرت جو زوال اچي وڃي پر شاعر جا لفظ پنهنجي ڪرت سان سماج کي پنهنجو آتساھ آڇيندا رهن ٿا. شاعر جا لفظ تاريخ جو مها ساگر ٿين ٿا. تڏھن ته امتياز ٻلال جي شاعري دانهن جو درد سمايل آهي.
    عشق ٻوڙيو سِير ۾ سُهڻيءَ کي هو،
    ڪو نه دم هو ايترو مهراڻ ۾.
    ***
    پوپٽن جا پَر وري ڪنهن اڄ پٽيا؟
    ڪنهن زهر آهي ڀريو سرهاڻ ۾.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر وسيم سومري لکيو آهي، لکي ٿو ته :"منهنجي خيال ۾ هي پنهنجي دور جي شاعرن کان متاثر ٿيڻ جو عمل هڪ فطري عمل آهي، زندھ شاعري ئي پهرين متاثر ٿيندي آهي ۽ پوءِ پنهنجو منفرد دڳ ٺاهيندي آهي، ڇو ته مقدار مان معيار ۾ تبديل ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي."
    پنهل جي دل جي تند سسئي ساڻ ساھ کڄندي هئي ۽ امتياز ٻلال جي ساھ جي تند جي تنوار هيٺين ريت آهي.
    سنڌ سان ساھ جي تند آهي جڙيل،
    پر ڇو مورو اکين ۾ رهي ٿو سدا.
    عشق ٻوڙيو سير ۾ سهڻيءَ کي هو،
    ڪو نه دم هو ايترو مهراڻ ۾.
    پوپٽن جا پر وري ڪنهن اڄ پٽيا،
    ڪنهن زهر آهي ڀريو سرهاڻ ۾.
    سيد منظور علي شاھ منظور، سيد مختيار علي شاھ به ڪتاب تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي.
    سنڌي ادبي سنگت جو جاکوڙي فرد رضا لانگاھ لکي ٿو ته :" ادراڪي احساسن ذريعي پيش ڪرڻ واري اطلاقي انسانن کي عربي ٻوليءَ ۾ شاعر سڏيو ويندو آهي. جنهن جو مطلب آهي اهڙو ڄاڻو ماڻهو جيڪي سماج ۾ لفظن جي رڌم ذريعي سماجياتي ۽ جمالياتي فڪري يا حسناڪي اهڃاڻ کي آرٽ جي اهڙي روپ ۾ ظاهر ڪري جن کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان اتساھ جا ادراڪي احساس روشن جسمن جيان چٽا نظر اچن ۽ وجداني ڪيفيت پيدا ڪن. ".
    شاعرن جي ڪلام جي ڪيفيت ۽ انهن جي حقيقي منظر نگاري به ڪمال ٿئي ٿي. شيام جون سٽون آهن ته :
    شيام چر پر سڪل پنن ۾ به ٿي،
    ڇا هوا صبح جي لڳي آهي.
    امتياز ٻلال جون سٽون به من جي آڳر کي ٿڌاڻ بخشي رهيون آهن.
    اچي پير گهر ۾ گهمائي وئي،
    سڪل باغ سائو بڻائي وئي.
    ڪري مک مبارڪ تان پردو پري من،
    بڻايو بزم يار پُرنور هوندئي.
    ناليوارو شاعر پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو لکي ٿو ته '" امتياز ٻلال کي جيڪا شاعري عشق ڪرڻ جي جيڪا تڙپ آهي اها کيس وڌيڪ ڪامياب ڪندي، هو هڪ حسن پرست، وطن پرست ۽ سوچيندڙ شاعر آهي يقينن هن جيڪا سنڌي شاعري جي خدمت ڪئي آهي اڃا وڌيڪ نکري نروار ٿيندي ۽ ڪيتريون ئي پياسون ليون سيراب ٿينديون."
    اجري قلۡب مان نڪتل هر ڳالهه محور عشق ئي آهي جنهن امتياز ٻلال کي شاعريءَ جو پنڌ ڪرايو آهي.
    اوهان جي سڳيءَ تي ٿا ڀونئرا ڦرن،
    نہ آهي خبر ڇا حقيقت هئي.
    ويس غمن جو هن پارايو،
    چاھ منجهان مَنُ چوڙي ويندو.
    سنڌ جو البيلو ڪوي معشوق محسن ابڙو لکي ٿو ته :" جڏهن امتياز جي اکين ۾ عشق جا اُلا اٿن ٿا ۽ اڪير جي عميق ۾ الوپ ٿي وڃي ٿو ته ان وقت ڪهڙي ڪيفيت مان گذري ٿو ۽ پنهنجن ڳوڙهن تي به ضابطو نه ٿو آڻي سگهي عاجزي ۽ انڪساريءَ مان پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿئي ٿو. "
    دل جي درد جو گهرائي سان خطاب ڪندي امتياز ٻلال لفظن جي جوڙ کي ڪٿي به ضربي نه ٿو.
    اسان جو وري رات سپنو ڪُٺو،
    نہ گروي رکڻ لئه ڪا قيمت هئي.
    تو نه آمد جو ڪيو احسان ڇو؟
    مون سجائي سڀ ڇڏيا رستا هُيا.
    پير شمس الدين شمس ۽ بيوس سجاد گاڏهي به امتياز ٻلال جي شاعري ۽ زندگيءَ جي هر رمز کي داد ڏنو آهي.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري شاعر ايوب کوسي لکيو آهي، لکي ٿو ته :" امتياز جي شاعري احساس جي روح سان واسيل آهي، جذبي جا گل هن جي شاعري ۾ تازا نظر اچن ٿا. غزل کي هِن انتھائي ڪوملتا سان لکيو آهي."
    پوري ڪائنات شاعريءَ جي رڌم تي رقص ڪري ٿي، اتي امتياز ٻلال جا غزل پيار جي پڙ تي مي رقصم آهن. آخر ۾ امتياز ٻلال جي غزل جا بيت ئي سندس لاءِ ته :
    رات ساري ننڊ ايندي هُئي مٺي،
    سانوري ٻانهن وهاڻا ياد ڪر.
    روح ۾ ڪو عڪس تنهنجو ويو لھي،
    نيڻ تو وٽ ها وِڪاڻا ياد ڪر.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو