غلام رسول چانڊيو
سينيئر رڪن
.
سرهاڙي شهر جي تاريخ .........
ھي منظَر آھن سنڌ جي ھڪ شھر سرھاڙيءَ جا! جي ھا سرھاڙي، جنھن جي تاريخ جا پنا دنڌلا آھن. سرھاڙي، جنھن جو نانءُ انوکو آھي. ھن شھر تي اھو نالو ڪيئن پيو؟ وارو سوال پنھنجو جواب اڄ تائين تلاش ڪري رھيو آھي. سنڌو درياءُ، جنھن جي اڻ ڳڻين وھڪرن جا نشان اڄ تائين سنڌ جي سيني تي چٽا پِٽا موجود آھن، انھن نشانن سان جڏھن ڳالھائجي ٿو ته، اُھي ڪيئي داستان ٻڌائين ٿا. سرھاڙيءَ کي جيڪڏھن ڪنھن مٿاھين ھنڌ تان بيھي ڏسبو ته ، سنڌو درياءَ جي وھڪرن جا نشان واڪا ڪري ٻڌائيندا ته ھي منھنجو شھر آھي، منھنجو اڏيل آھي ۽ منھنجو ئي پتڻ آھي. سنڌو درياءَ جي وڏي ڇاڙَ يا وھڪرو، جنھن کي لوھاڻو درياءُ سڏيو ويندو ھيو، اھو درياءُ به سرھاڙيءَ جي آس پاس کان وھندو ھيو. لوھاڻو، جنھن سھڻي ٻوڙي ھئي ۽ لطيف سائين ان کي پنھنجي ڪلام ۾ امر ڪردار طور پيش ڪيو، ان لوھاڻي رڳي آسائتيون نه ٻوڙيون ھيون، پر پنھنجي ڪنڌيءَ سان ڪيئي شھر به اڏيا ھيا، دريائي ڪنارن سان ٺھيل شھر پھريان پَتڻَ ھئا، پوءِ ڪاروباري سرگرمين جي ڪري شھر ٿيندا ويا. ائين سنڌوءَ جي وھڪرن مٽجڻ سان ڪيئي شھر برباد ٿيا ته ڪيئي نوان شھر، نون وھڪرن تي جڙندا رھيا ۽ ائين ڪن شھر وھڪرن مٽجڻ باوجود به پنھنجي بقا قائم رکي. لوھاڻي درياءَ جون لُوھِيوُن ته ختم ٿيون، پر سرھاڙي شھر ڪيئي لاھا چاڙھا ڏسڻ باوجود پنھنجي بقا قائم رکي.
سينا به سينا مليل احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته لوھاڻي درياءَ جي ڪنڌي يا وري ان مان نڪتل ڪنھن وھڪري جي ڪناري سان مھاڻن جي وستي قائم ھئي. ان وستيءَ کي مائي سُرھي جي نالي سان سڃاتو ويندو ھيو، بلڪه اھو مائي سُرھي جو پتڻ ھيو، جتي ھڪڙيون جنسون پيون ٻيڙين تي چاڙھبيون ھيون ته ٻيون جنسون پيون لاھبيون ھيون، مڇي ته ھونئن ئي پئي لھندي ھئي ۽ مائي سُرھي سميت سموري سنڌ مڇيءَ مانيءَ واري ھئي. وڏڙن واتان اھي ڳالھيون ٻڌبيون ھيون ته مائي سُرھي جو اھو پتڻ اڳتي ھلي، جڏھن شھر بڻيو ته سندس نالو به بدلجي سرھاڙي پئجي ويو. اھا حيرت جي ڳالھ آھي ۽ تاريخ جي اھم حقيقت به! ته سنڌ جي ڪيترن شھرن جا نالا عورتاڻن نالن سان ملن ٿا، جنھن مان اھا ڳالھ بھرحال سمجھ ۾ اچي ٿي ته سنڌ گھڻو عرصو مادَرِسَريِ سماج رھيو آھي.
ائين داستان گوئي جي دنيا ۾ سرھاڙي ھڪ عورت جي نالي سان قائم ھڪ پتڻ ٻڌايو وڃي ٿو، تاريخ جا ڪتاب مائي سرھاڙي جي سلسلي ۾ گھڻي قدر خاموش آھن.
سرهاڙي شهر ضلعي سانگهڙ ۾ اچي ٿو. سانگھڙ هيڊ ڪواٽر کان اولھ طرف 70 ڪلوميٽر ۽ نوابشاه کان ڏکڻ طرف 15 ڪلوميٽر سفر ڪبو ته اچي ھن شھر ۾ پھچبو. ھي شھر شاھپور چاڪر کان سڪرنڊ روڊ تي اڏيل آھي.
انگريزن جڏھن سنڌ تي قبضي کان پوءِ سروي ڪري نقشا جوڙيا ھيا انھن اوائلي نقشن ۾ سرھاڙي شھر جو نقشو ملي ٿو، باقي سرھاڙي جي سلسلي ۾ ڪا واضع تاريخ نه ٿي ملي. چون ٿا ته سرھاڙي شھر کان ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف علي بحر واھ وهندو هو جنھن جا نشان اڄ به موجود آھن، چون ٿا ته اھو واھ به لوھاڻي جي ڪا ڇاڙ ھئي، ٿي سگھي ٿو ته سرھاڙي ان ڇاڙ تي جڙيو ھجي.
شروعاتي دور ۾ سرهاري شھر ۾ واڻين جا گھر ۽ هٽ هوندا هئا. 1890ع ۾ سرهاري ريلوي اسٽيشن جو بنياد پوڻ شروع ٿيو ۽ 1901ع ۾ جڏهن سرهاري ريلوي اسٽيشن ٽرينون ھلڻ لڳيون ته ھي شھر به وڌندو ويو، شروع ۾ اسٽيشن جي ڀرسان واڻين جا هوٽل کليا ۽ پوءِ ڪاروباري سرگرميون وڌنديون ويون. انگريز سرڪار واري دور ۾ سرھاڙي اسٽيشن تي خيبر ميل، ڪوئيٽا ميل ۽ پيسينجر ريل گاڏيون بيھنديون هيون ۽ مسافرن جا انبوھ اچي ڪٺا ٿيندا هئا، اها سوا صدي اڳ جي ڳالھ آھي. ريلوي جي شروعاتي دور ۾ ٽي ٽرينون اسٽاپ ڪنديون هيون ۽ سوا صدي گذرڻ کانپوءِ هن اسٽيشن تي صرف ٻه ٽرينون اسٽاپ ڪن ٿيون. يعني اسان اڳتي وڃڻ بجاءِ پوئتي ويا آھيون.
ريلوي اسٽيشن جي ٺھڻ جون دلچسپ ڳالھيون ٻڌايون وڃن ٿيون. چون ٿا ته هڪ ڏينھن، ان شھر جي ٻاھران وڏا وڏا بلڊوزر اچي بيٺا. بلڊوزرن سان ٽوپلن وارا انگريز گڏ هئا. ڪجھ ئي ڏينھن بلڊوزرن بند ٻڌڻ شروع ڪيو. ريلوي پٽڙي ٺھڻ شروع ٿي ويئي. ھوڏانھن 19 هين صدي به موڪلائي رهي هئي. ان شھر جي رهواسين ڏٺو ته سندن گھرن جي ڀرسان حدبندين جا نشان لڳا پيا هئا . سندن گھرن جي ڀرسان هڪ وڏي بلڊنگ جا بنياد کوٽجي چڪا هئا. بلڊنگ ٺاهيندڙ اڪثر رازا ته ٻاهر جا هئا، پر ڪجھ مقامي رازن به جڏهن بلڊنگ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته کين خبر پيئي ته هن شھر ۾ ريلوي اسٽيشن ٺھي رهي آهي. 1900ع ۾ ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ تيار ٿي چڪي ھئي ۽ ريلوي پٽڙي وڇائجي ويئي هئي. 1901ع ۾ ريلوي اسٽيشن شروع ٿي ويئي. انگريزن شھر جي نالي جي بنسبت اسٽيشن جو نالو سرهاڙي ريلوي اسٽيشن رکيو. ريل جي پٽڙي وڇائجي وڃڻ کانپوءِ سڀ کان پھرين آزمائشي طور تي ريلوي جي انجڻ اسٽيشن تان گذاري ويئي هئي. ريلوي ٽريڪ تان انجڻ گذرڻ واري ڏينھن شھري خوف حراس ۾ رڙيون ڪري گھرن کان ٻاهر نڪري آيا هئا. نيٺ ٽرينون هلڻ شروع ٿيون ۽ آهستي آهستي شھرين جو خوف ختم ٿيندو ويو. انگريز سرڪار سڀ کان پھرين لوڪل ٽرين سان گڏ ٽي ٽرينون هلائڻ شروع ڪيون. خيبرميل، سنڌ ايڪسپريس ۽ لاهور ميل شامل ھيون. انگريزن سرهاڙي اسٽيشن تي سمورين ٽرينن جا اسٽاپ قائم ڪيا. ٽرينون ڪوئلي تي ھلنديون هيون. ٽرينون شروع ٿيڻ کان پوءِ، شھرين کي تمام گھڻي سھولت ٿي ۽ شھر جو وڻج واپار وڌي ويو ۽ ائين آهستي آهستي شھر وڌندو ويو.ته ٽرينون به وڌنديون ويون.
شھر ۾ بجلي پھچي ويئي. روڊ رستا ٺھي ويا. شھر جي يونين ڪائونسل کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ملي ويو. انگريز هليا ويا. شھر رهندڙ واڻيا هجرت ڪري انڊيا هليا ويا. اڌ شھر خالي ٿي ويو.
1989ع ۾ سرهاڙي کي تعلقي جي حيثيت ملي ۽ نواب شاھ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. تڏهن نواب شاھ جا چار تعلقا هوندا هئا. سرهاري، نواب شاھ، سڪرنڊ ۽ دولت پور. سرهاري نه فقط تعلقي جي حيثيت حاصل ڪئي، پر شھر کي سب ڊويزن جو درجو به ڏنو ويو. ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ پڻ سرهاري ۾ قائم ٿيڻو هو، پر نواب شاھ ۾ شامل هجڻ سبب ڪيڊٽ ڪاليج هن شھر ۾ قائم ٿي نه سگھيو. ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ جي شروعاتي ٻن سالن تائين ڪاليج جي اسٽينشري توڙي داخلا فارمن تي ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ ايٽ سرهاري لکيل هوندو هو. جيڪو رڪارڊ يقينن ڪاليج جي رڪارڊ تي موجود هوندو. تعلقي ٿيڻ کان اڳ ئي سرهاري ريلوي اسٽيشن تي اپ ڊائون 14 ايڪسپريس ٽرينون اسٽاپ ڪنديون هيون. تعلقي قائم ٿيڻ سان ٽرينن جا وڌيڪ اسٽاپ مقرر ٿيا.
پر بدقسمتيءَ سان سياستدانن جي وچ ۾ سرد جنگ جي ڪري سرھاڙي کان تعلقي جو درجو کسي، کيس سانگھڙ ضلعي ۾ ڏنو ويو
سرهاري جي آبادي هن وقت 50هزار کان مٿي ٻڌائي وڃي ٿي هي شهر ٽائون ڪاميٽي جو درجو رکي ٿو، ھن شھر کي 1995ع ۾ سوئي گئس ملي.
سرهاڙي شهر کان ڏکڻ طرف هڪ قديمي ڳوٺ گل محمد لغاري آهي جيڪو سرهاڙي شهر کان اڳ جو ٻڌايو وڃي ٿو ۽ سرهاڙي شهر جي آس پاس قديمي ڳوٺ صالح مشوري، ڳوٺ ماڻو جمالي ،ڳوٺ رئيس بروهي، ًمحبت خان مشوري، ميرخان جوڻو، سعيد خان ٽالپر، ڳوٺ عبدالرحمان ڪيريو ،ڳوٺ،غلام ڪيريو ڳوٺ پير سرهندي موجود آھن. جڏھن ته اتر طرف کان تاريخي ڳوٺ نوازڏاهري، ڳوٺ هادي بخش ڀنگوار، ڳوٺ نور محمد ڪيريو، ڳوٺ مرزا قليچ بيگ، ڳوٺ بخشو جمالي، ڳوٺ نور محمد جسڪاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي قديمي ڳوٺ موجودآهن، انھن ڳوٺن جو ڪار وھنوار سرھاڙي شھر سان آھي.
سرهاڙي شهر کان ڏکڻ اولھ جي کنڊ تي اٽڪل 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مشهور درگاه شاه عنايت بخاري موجود آهي، ڏکڻ طرف کان درگاه ڪرم شاه بخاري جي مزار شريف آهي، سرهاڙي شهر کان اٽڪل 3ڪلوميٽر جي مفاصلي تي شاهپورچاڪر، سرهاڙي روڊ تي درگاه جمال شاه بخاري ۽ اتر طرف درگاه نورشاه بخاري به آهي، جيڪا گُپچاڻي سرهاري روڊ تي موجود آهي.
ورهاڱي کان اڳ سرهاڙي ۾ يونين ڪائونسل قائم ٿي، 1970ع ۾ سرهاڙي يونين ڪائونسل کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو مليو ۽ شهر ۾ چار وارڊ قائم ڪيا ويا
سرھاڙي پنھنجي عروج جو دور به ڏٺو ته ھاڻ وري زوال طرف گامزن آھي. وقت جو اھڙو واءُ وريو جو عوام کان بنيادي سھولتون ڦرجنديون ويون. اسٽيشن تان ٽرينن جا اسٽاپ ختم ٿي ويا. خانگي ٽرانسپورٽ بند ٿي ويئي. شھر جي باوقار زندگيءَ جو باب بند ٿي ويو. شھر جون رونقون ختم ٿي ويون. بجليءَ ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ شروع ٿي ويئي. موبائيل ڪمپنين جو انقلاب ته آيو، پر 20 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جو نيٽ ورڪ به بند رهڻ لڳو. گئس به 12 ڪلاڪ بند ٿيڻ دستور بنجي ويو.
وڏڙا اھو به ٻڌائين ٿا ته ھن علائقي جي آبپاشي نظام کي سنڀالڻ لاء، سرڪار سرهاڙي ۾ ايريگيشن کاتي جي آفيس ۽ بنگلو تعمير ڪرايو،جتي انگريز حڪومت ۾ ماڻهون اُٺن تي ڪاغز کڻي، اتي زمينن جا کاتا وغيره مٽائڻ جي لاء ايندا هئا، آفيس لاءِ قائم ڪيل بنگلو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي اصلي حالت ۾ قائم آھي پر ان جي زمين تي قبضا ٿي چڪا آھن. ٻيو ته ٺھيو پر ٿاڻي جي پراڻي بلڊنگ واري جاءِ تي به قبضا ڪيا ويا آھن.
,,,صنعتي ميدان ۾ سرهاري شھر ۾ ڪاٽن فيڪٽري، فلور مل ۽ برف جا ڪارخانا توڙي ٻيون فيڪٽريون موجود آھن.
ھن وقت سرهاري ۾ ھڪ " گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول, مين پرائمري اسڪول,۽گرلس اسڪول ،رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال، ريلوي اسٽيشن
,,ٽائون ڪميٽي جي آفيس، 2 بينڪون, ۽ پوسٽ آفيس سميت ٻيون آفيسون موجود آھن.
ھتي جا ماڻھو اڪثر ڪري زراعت سان لاڳاپيل آھن ۽ ھتي ڪڻڪ, ڪپھ, ڪمند, مرچ, ٽماٽو, جوئَرِ, ٻاجَھرِ, مَڪَئي ۽ ٻيا فصل عام جام ٿين ٿا. سرهاري جي علائقي جون زمينون بهترين اپت رکندڙ ۽ زرخيز آهن، آس پاس جي فصلن جي ساوڪ ماڻهن جون دليون موهي وجهي ٿي. شھر ۾ ننڍا توڙي وڏا ڪاروبار، ۽ گھڻي ڀاڳي روز مره لاء استعمال ٿيندڙ ھر شئي موجود آھي.
سرهاري شھر ھونئن ته خوبصورت شھر آھي، پر سرهاري جي مين اسٽيشن روڊ تي قائم تاريخي جامع مسجد شھر جي سڃاڻپ بڻيل آھي ۽ شھر جي خوبصورتي کي چارچنڊ لڳايو بيٺي آھي.,
سرهاري جي سياسي سماجي شخصيتن ۾ لالا اسرار خان منگسي, زوالفقار خان مگسي، جان محمد زرداري، حبدار علي زرداري، حاجي شريف جوڻو، ميانداد خان جمالي، ڊاڪٽر علي خان جمالي، حاجي الله اوڀايو خان ڪيريو، غلام عباس ڪيريو، سيٺ جميل راجپوت ۽ ٻيون شخصيتون شامل آھن جيڪي سياسي سماجي ڪردار ۾ اڳڀرا آھن.
سرهاري جي ھڪ اھم سڃاڻپ صوفي راڳي مرحوم مصري فقير مڱڻھار به آھي، مصري فقير مڱڻهار ڳوٺ سرهاري لڳ تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مهرعلي جمالي ڀرسان ڳوٺ لقا پور ۾ ڄائو. بعد ۾ 1959ع ڌاري لڏي اچي سرهاري ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، سندس شاگردن ۾ مرحوم ڦوٽو خان زرداري ، غلام حسين لوهار ,غلام حسين زرداري, خان محمد شاه ۽ ٻيا شامل آھن.
مصري فقير مڱڻهار سن 1929ع ۾ سنڌ ضلعي نوابشاه تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ لقاپور ۾ هڪ غريب شخص فقير الله ڏنو مڱڻهار جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس ڪلامن مان ڪيترائي ڪلام مشھور ٿيا؛
تو دلڙي يار ڌُتاري پوء ڪان ڪيئي پوئواري ......
ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون ٿا ،،،
ھن وقت مصري فقير مڱڻهار جي خاندان مان سندس مشهور فنڪار زاهد گل آهي. جڏھن ته ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ سرهاري شهر جو مشهور فنڪار غوث بخش بروهي به تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول رهيو آھي.
سرهاري ڀرسان ڳوٺ نور محمد جسڪاڻي جي رهواسي مشهور اداڪار مشتاق جسڪاڻي جو تعلق سرهاڙي شهر سان آهي جيڪو مختلف ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي
اسڪرپٽ رياض احمد زرداري سنڌ ٽي وي نيوز جي نمائندي جي مدد رهي آهي. مواد ان طرفان مهيا ٿيو