ڊاڪيومينٽرين جون اسڪرپٽس

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2022۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    .
    سرهاڙي شهر جي تاريخ .........
    ھي منظَر آھن سنڌ جي ھڪ شھر سرھاڙيءَ جا! جي ھا سرھاڙي، جنھن جي تاريخ جا پنا دنڌلا آھن. سرھاڙي، جنھن جو نانءُ انوکو آھي. ھن شھر تي اھو نالو ڪيئن پيو؟ وارو سوال پنھنجو جواب اڄ تائين تلاش ڪري رھيو آھي. سنڌو درياءُ، جنھن جي اڻ ڳڻين وھڪرن جا نشان اڄ تائين سنڌ جي سيني تي چٽا پِٽا موجود آھن، انھن نشانن سان جڏھن ڳالھائجي ٿو ته، اُھي ڪيئي داستان ٻڌائين ٿا. سرھاڙيءَ کي جيڪڏھن ڪنھن مٿاھين ھنڌ تان بيھي ڏسبو ته ، سنڌو درياءَ جي وھڪرن جا نشان واڪا ڪري ٻڌائيندا ته ھي منھنجو شھر آھي، منھنجو اڏيل آھي ۽ منھنجو ئي پتڻ آھي. سنڌو درياءَ جي وڏي ڇاڙَ يا وھڪرو، جنھن کي لوھاڻو درياءُ سڏيو ويندو ھيو، اھو درياءُ به سرھاڙيءَ جي آس پاس کان وھندو ھيو. لوھاڻو، جنھن سھڻي ٻوڙي ھئي ۽ لطيف سائين ان کي پنھنجي ڪلام ۾ امر ڪردار طور پيش ڪيو، ان لوھاڻي رڳي آسائتيون نه ٻوڙيون ھيون، پر پنھنجي ڪنڌيءَ سان ڪيئي شھر به اڏيا ھيا، دريائي ڪنارن سان ٺھيل شھر پھريان پَتڻَ ھئا، پوءِ ڪاروباري سرگرمين جي ڪري شھر ٿيندا ويا. ائين سنڌوءَ جي وھڪرن مٽجڻ سان ڪيئي شھر برباد ٿيا ته ڪيئي نوان شھر، نون وھڪرن تي جڙندا رھيا ۽ ائين ڪن شھر وھڪرن مٽجڻ باوجود به پنھنجي بقا قائم رکي. لوھاڻي درياءَ جون لُوھِيوُن ته ختم ٿيون، پر سرھاڙي شھر ڪيئي لاھا چاڙھا ڏسڻ باوجود پنھنجي بقا قائم رکي.
    سينا به سينا مليل احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته لوھاڻي درياءَ جي ڪنڌي يا وري ان مان نڪتل ڪنھن وھڪري جي ڪناري سان مھاڻن جي وستي قائم ھئي. ان وستيءَ کي مائي سُرھي جي نالي سان سڃاتو ويندو ھيو، بلڪه اھو مائي سُرھي جو پتڻ ھيو، جتي ھڪڙيون جنسون پيون ٻيڙين تي چاڙھبيون ھيون ته ٻيون جنسون پيون لاھبيون ھيون، مڇي ته ھونئن ئي پئي لھندي ھئي ۽ مائي سُرھي سميت سموري سنڌ مڇيءَ مانيءَ واري ھئي. وڏڙن واتان اھي ڳالھيون ٻڌبيون ھيون ته مائي سُرھي جو اھو پتڻ اڳتي ھلي، جڏھن شھر بڻيو ته سندس نالو به بدلجي سرھاڙي پئجي ويو. اھا حيرت جي ڳالھ آھي ۽ تاريخ جي اھم حقيقت به! ته سنڌ جي ڪيترن شھرن جا نالا عورتاڻن نالن سان ملن ٿا، جنھن مان اھا ڳالھ بھرحال سمجھ ۾ اچي ٿي ته سنڌ گھڻو عرصو مادَرِسَريِ سماج رھيو آھي.
    ائين داستان گوئي جي دنيا ۾ سرھاڙي ھڪ عورت جي نالي سان قائم ھڪ پتڻ ٻڌايو وڃي ٿو، تاريخ جا ڪتاب مائي سرھاڙي جي سلسلي ۾ گھڻي قدر خاموش آھن.
    سرهاڙي شهر ضلعي سانگهڙ ۾ اچي ٿو. سانگھڙ هيڊ ڪواٽر کان اولھ طرف 70 ڪلوميٽر ۽ نوابشاه کان ڏکڻ طرف 15 ڪلوميٽر سفر ڪبو ته اچي ھن شھر ۾ پھچبو. ھي شھر شاھپور چاڪر کان سڪرنڊ روڊ تي اڏيل آھي.
    انگريزن جڏھن سنڌ تي قبضي کان پوءِ سروي ڪري نقشا جوڙيا ھيا انھن اوائلي نقشن ۾ سرھاڙي شھر جو نقشو ملي ٿو، باقي سرھاڙي جي سلسلي ۾ ڪا واضع تاريخ نه ٿي ملي. چون ٿا ته سرھاڙي شھر کان ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف علي بحر واھ وهندو هو جنھن جا نشان اڄ به موجود آھن، چون ٿا ته اھو واھ به لوھاڻي جي ڪا ڇاڙ ھئي، ٿي سگھي ٿو ته سرھاڙي ان ڇاڙ تي جڙيو ھجي.
    شروعاتي دور ۾ سرهاري شھر ۾ واڻين جا گھر ۽ هٽ هوندا هئا. 1890ع ۾ سرهاري ريلوي اسٽيشن جو بنياد پوڻ شروع ٿيو ۽ 1901ع ۾ جڏهن سرهاري ريلوي اسٽيشن ٽرينون ھلڻ لڳيون ته ھي شھر به وڌندو ويو، شروع ۾ اسٽيشن جي ڀرسان واڻين جا هوٽل کليا ۽ پوءِ ڪاروباري سرگرميون وڌنديون ويون. انگريز سرڪار واري دور ۾ سرھاڙي اسٽيشن تي خيبر ميل، ڪوئيٽا ميل ۽ پيسينجر ريل گاڏيون بيھنديون هيون ۽ مسافرن جا انبوھ اچي ڪٺا ٿيندا هئا، اها سوا صدي اڳ جي ڳالھ آھي. ريلوي جي شروعاتي دور ۾ ٽي ٽرينون اسٽاپ ڪنديون هيون ۽ سوا صدي گذرڻ کانپوءِ هن اسٽيشن تي صرف ٻه ٽرينون اسٽاپ ڪن ٿيون. يعني اسان اڳتي وڃڻ بجاءِ پوئتي ويا آھيون.
    ريلوي اسٽيشن جي ٺھڻ جون دلچسپ ڳالھيون ٻڌايون وڃن ٿيون. چون ٿا ته هڪ ڏينھن، ان شھر جي ٻاھران وڏا وڏا بلڊوزر اچي بيٺا. بلڊوزرن سان ٽوپلن وارا انگريز گڏ هئا. ڪجھ ئي ڏينھن بلڊوزرن بند ٻڌڻ شروع ڪيو. ريلوي پٽڙي ٺھڻ شروع ٿي ويئي. ھوڏانھن 19 هين صدي به موڪلائي رهي هئي. ان شھر جي رهواسين ڏٺو ته سندن گھرن جي ڀرسان حدبندين جا نشان لڳا پيا هئا . سندن گھرن جي ڀرسان هڪ وڏي بلڊنگ جا بنياد کوٽجي چڪا هئا. بلڊنگ ٺاهيندڙ اڪثر رازا ته ٻاهر جا هئا، پر ڪجھ مقامي رازن به جڏهن بلڊنگ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته کين خبر پيئي ته هن شھر ۾ ريلوي اسٽيشن ٺھي رهي آهي. 1900ع ۾ ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ تيار ٿي چڪي ھئي ۽ ريلوي پٽڙي وڇائجي ويئي هئي. 1901ع ۾ ريلوي اسٽيشن شروع ٿي ويئي. انگريزن شھر جي نالي جي بنسبت اسٽيشن جو نالو سرهاڙي ريلوي اسٽيشن رکيو. ريل جي پٽڙي وڇائجي وڃڻ کانپوءِ سڀ کان پھرين آزمائشي طور تي ريلوي جي انجڻ اسٽيشن تان گذاري ويئي هئي. ريلوي ٽريڪ تان انجڻ گذرڻ واري ڏينھن شھري خوف حراس ۾ رڙيون ڪري گھرن کان ٻاهر نڪري آيا هئا. نيٺ ٽرينون هلڻ شروع ٿيون ۽ آهستي آهستي شھرين جو خوف ختم ٿيندو ويو. انگريز سرڪار سڀ کان پھرين لوڪل ٽرين سان گڏ ٽي ٽرينون هلائڻ شروع ڪيون. خيبرميل، سنڌ ايڪسپريس ۽ لاهور ميل شامل ھيون. انگريزن سرهاڙي اسٽيشن تي سمورين ٽرينن جا اسٽاپ قائم ڪيا. ٽرينون ڪوئلي تي ھلنديون هيون. ٽرينون شروع ٿيڻ کان پوءِ، شھرين کي تمام گھڻي سھولت ٿي ۽ شھر جو وڻج واپار وڌي ويو ۽ ائين آهستي آهستي شھر وڌندو ويو.ته ٽرينون به وڌنديون ويون.
    شھر ۾ بجلي پھچي ويئي. روڊ رستا ٺھي ويا. شھر جي يونين ڪائونسل کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ملي ويو. انگريز هليا ويا. شھر رهندڙ واڻيا هجرت ڪري انڊيا هليا ويا. اڌ شھر خالي ٿي ويو.
    1989ع ۾ سرهاڙي کي تعلقي جي حيثيت ملي ۽ نواب شاھ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. تڏهن نواب شاھ جا چار تعلقا هوندا هئا. سرهاري، نواب شاھ، سڪرنڊ ۽ دولت پور. سرهاري نه فقط تعلقي جي حيثيت حاصل ڪئي، پر شھر کي سب ڊويزن جو درجو به ڏنو ويو. ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ پڻ سرهاري ۾ قائم ٿيڻو هو، پر نواب شاھ ۾ شامل هجڻ سبب ڪيڊٽ ڪاليج هن شھر ۾ قائم ٿي نه سگھيو. ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ جي شروعاتي ٻن سالن تائين ڪاليج جي اسٽينشري توڙي داخلا فارمن تي ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ ايٽ سرهاري لکيل هوندو هو. جيڪو رڪارڊ يقينن ڪاليج جي رڪارڊ تي موجود هوندو. تعلقي ٿيڻ کان اڳ ئي سرهاري ريلوي اسٽيشن تي اپ ڊائون 14 ايڪسپريس ٽرينون اسٽاپ ڪنديون هيون. تعلقي قائم ٿيڻ سان ٽرينن جا وڌيڪ اسٽاپ مقرر ٿيا.
    پر بدقسمتيءَ سان سياستدانن جي وچ ۾ سرد جنگ جي ڪري سرھاڙي کان تعلقي جو درجو کسي، کيس سانگھڙ ضلعي ۾ ڏنو ويو
    سرهاري جي آبادي هن وقت 50هزار کان مٿي ٻڌائي وڃي ٿي هي شهر ٽائون ڪاميٽي جو درجو رکي ٿو، ھن شھر کي 1995ع ۾ سوئي گئس ملي.
    سرهاڙي شهر کان ڏکڻ طرف هڪ قديمي ڳوٺ گل محمد لغاري آهي جيڪو سرهاڙي شهر کان اڳ جو ٻڌايو وڃي ٿو ۽ سرهاڙي شهر جي آس پاس قديمي ڳوٺ صالح مشوري، ڳوٺ ماڻو جمالي ،ڳوٺ رئيس بروهي، ًمحبت خان مشوري، ميرخان جوڻو، سعيد خان ٽالپر، ڳوٺ عبدالرحمان ڪيريو ،ڳوٺ،غلام ڪيريو ڳوٺ پير سرهندي موجود آھن. جڏھن ته اتر طرف کان تاريخي ڳوٺ نوازڏاهري، ڳوٺ هادي بخش ڀنگوار، ڳوٺ نور محمد ڪيريو، ڳوٺ مرزا قليچ بيگ، ڳوٺ بخشو جمالي، ڳوٺ نور محمد جسڪاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي قديمي ڳوٺ موجودآهن، انھن ڳوٺن جو ڪار وھنوار سرھاڙي شھر سان آھي.
    سرهاڙي شهر کان ڏکڻ اولھ جي کنڊ تي اٽڪل 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مشهور درگاه شاه عنايت بخاري موجود آهي، ڏکڻ طرف کان درگاه ڪرم شاه بخاري جي مزار شريف آهي، سرهاڙي شهر کان اٽڪل 3ڪلوميٽر جي مفاصلي تي شاهپورچاڪر، سرهاڙي روڊ تي درگاه جمال شاه بخاري ۽ اتر طرف درگاه نورشاه بخاري به آهي، جيڪا گُپچاڻي سرهاري روڊ تي موجود آهي.
    ورهاڱي کان اڳ سرهاڙي ۾ يونين ڪائونسل قائم ٿي، 1970ع ۾ سرهاڙي يونين ڪائونسل کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو مليو ۽ شهر ۾ چار وارڊ قائم ڪيا ويا
    سرھاڙي پنھنجي عروج جو دور به ڏٺو ته ھاڻ وري زوال طرف گامزن آھي. وقت جو اھڙو واءُ وريو جو عوام کان بنيادي سھولتون ڦرجنديون ويون. اسٽيشن تان ٽرينن جا اسٽاپ ختم ٿي ويا. خانگي ٽرانسپورٽ بند ٿي ويئي. شھر جي باوقار زندگيءَ جو باب بند ٿي ويو. شھر جون رونقون ختم ٿي ويون. بجليءَ ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ شروع ٿي ويئي. موبائيل ڪمپنين جو انقلاب ته آيو، پر 20 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جو نيٽ ورڪ به بند رهڻ لڳو. گئس به 12 ڪلاڪ بند ٿيڻ دستور بنجي ويو.
    وڏڙا اھو به ٻڌائين ٿا ته ھن علائقي جي آبپاشي نظام کي سنڀالڻ لاء، سرڪار سرهاڙي ۾ ايريگيشن کاتي جي آفيس ۽ بنگلو تعمير ڪرايو،جتي انگريز حڪومت ۾ ماڻهون اُٺن تي ڪاغز کڻي، اتي زمينن جا کاتا وغيره مٽائڻ جي لاء ايندا هئا، آفيس لاءِ قائم ڪيل بنگلو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي اصلي حالت ۾ قائم آھي پر ان جي زمين تي قبضا ٿي چڪا آھن. ٻيو ته ٺھيو پر ٿاڻي جي پراڻي بلڊنگ واري جاءِ تي به قبضا ڪيا ويا آھن.


    ,,,صنعتي ميدان ۾ سرهاري شھر ۾ ڪاٽن فيڪٽري، فلور مل ۽ برف جا ڪارخانا توڙي ٻيون فيڪٽريون موجود آھن.
    ھن وقت سرهاري ۾ ھڪ " گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول, مين پرائمري اسڪول,۽گرلس اسڪول ،رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال، ريلوي اسٽيشن
    ,,ٽائون ڪميٽي جي آفيس، 2 بينڪون, ۽ پوسٽ آفيس سميت ٻيون آفيسون موجود آھن.
    ھتي جا ماڻھو اڪثر ڪري زراعت سان لاڳاپيل آھن ۽ ھتي ڪڻڪ, ڪپھ, ڪمند, مرچ, ٽماٽو, جوئَرِ, ٻاجَھرِ, مَڪَئي ۽ ٻيا فصل عام جام ٿين ٿا. سرهاري جي علائقي جون زمينون بهترين اپت رکندڙ ۽ زرخيز آهن، آس پاس جي فصلن جي ساوڪ ماڻهن جون دليون موهي وجهي ٿي. شھر ۾ ننڍا توڙي وڏا ڪاروبار، ۽ گھڻي ڀاڳي روز مره لاء استعمال ٿيندڙ ھر شئي موجود آھي.
    سرهاري شھر ھونئن ته خوبصورت شھر آھي، پر سرهاري جي مين اسٽيشن روڊ تي قائم تاريخي جامع مسجد شھر جي سڃاڻپ بڻيل آھي ۽ شھر جي خوبصورتي کي چارچنڊ لڳايو بيٺي آھي.,

    سرهاري جي سياسي سماجي شخصيتن ۾ لالا اسرار خان منگسي, زوالفقار خان مگسي، جان محمد زرداري، حبدار علي زرداري، حاجي شريف جوڻو، ميانداد خان جمالي، ڊاڪٽر علي خان جمالي، حاجي الله اوڀايو خان ڪيريو، غلام عباس ڪيريو، سيٺ جميل راجپوت ۽ ٻيون شخصيتون شامل آھن جيڪي سياسي سماجي ڪردار ۾ اڳڀرا آھن.
    سرهاري جي ھڪ اھم سڃاڻپ صوفي راڳي مرحوم مصري فقير مڱڻھار به آھي، مصري فقير مڱڻهار ڳوٺ سرهاري لڳ تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مهرعلي جمالي ڀرسان ڳوٺ لقا پور ۾ ڄائو. بعد ۾ 1959ع ڌاري لڏي اچي سرهاري ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، سندس شاگردن ۾ مرحوم ڦوٽو خان زرداري ، غلام حسين لوهار ,غلام حسين زرداري, خان محمد شاه ۽ ٻيا شامل آھن.
    مصري فقير مڱڻهار سن 1929ع ۾ سنڌ ضلعي نوابشاه تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ لقاپور ۾ هڪ غريب شخص فقير الله ڏنو مڱڻهار جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس ڪلامن مان ڪيترائي ڪلام مشھور ٿيا؛
    تو دلڙي يار ڌُتاري پوء ڪان ڪيئي پوئواري ......
    ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون ٿا ،،،
    ھن وقت مصري فقير مڱڻهار جي خاندان مان سندس مشهور فنڪار زاهد گل آهي. جڏھن ته ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ سرهاري شهر جو مشهور فنڪار غوث بخش بروهي به تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول رهيو آھي.
    سرهاري ڀرسان ڳوٺ نور محمد جسڪاڻي جي رهواسي مشهور اداڪار مشتاق جسڪاڻي جو تعلق سرهاڙي شهر سان آهي جيڪو مختلف ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي
    اسڪرپٽ رياض احمد زرداري سنڌ ٽي وي نيوز جي نمائندي جي مدد رهي آهي. مواد ان طرفان مهيا ٿيو
     
  2. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    قُبا شھداد جي قبرستان جي ڪھاڻي......
    سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن جا ڪيئي قصا اڄ به پنھنجي سڃاڻپ ۽ عظمت جي اظھار لاءِ واجھائي رھيا آھن، ڪيترا ماڳ مڪان ته ھميشھ لاءِ ميسارجي فنا ٿي ويا پر جيڪي بچيا آھن ۽ پنھنجا آخري پساھ ڳڻي رھيا آھن، انھن مان ” قُبا شھداد جو قبرستان به آھي“ شاھ پور چاڪر شھر کان سَڏُ پنڌ تي ”قبا شھداد قبرستان“ پنھنجي ماضيءَ جا ڪيترائي قصا بيان ڪري رھيو آھي. شھداد قبرستان کان اڳ جيڪڏھن شاھ پور چاڪر شھر جي مختصر ڳالھ ڪئي وڃي ته ھن شھر جو بنياد مير شھداد خان پنھنجي پُٽ مير چاڪر جي نالي سان وڌو. رحيمداد مولائي شيدائي جي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ ھن شھر متعلق ڄاڻايل آھي ته ”ٽالپر خاندان جي مشھور حڪمران مير سليمان خان جا پنج پٽ ھئا، جنهن ۾ سندس وڏي پٽ، ھوتڪ خان جا ٻہ پٽ، مير شھداد خان ۽ مير شبڪ خان هئا. شھداد خان ڪلهوڙا دور جي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو جو عقيدت مند ۽ مريد هيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي، مير شھداد خان کي ڏاهپ ۽ بهادري جي ڪري پنهنجو سپاه سالار مقرر ڪيو هو. مير شھداد خان انتهائي بهادر ۽ ذھين هيو، ھُنَ ڪيترن ئي جنگين ۾ پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاريا. ان وقت ملتان ۾، سنڌ جي مغل شھزادي معزالدين سفارش ڪري، دهلي جي مغل بادشاه کان، مير شھداد جي بهادري ۽ دليري عيوض، تحفي طور پَٽَ باران جو هي علائقو مير شھداد کي ڏياريو“.
    جڏھن ته مشھور انگريز مورخ ميجر گولڊ سمٿ به لکي ٿو تہ” پَٽَ باران جو علائقو، موجوده شھدادپور ۽ شاهپورچاڪر جي وچ ۽ آس پاس واري علائقي کي سڏيو ويندو هيو. مير شھداد، جاگير ملڻ کان پوءِ پنهنجي پٽ مير چاڪر خان جي نالي تي، شاهپورچاڪر جو بنياد وڌو“.
    تاريخي حوالن مان ثابت آھي تہ ٽالپر خاندان، هن علائقي کي پنهنجي رهائش طور اڏيو ۽ اِتي ئي دفن ٿيا، جنهن جي ثابتي ڪجھ سال اڳ تائين چاڪر ڪوٽ جا آثار ۽ شاهپورچاڪر جي اتر ۽ اولهندي ڪنڊ تي، چار ڪلوميٽر پري، قبا شھداد جو تاريخي قبرستان آھي. جتي مير شھداد خان ، مير چاڪر خان ۽ مير فتح خان جون قبرون اڄ بہ موجود آھن. هن تاريخي قبرستان ۾ ڪيئي مقبرا ۽ قبرون پنهنجي اندر، ابدي ننڊ ستل هستين جو ناءُ ۽ نشان وڃائي ويٺيون آھن. پر انهن چبوترن ۽ قبرن تي ٿيل خوبصورت چٽسالي اڄ به ڏَندِين آڱريون ڏيو ڇڏي. تاريخي قبرستان قبا شھداد ۾ اوائلي طور ھزارين قبرون ھونديون ھيون، پر هن وقت شايد سَوَن ۾ به نه بچيون آهن. انهن مزارن، قبرن ۽ ٿَلهن جي پٿرن تي ٿيل نقش نگاريءَ، ٽُڪ ۽ خطاطيءَ جو ڪم اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَجو دليل پيش ڪري ٿو. پٿرن تي ٿيل ڪم جي باريڪ بينيءَ کي ڏسي، لڳي ائين ٿو ته ڪنهن ڪارب وسيلي، پٿر کي تراشي اُڪر ڪئي وئي آهي. پڪيون قبرون تقريبن پٿر جي ئي ٿَلهن تي جڙيل آهن، جن جو ڪم مڪليءَ ۽ چئوکنڊيءَ جي قبرن سان مشاهبت رکي ٿو ۽ سنڌ جي مختلف هنڌن تي ڪلهوڙا دؤر جي ٺهيل مسجدن، مزارن ۽ قبرن سان گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي رکي ٿو. هن تاريخي قبرستان ۾ ميرن جون ٺهرايل عاليشان مسجدون پڻ موجود آهن، جن مان هڪ مسجد ته ڀُري ڀِتَر ٿي، سِرُن جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. باقي ٻه مسجدون ڪجھ بهتر حالت ۾ ۽ ڏسڻ جهڙيون آهن، مير شهداد ۽ ڄام نندي جي نالي سان منسوب هنن ٻنهي مسجدن جي، ڪجھ سال اڳ ۾ مرمت ڪرائي وئي هئي، پر ان مرمت ۾ استعمال ڪيل غير معياري مٽيريل سبب، مسجدن جي خوبصورتي پنهنجي اصليت ۽ سونهن وڃائي ويٺون آهن.
    ماضيءَ جي مُحَقِقَن ۽ اکين ڏٺن شاهدن مطابق هنن ٽنهي مسجدن جي مُک دروازن جي مٿان، تعمير جو سال ۽ مسجد جو نالو به لکيل هوندو هو. مسجدن جي اُلهندي ديوار ڀرسان، دروازي وٽ آذان ڏيڻ لاءِ، چاڙهين وارو مٿاهينءَ تي هڪ چبوترو ٺهيل آهي، جتي مؤذن چڙهي اذان ڏيندو هو. قبرستان جي ڏاکڻي طرف ”مير شهداد بن ڄام نندو“ نالي جڙيل مسجد آهي، جيڪا مير صاحب جي ڀيڻ، پنهنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ لاءِ ٺهرائي هئي. ان وسيع مسجد جي ديوارن تي، سهڻا نقش اُڪريل آهن. مسجد جي هن وقت حالت ڪافي زبون آهي. ٽن گُنبذن واري هن مسجد جي ٻاهرين ديوار ختم ٿي چڪي آهي. مسجد ۾ اندر سؤ کن نمازي ويهي سگهن ٿا. هن مسجد ۾ شاهڪار ڪاريگري جو بهترين نمونو ڏسڻ وٽان آھي. جنهن جي رنگن سان ٿيل چٽساليءَ کي ڪيئي صديون گذرڻ ۽ موسمن جون سختيون بہ مِٽائي نہ سگهيون آھن. اهي نقش نگار اڄ بہ پنهنجي ساڳي حالت ۾ موجود آھن. هن مسجد جي تعمير جو سال ڪنهن به ڀت تي لکيل نه آهي. ٽنهي مسجدن جو هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو هجڻ به ڪئين سوال اٿاري ٿو ته آخر اها ضرورت ڇو پيش آئي جو مسجدون هڪٻئي جي ويجهو، ٿوري پنڌ تي جوڙايون ويون. هتي مير شهداد خان وڏي جي قبر، قبرستان جي وچ ۾، جڏهن ته مير شهداد ننڍي جي قبر، ڏکڻ طرف مير شهداد جي نالي منسوب، مسجد جي پويان، اولهه طرف موجود آهي. مير شهداد وڏي جي قبر واري ڪُتبي تي وفات جو سال 1147هه لکيل آهي. مير شهداد جي تُربَت هڪ چَبوتري ۾ ٻين ٻن قبرن سان گڏ آهي. مير شهداد جو قبو پري کان اڇي رنگ هئڻ ڪري چٽو نظر اچي ٿو. ان قبي کي اڳ ۾ ٻاهران، پڪين سرن جي ديوار پڻ ڏنل هئي، پر هاڻي ان جا آثار ئي وڃي بچيا آهن. مير شهداد جي قبر جي ڀرسان ننڍي ڇَٽيءَ ۾ هڪ قبر آهي، جيڪا ڪنهن ٻار جي لڳي ٿي. مير شهداد جي نالي اڄ به هي تاريخي قبرستان مشهور آهي. مير شهداد وارين قبرن جي ٿَلهي کي چوڌاري هڪ خوبصورت ديوار وارو ڪٽهڙو پڻ ڏنل هو، جنهن مان اڀرندي پاسي، اندر اچڻ لاءِ، ديوار کان ٻيڻو، مٿي هڪ محرابي دروازو هو، جنهن جي مٿان هڪ ڪتبو به لڳل هو، ان ڪتبي تي مير شهداد جو نالو ۽ وفات جي تاريخ لکيل هئي پر اهو ڪتبو هاڻي موجود ناهي ۽ ڪٽهڙي جا به نشان باقي وڃي بچيا آهن. هنن قبرن تي ٿيل چٽ سالي، صديون گذرڻ باوجود، اڄ بہ جئين جو تئين ساڳي حالت ۾ موجود آھي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ، ان وقت جي ڪاريگرن جو ڪم ڪيترو معياري ۽ پختو هيو. مير شهداد جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٿَلهي تي ٺهيل، ٻن چبوترن وارين، ٻن قبرن جي هيٺان، ڪمري جيڏي خالي جاءِ ڇڏيل آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي قبرون اڳواٽ ٺاهي ڇڏيل هيون، جن ۾ پوءِ ڪابه تدفين نه ٿي سگهي هئي. هنن چبوترن جا گُنبذ ڀڄي ڀور ٿي ويا آھن، جڏھن تي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جي ڪري گنبذن ۾ ڏار پئجي ويا آھن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ مرمتي ڪم ڪهڙي نوعيت جو ڪيو ويو آھي. شاهپورچاڪر شھر جي اڏيندڙ، مير چاڪر خان جي قبر تي، ڪتبو نه هئڻ سبب سندس آخري آرام گاه جو نشان ڳولئي به نہ ٿو ملي. ڏکڻ واري مسجد جي پٺيان ئي مير شهداد ننڍي جي قبر موجود آھي، جنهن تي وفات جو سال رمضان 1210هه لکيل آهي. هڪ قبر جي پٿر تي لکيل تحرير مان خبر پوي ٿي تہ ان قبر ۾ مير چاڪر خان جي ڌي حوا، رمضان 1210 هجري کان هتي سڪون پذير آھي، جنهن تي”ميان نصير محمد مائي حوا بنت مير چاڪر فقير ٽالپر“ لکيل آهي، هن قبرستان ۾ پڪين سرن، پر زبون حال چبوتري ۾، تڳيي فقير جي قبر آهي، جيڪو ذات جو مگسي هو. چبوتري ۾ ننڍيون ۽ سنهيون سرون استعمال ٿيل آهن. تڳيي فقير جي قبر جي ڀرسان هڪ ٻي قبر به آهي، جيڪا شايد سندس ڪنهن مريد جي ھوندي. چون ٿا ته مير تڳئي فقير جا عقيدتمند هئا، هاڻي به ڪيترائي عقيدتمند ۽ مگسي قبيلي جا ماڻهو، هن درگاهه جي حاضريءَ لاءِ اچن ٿا ۽ باسون باسين ٿا. هن تاريخي قبرستان ۾ هڪ ٻئي بزرگ عبدالله شاهه جي مزار، قبرستان جي اتر ۾ واقع آهي، جنهن تي پڻ خوبصورت گنبذ اڏيل آهي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هي هڪ وڏي پائي جو عالم هو ۽ ڪنهن واقعي ۾ شهيد ٿي ويو، مير خاندان جي ساڻس وڏي عقيدت هئي ۽ سندس حاضري ڀريندا هئا ۽ اها به روايت ۽ ڏند ڪٿا آهي ته هن بزرگ جي ڪري ئي، ميرن هتي پنهنجو خانداني قبرستان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن وقت به هن بزرگ جي مزار تي عقيدتمندن جو وڏو تعداد اچي ٿو.عبدالله شاه جي مزار ڀرسان ڪجهه فُٽن تي ٿلهي مٿان هڪ مزار آهي، جنهن تي ڪوبه ڪتبو وغيره لڳل نه آهي، ڪجھ ماڻھو ان کي به سيد عبدالله شاه جي مزار چون ٿا ۽ پَڙَ وجهن ٿا..
    قبا شهداد ۾ اڃان تائين ڪجهه اهڙيون قبرون به بچيل آهن، جن تي قراني آيتن ۽ چٽساليءَ وارن خوبصورت پٿرن جو وجود باقي آهي، جڏهن تہ وڏي تعداد ۾ صرف پڪين سرن واريون قبرون ئي بچيل آهن، جن تان اهي خوبصورت نقش و نگارن وارا پٿر غائب ٿي ويا آهن. مقامي ماڻهو ٻُڌائين ٿا ته اهي قيمتي پٿر آس پاس ۽ ٻاهران گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو پاڻ سان کڻي ويا آهن. قبرستان ۾ ڪجهه وڏيون قبرون به موجود آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو اهي اجتمائي قبرون آهن، جيڪي جنگين جي دوران مارجي ويل سپاهين جون آھن. جن کي هڪ ئي قبر ۾ اجتماعي طور دفنايو ويو هو. هن علائقي ۾ لڳل مير شير محمد ٽالپر ۽ انگريز سپاه سالار سر چارلس نيپيئر وچ ۾ ”ڪوُنهيرِي واري جنگ“ جا جوڌا به هتي ئي دفنايا ويا هئا.
    جنهن تيزيءَ سان هن تاريخي قبرستان تي سم، ڪلر ۽ موسمون اثر انداز ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان لڳي ٿو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ صرف ڀِڙا ۽ دَڙا ئي وڃي بچندا، بعد ۾ اهي به شايد قبضن جي ور چڙهي ويندا. آثار قديمہ جي رڪارڊ موجب 16 ايڪڙن وارو هي قبرستان، هن وقت تقريبن چئن پنجن ايڪڙن تي وڃي بچيو آهي. ٽيهه چاليهه سال اڳ وارن محققن، هتي سڄي قبرستان کي آيل ديوار جا آثار پڻ ڏٺا هئا، جيڪي هاڻي ڪونه ٿا ملن. اهڙي تاريخي ۽ قديمي قبرستان کي اڃا تائين پڪي روڊ جي سهولت ناهي ملي سگهي. قبرستان کي هڪ رستو، سدا واهه وٽان وڏيري الهه بخش، بخشو ڏاهري جي ڳوٺ سامهون لڳي ٿو ته ٻيو وري نواب شاهه روڊ تي حاجي عالم شر جي ڳوٺ سامهون، اتر طرف وڃي ٿو، ٻئي رستا ٿوري به برسات پوڻ يا ڪو ٻنيءَ جي پاڻيءَ ڀڄڻ سبب سخت متاثر ٿي بند ٿيندا رهن ٿا. اڳ ۾ پوري قبرستان ۾ مختلف قسم جا وڻ گهڻي تعداد ۾ هئا، مگر پوءِ سم ۽ ڪلر ڪري هاڻي صرف هڪ ٻٻر جو وڻ وڃي بچيو آھي.
    1976ع ۾ قريشي حامد علي خانائي، ٽماهي مهراڻ جي شماري ۾ لکي ٿو ته ”چاڪر ڪوٽ کان اتر ۽ اولهه طرف ڪجهه مفاصلي تي شاهپورچاڪر ۽ شهدادپور وستيون وسائيندڙ ابدي آرامي آهن. سدا واهه شاخ جي الهندي ڪناري تي موجود هي قبرستان پنجن ايڪڙن ۾ ڦھليل ٿيندو. مڪاني ماڻهو ان کي”شهداد خان جا قبا“ يا”ميرن جا قبا“ ڪري سڏين ٿا. آثارن مان لڳي ٿو ته هن قبرستان کي چوڌاري ديوار ڏنل هئي. قبرستان جي ڀرسان به دڙن جي صورت ۾ ڪنهن قديم بستيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا.“.
    ائين هن قبرستان ۾ ڪيتريون ئي بينام قبرون موجود آهن، اهي قبرون وقت سان گڏ زبون حاليءَ جو شڪار ٿينديون پيون وڃن. ماضيءَ ۾ تحقيق ڪندڙن انهن قبرن ۽ انهن جي چوڌاري ڏنل ديوارن تي ڪُتبا لکيل ڏٺا ھيا، پر هاڻي اهي پنهنجي جاءِ تي موجود ناهن..
    هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ٽن صدين کان وڌيڪ تاريخ رکندڙ، هن قديم قبرستان کي، حڪومت سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي، وڌيڪ تباھ ٿيڻ کان بچائي. گڏوگڏ عام ماڻھن کي هن تاريخي ماڳ جو دورو ڪرڻ لاءِ روڊ جي سهولت ڏني وڃي ته جيئن ماڻھو پنهنجي تاريخ کان شناسا رهي سگھن ۽ کين خبر پوي تہ، قديم آثارن جا اهڃاڻ، اسان جي سنڌ ۾ ان ڳالهه جي ثابتي آهن ته، هيءَ ڌرتي صدين کان پنهنجي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي وجود سان قائم ۽ دائم آهي. نه ڄاڻ ڪيترا قديمي ۽ تاريخي آثار اڃا به ڌرتيءَ جي سيني اندر سمايل آهن، جن کي کوٽي ۽ تحقيق ڪري عام ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ سامهون آڻي سگهجن ٿا، ته جيئن اسان وڌ ۾ وڌ پنهنجي تهذيبي ۽ تاريخي قدرن کان شناسائي حاصل ڪري سگهون. يقينن اهو ڪم سرڪار جا لاڳاپيل ادارا ئي ڪري سگهن ٿا.
    سنڌ ٽي وي نيوز شاهپورچاڪر
    رپورٽر حاڪم ناياب جُھلڻ پاران بنيادي مواد ڏنو ويو.
    حوالا؛
    جنت السنڌ
    سنڌ جو ڪوٽ ۽ قلعا
    ٽي ماھي مھراڻ
     
  3. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    قاضي احمد شهر جو سير......
    ھي منظر آھن قاضي احمد شھر جا!، جنھن جي تاريخ جو سُٽ ٿورو منجھيل آھي، پر پوءِ به جيڪڏھن ڪَڙيوُن ڪَڙِيُن سان ملائجن ٿيون ته ھن شھر متعلق ڪي ڳالھيون سمجھ ۾ اچن ٿيون. ڪن لکتن موجب ” ھي شھر ميان قاضي احمد جو اڏايل آھي. قاضي سندس لقب ھيو ۽ ميان احمد سندس نالو ھيو. مختلف ڪتاب لکن ٿا ته دِمائي بزرگ جي نالي سان مشھور ھي بزرگ قاضي احمد خواجه محمد زمان لنواري واري جو خليفو ھيو، ميان قاضي احمد، شاھ لطيف جي دور جو بزرگ ٻڌايو وڃي ٿو. ميان قاضي احمد جي والد جو نالو خواجه محمد صديق ڪوريجو ھيو. قاضي احمد شھر کي ”ميل ڪَنڊي“ به چيو ويندو ھيو، ميان قاضي احمد ميل ڪنڊيءَ جي ڍوري جي ڪناري تي گھر جي حويلي ۽ عبادتگاھ تعمير ڪرائي، باقائده رھائش اختيار ڪيائين.
    اھڙي طرح ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته ھن شھر تي قاضي احمد نالو بعد ۾ پيو، جڏھن ته ھن شھر جو قاضي احمد کان اڳ ڪو ٻيو نالو ھوندو ۽ ھي شھر دريائي پَتڻ ھوندو، جيڪو اڳتي ھلي قاضي احمد بڻيو ھوندو. ميل ڪنڊي به ڪو دريائي پتڻ ٿي سگھي ٿو، بھرحال جيترا وات اوتريون ڳالھيون!
    تنھن ھوندي به ھن شھر جي بنياد وجھڻ متعلق ميان قاضي احمد جي حوالي سان وڌيڪ شاھديون، توڙي ڳالھيون ملن ٿيون، تنھنڪري جيستائين تاريخ جي گَھرائي واري تحقيق ٿئي، تيستائين، ھن شھر جو اڏيندڙ ميان قاضي احمد ئي سمجھڻ گھرجي.
    انگريز دور ۾ قاضي احمد وٽان ريلوي جي لائين وڇائي وئي ته ھن شھر پنھنجو سفر عروج طرف شروع ڪيو. اڳوڻي ضلع نوابشاهه ۽ هاڻوڪي شهيد بينظير آباد جو مکيه شهرن ۾ قاضي احمد شهر به ھڪ آھي. قاضي احمد تعلقي جي اتر ۾ ضلعي نوشھرو فيروز جو تعلقو مورو آھي. اوڀر ۾ دوڙ ۽ نواب شاھ تعلقا اٿس. ڏکڻ ۾ تعلقو سڪرنڊ واقع آھي. ۽ اولھ ۾ سنڌو ندي جي ساڄي ڪپ تي ضلعي ڄام شوري جو تعلقو سيوھڻ آھي.
    چيو وڃي ٿو ته ھن وقت قاضي احمد شهر جتي موجود آھي، ڪنهن زماني ۾ انهي جاءِ تي رڳي ڪَنڊِيءَ جا وڻ هوندا هئا، جنهن ڪري ھنن پَٽَنِ کي ”ميل ڪنڊيءَ“ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. ڳالھ ٿا ڪن ته قاضي احمد ولد خواجه محمد صديق ڪوريجو پاران هن جاءِ تان جهنگ وڍرائي، ڳوٺ ٻڌي اچي رهڻ لڳو، پھريان ھيءَ ننڍڙي وستي ھئي ۽ پوءِ آھستي آھستي ھڪ خوبصورت شھر ۾ بدلجڻ لڳي.
    قاضي احمد کي سن 12-1911ع ۾ سينيٽري ڪاميٽي جو درجو مليو، ۽ سن 1951ع تائين، هتي هڪ پرائمري اسڪول، ڊسپينسري، ريلوي اسٽيشن، پوسٽ آفيس، ٽيوب ويل ۽ پوليس اسٽيشن جون سهولتون مُيَسِر ٿي ويون ۽ ان دور ۾ هتان جي ڪُل آبادي 1200 ماڻهن ۽ 370 گهرن تي مشتمل هئي. ايتري ٿوري آباديءَ واري ڳالھ دل سان نه ٿي لڳي جو 1951ع ڄڻ ته ڪالھوڪي ڳالھ آھي ۽ ان دور جا ڪيترائي ماڻھو اڃان تائين زنده آھن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته 1951ع تائين قاضي احمد چڱو ڀلو شھر ھيو.
    قاضي احمد شھر جي ترقيءَ جي شروعات حقيقت ۾ تڏهن ٿي، جڏهن سن 1960ع ۾ قاضي احمد کي يونين ڪائونسل جو درجو مليو ۽ الحاج رئيس علي نواز خان انڙ هن يونين ڪائونسل جو چئيرمين مقرر ٿيو. رئيس علي نواز خان انڙ جي بي لوث خدمتن سبب، قاضي احمد يونين ڪائونسل ايتري ته ترقي ڪئي جو، هن يونين ڪائونسل جو شمار سڄي پاڪستان جي مثالي يونين ڪائونسلن ۾ ٿيڻ لڳو. ان وقت يونين ڪائونسل قاضي احمد پنجن ديهن تي مشتمل هوندي هئي جن ديهن ۾ قاضي احمد، پٽ پِيرَل، سيِنڌَل ڪمال، ڏيڙانِ ۽ سِيرچا ديهون شامل آهن. رئيس علي نواز انڙ ، ان زماني ۾ يونين ڪائونسل قاضي احمد جي، چئيرمين جي حيثيت سان شهر کي ترقي وٺرائڻ لاِ غير معمولي قدم کنيا. غريبن ۽ مزدور طبقي سان وابستا توڙي مسافر ماڻهن جي ويھڻ لاءِ ان وقت، شهر قاضي احمد ۾، ٽي خوبصورت گول ويھڻ جون جايون يا مسافر خانه ٺهرايا، جنهن سان شهر وڌيڪ دلڪش بنجي پيو، شهر مان گذرندڙ قومي شاهراهه کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ٻٽو روڊ ٺهرائي، انهن جي وچ ۾ گرين بيلٽ ۽ پاسن کان فٽ پاٿون تعمير ڪرايائين.
    ناز باغ؛
    علي نواز انڙ پنهنجي ذاتي خرچ سان شهر قاضي احمد جي وچ ۾ 1942ع ڌاري ”ناز باغ“ نالي هڪ من موهيندڙ باغ ٺهرايو، جيڪو اڄ تائين موجود آھي ۽ باغ گهمڻ لاءِ سياح ايندا رھندا آهن ۽ ”ناز باغ“ جي ڪري قاضي احمد شهر جي اھميت ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو. ھنن باغ قائم ڪرڻ لاءِ علي نواز انڙ سنڌ کان ٻاھران ڪاريگر گھرايا ھئا.
    قاضي احمد شهر کي سن 1963ع ۾ بجلي جي سهولت ملي، بجلي ملڻ کان اڳ، شهر ۾ رات جو روشني ڪرڻ لاءِ، گاسليٽ تي ٻرندڙ فانوسن جو بندوبست ٿيل هوندو هو جيڪو پڻ يونين ڪائونسل طرفان هو.
    سن 1970ع ۾ قاضي احمد شهر کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو مليو ۽ 18 جنوري 1974ع تي اڳوڻو وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن رئيس علي نواز خان انڙ جي دعوت تي قاضي احمد آيو ۽ هڪ ڪميونٽي سينٽر ۽ فش ليڪ جو افتتاح ڪيو.
    ڪاروباري لحاظ کان به قاضي احمد شهر وڏي اهميت وارو رهيو آهي. شهر ۾ هر خميس جي ڏينهن، چوپائي مال جي هڪ وڏي پڙي لڳندي آهي، جيڪا ملڪ جي مشهور مال پڙين مان هڪ آهي. ھن مال پڙيءَ تي هر هفتي هزارين ماڻهو واپار سانگي ايندا آهن، جنهن ڪري ڪروڙين روپين جي چوپائي مال جو واپار ته ٿيندو آھي، پر پڙي انتظاميه کانسواءِ، شهر جي دوڪاندارن جي پڻ لکين روپيه آمدني ٿئي ٿي. شهر جي پاسي ۾ هڪ سڪرنڊ شگر مل، ٻه ڪپهه جا ڪارخانه ۽ چار سارين ڇڙڻ جا ڪارخانه ڪم ڪري رهيا آهن. هن علائقي جون زرعي زمينون پڻ جهجهي پيداوار ڏين ٿيون، تنهن ڪري قاضي احمد شهر ۾ زرعي جنسن جو واپار پڻ جامَ ٿئي ٿو. اڳي واپار ۽ آمدو رفت جو خاص ذريعو ريل گاڏي هئي، جنهن لاءِ شهر جي ڀرسان اوڀر ۽ اتر طرف واري ڪُنڊ ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿيل هئي، جيڪا هاڻي ريل گاڏين جي اچ وڃ بند ٿيڻ ڪري ويران حالت ۾ موجود آهي.
    هن شهر کي سڄي ملڪ سان ڳنڍيندڙ قومي شاهراهه کانسواءِ، مختلف ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن سان ملائيندڙ ست روڊ نڪرن ٿا جن ۾ نوابشاهه روڊ، جمال شاهه روڊ، پَٻجو روڊ، ڏيڙان روڊ، لاکاٽ روڊ، پڊ شريف روڊ ۽ قاضي احمد کي لڪي آمري، سيوھڻ، سن ۽ انڊس ھاءِ وي سان ملائيندڙ آمري پل وارو روڊ شامل آهن. ھن پل ٺھڻ ڪري ماڻھن لاءِ سفر سئولو ٿي پيو آھي.
    نومبر 2009ع ۾ قاضي احمد شهر کي تعلقي جو درجو مليو، ان کان اڳ ۾ قاضي احمد شهر پهريان سڪرنڊ تعلقي ۽ پوءِ دولتپور تعلقي ۾ شامل رهيو ھيو. اڳتي هلي دولت پور واري علائقي کي به تعلقي قاضي احمد ۾ شامل ڪري، قاضي احمد شهر کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر جو درجو ڏنو ويو، ائين ٿيڻ سان قاضي احمد شهر جي ترقي لاءِ وڌيڪ راهون کلي پيون آهن، هاڻ تعلقي جي آفيسن لاءِ بھترين قسم جي عمارتن ٺهڻ کانپوءِ، شهر جي سونهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ٻئي طرف تعلقه هيڊ ڪوارٽر قائم ٿيڻ کانپوءِ ڀرپاسي جي ڳوٺن کان وڏي تعداد ۾ ماڻهو قاضي احمد ۾ رهائش اختيار ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هتان جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي.
    * قاضي احمد جي تعليم جو سفر:
    قاضي احمد شھر جي تعليمي سفر جي تاريخ ھڪ صديءَ کان بہ پراڻي آھي. قاضي احمد ۾ پرائمري تعليم جو بنياد 1911ع ۾ پيو ۽ اسڪول رڪارڊ موجب ان جو پھريون شاگرد فقير رسول بخش انڙ ھيو، جنھن جي ڄمڻ جي تاريخ پھرين جنوري 1901 ۽ داخلا جي تاريخ 12 مارچ 1911 لکيل آھي. ان وقت جي، جي آر G.R تي، ضلعو حيدر آباد، تعلقو سڪرنڊ ۽ ڳوٺ قاضي احمد لکيل آھي.
    قاضي احمد ۾ اي پي ڪلاس (A P ClASS) 1952ع ۾ قائم ڪيو ويو. جنھن جو پھريون شاگرد چانڊيو محمد ابراھيم ولد الھ بخش چانڊيو ھو. جنھن جي داخلا جي تاريخ 5، اپريل 1952ع ڄاڻايل آھي.
    قاضي احمد ۾ 1955ع لوڪل بورڊ مڊل اسڪول قائم ڪيو ويو، جنھن جو پھريون شاگرد معراج الدين ولد دين محمد آرائين ٿيو. جنھن جي داخلا جي تاريخ 15، اپريل 1955ع لکيل آھي.
    قاضي احمد ۾ 1962ع ۾ ھاءِ اسڪول قائم ٿيو. جنھن جو پھريون ھيڊ ماسٽر محتر خدا بخش ڪمالاڻي ھو، ۽ پھريون شاگرد ميان مشتاق انڙ داخل ٿيو.
    قاضي احمد ۾ 1990ع ۾ گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول قائم ٿيو. جنھن جو پھريون پرنسپال محمد سليمان ميمڻ ھو
    شهر قاضي احمد ھن وقت به تعليمي حوالي سان اھم حيثيت رکي ٿو. ھن وقت شهر ۾ پرائمري تعليم لاءِ 12 سرڪاري اسڪولَ، هڪ نياڻين جي تعليم لاءِ هائير سيڪنڊري اسڪول، هڪ ڪاليج ٻه مڊل اسڪول ۽ ان کانسواءِ جديد تعليم لاءِ 18 پرائيويٽ اسڪول موجود آھن. شهر اندر مذهبي رواداري به مثالي آهي،ھتي هندو ۽ مسلمان اصل کان محبت ۽ امن سان گڏ رھن ٿا. امن ۽ رواداري هولي، ڏياري ۽ عيد جي موقعن تي ڏسڻ وٽان هوندي آهي، انهن موقعن تي شهر جا رهواسي مذهبي متڀيد کان مٿانهان ٿي، هڪ ٻئي جي خوشين توڙي غمين ۾ شريڪ ٿيندا آهن ۽ شهر جي انڙ محلا ۾ زمانن کان هڪ مندر به قائم آهي.
    قاضي احمد ۾ علم ادب
    قاضي احمد شهر علمي ادبي حوالي سان به سنڌ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو شهر اندر ڄام آفتاب علي انڙ جي ڪوششن سان، رئيس علي نواز خان انڙ جي نالي هڪ بهترين ۽ وڏي لائبريري قائم ٿيل آهي. ان کان علاوه معشوق ڌاريجو لائبريري ۽ ڏيڙان روڊ سان فقير ميانداد لائبريري ۽ ميوزيم قائم ٿيل آهي جيڪو پڻ علمي ادبي، ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻيل آهي. فقير ميانداد جي ميوزم ۾ قديم دور جون ناياب شيون رکيل آھن ۽ پري پري کان ماڻھو وڏي دلچسپي سان ھن ميوزم کي گھمڻ لاءِ اچن ٿا. فقير ميانداد پاڻ به بھترين شاعر ۽ ليکڪ آھي.
    قاضي احمد جا اديب
    قاضي احمد شهر علمي ادبي دنيا جا وڏا نالا پڻ پيدا ڪيا آهن، جن ۾ مشهور اديب ۽ تاريخدان تاج جويو جو جنم پڻ قاضي احمد جي ڳوٺ پير ڪولاچي ۾ ٿيو، تاج جوئي ڪيترائي ڪتاب لکيا آھن ۽ علمي کيتر ۾ سندس ڪردار جاري آھي، تاج جويو جو تعلق پڻ قاضي احمد ويجهو، ڳوٺ راضي خان جتوئي سان آھي. ان کان علاوه معشوق ڌاريجو ڀلوڙ شاعر آھي، ممتاز خادم ميمڻ، عاجز ٻگهيو جهونجهاڻوي، سگهڙ فقير ميانداد سيلاني، سگهڙ گل بيگ لُنڊ ۽ سگهڙ محمد صيفل ابڙو سان گڏ ڪيتريون ئي علمي ادبي شخصيتون، جن سنڌ اندر پاڻ مڃايو آھي، انهن جو تعلق به قاضي احمد شهر سان آهي.
    قاضي احمد جا فنڪار/ راڳي.
    موسيقي جي حوالي سان شهنشاهه غزل مهدي حسن فن جي شروعات به قاضي احمد کان ڪئي، شهنشاهه غزل مهدي حسن به قاضي احمد ۾ رهيو ۽ فقير رسول بخش انڙ وٽ ڊرائيور هو. ڪلاسيڪل موسيقي جي بهترين سنڌي راڳي خانصاحب استاد مٺل خان ميراسي جو تعلق به شهر قاضي احمد سان هو، ان سان گڏ راڳي استاد قربان فقير، لطيف چانڊيو، مولا بخش مري، امام بخش زرداري صوفي راڳي رضوان ۽ ڪامران چانڊيو، علي حسن خاصخيلي، امام بخش زرداري،غلام حسين زرداري، بشير احمد جتوئي،محمد صديق ڌاريجو،منور جسڪاڻي،انور زرداري،محرم زرداري، راڻو جتوئي شامل آهن ۽ ٻيا ڪيترائي فنڪار جن جو واسطو شهر قاضي احمد سان رهيو آهي. مائي الھ وسائي به گھڻو عرصو قاضي احمد شھر ۾ رھي.
    وڏيري نازو ڌاريجو؛
    نازو ڌاريجو جي نالي سان مشھور وڏيري مختيار ناز ڌاريجو به قاضي احمد سان تعلق رکي ٿي، نازو ڌاريجو سياسي ۽ سماجي طور ھڪ متحرڪ ڪردار آھي، ھڪ دفعا سندس زمين تي ڪن ماڻھن قبضو ڪيو ته نازو ڌاريجو پاڻ بندوق کڻي اھو قبضو ختم ڪرايو. نازو ڌاريجو عوامي احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندي رھندي آھي.
    حاجي خان لاکو؛
    حاجي خان لاکو به قاضي احمد جو اھم سماجي ڪردار آھي، ھي ماڻھو روڊ حادثن ۾ لاوارث ماڻھن جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ انھن مَيَتن کي پنھنجي ھٿن سان غسل ۽ ڪفن ڏئي ، اھي ميتون امانت طور دفن ڪرائيندو آھي. ماڻھو ھن کي علائقي جو ايڌي سڏيندا آھن.
    فتاح ھاليپوٽو
    سنڌ جي نالي واري چترڪار فتاح ھاليپوٽي به قاضي احمد ۾ جنم ورتو. فتاح ھاليپوٽو ادب جي دنيا ۾ شرجيل جي نالي سان لکندو ھيو، سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”پن ڇڻ کانپوءِ“ مشھور ٿيو، جڏھن ته ھِن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا.
    گيدوڙو ماڇي:
    فن ۽ انوکائپ جي دنيا ۾ تمام وڏو ماهر، گيدوڙ ماڇي قاضي احمد شھر جو انتھائي غريب مسڪين ماڻهو آهي، پر سندس ذهانت ۽ حوصلو ھماليه جبل کان به اٽل آهي، هي غريب ڪردار جولائي مهيني ۾ به، پينٽ شرٽ جي مٿان ڪوٽ پائي، ڪنهن ٺٺول کان بي نياز ٿي ائين گھُمندو آھي ڄڻ ته يورپي ملڪن ۾ گھندو ھجي، ھن کي هوائن ۾ اڏرڻ جو شوق ٿيو ته پنهنجي ڪاريگري سان پيرا شوٽ ٺاهيائين، هوائن جو سفر ڪيائين، قانون نافذ ڪندڙ ادارن ھٿان گرفتار ٿيو ۽ قيد ڪاٽي آزاد ٿيو. اداڪاري جو پڻ وڏو شوق اٿس. پاڻ ڪڏهن وڏا قلم،وڏا وار ته ڪڏهن ڪلين شيور ٿي، ڪنھن هيرو يا ڪنهن ولن جو ڏيک ڏئي ٿو، ڪنهن ٻئي دنيا جي ملڪ ۾ هجي ها ته ھو ھڪ وڏو اداڪار هجي ها پر ھن وقت انتھائي قسمپرسي واري زندگي گذاري ٿو، سچ ته گيدوڙو ماڇي وڏو ڪردار آھي.
    قاضي احمد جا قديم آثار:
    ٺُل مير رُڪڻ:
    انگريزن سنڌ جي قديم تاريخ کي، آثار قديمه ذريعي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن قديم آثارن ۾ قاضي احمد کان اُتر طرف 7 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي پٻجو ۽ دولتپور روڊ تي ٺُل مير رُڪڻ جي نالي سان هڪ مينار نما ٺُل قائم آهي، جيڪو تاريخدانن ۽ سياحن جي نظرن جو مرڪز بڻيل رهيو آهي.
    آثار قديمه جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ٺُل ٻڌ ڌرم سان تعلق رکي ٿو ۽ هي ٺُل يوناني ۽ هندستاني فنِ تعمير سان مشابهت رکندڙ آهي.
    ثقافت کاتي جي ٻي ڌياني سبب، ھي ٺل ڏينهون ڏينهن تباھي طرف وڌي رھيو آھي.
    قاضي کان اُتر طرف 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي شاهپور جهانيان ويجهو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مقبرو، ميان فضل علي دور ۾ سندن شاهي خاندان جي بيگمات جا چبوترا قائم آهن، جيڪي پڻ سترهين ارڙهين صدي جي تعمير جو انمول نمونو آهن.
    قاضي احمد کان اولهه طرف 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياهه جي ڪپ تي ڏاڏي شاهه ڦلاڻي جو مقبرو موجود آھي، جنھن لاءِ علائقي جي ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي اصل ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جن جي سر ڏھر ۾ ڳايل عظيم ڪردار لاکي ڦلاڻيءَ جو مقبرو آهي، لاکي ڦلاڻيءَ جي حوالي سان ھيءَ ڳالھ درست نه ٿي لڳي پر اھو مقبرو پڪ سان ڪا نه ڪا تاريخ ضرور رکي ٿو، جنھن لاءِ سنجيده تحقيق جي ضرورت آھي ۽ ثقافت کاتي کي پڻ ان مقبري جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ گھرجن.
    اسڪرپٽ ۾
    اعجاز سنگراھڄ ۽ڄام ڪاشف انڙ جي مدد رهي
     
  4. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    دليل ڪوٽ جي تاريخي ڪٿا.........
    غلام رسول چانڊيو
    تاريخ جي تنگ، ۽ ڪوھيڙي وڪوڙيل گھٽين مان، جڏھن ديد کي بنھ ديوانو بڻائي، نِھار ڪجي ٿي ته، سنڌ جي سيني تي، دنڌليون ئي سھي، پر ڪيئي حسناڪيون پسجن ٿيون. ڪَنن کي جڏھن سَرلو ڪجي ٿو ته گھوڙن جي ھڻڪارن سان گڏ تراڙين جي چمڪاٽن جا آواز ڪيئي قصا بيان ڪري وڃن ٿا، ۽ اکين جي پنبڻين تائين، اھي سڀيئي منظر ماتمي بڻجي وڃن ٿا جن ۾ ڪاھون ۽ آھون آھن، دانھون به آھن ته دھمان به! وسيلن جي حسن سان مالامال ڌرتين جي ھَنڌين ماڳين ساڳي درد ڪٿا ٿئي ٿي! ۽ ھن سنڌ ڌرتي به تمام گھڻو رنو آھي!! سندس ڳوڙھا اڄ تائين ناھن سُڪا!!
    ڪنھن جھومائي ڇڏيندڙ گيت ۽ رقص لاءِ مجبور ٿي پوڻ جھڙي سنڌ ڌرتيءَ جا ھونئن ته انيڪ رنگ آھن پر سندس ڪوٽن ۽ قلعن جي تاريخ جا پنا تلاش ڪجن ٿا ته حيرت وٺيو وڃي ٿي! باوجود ان جي ته سنڌ جو مزاج تاريخ جي ڪنھن به دور ۾ جنگي جنون، لشڪر ڪشي توڙي والار يا اڳرائي وارو ناھي رھيو پر پوءِ به سندس سيني تي ڪوٽ ۽ قلعن جا جُھريل ڀريل نشان ٻڌائين ٿا ته سنڌ پنھنجي بقا ۽ سلامتيءَ جو جھان صدين کان اڏيندي رھي آھي. پنھنجي سلامتي ۽ بقا رڳي حق نه، پر فطرت جو اٽل قانون به آھي ۽ ان قانون جي پوئواري ڪندي سنڌ پنھنجي صحرائن، جابلو ڀاڱن ۽ زرخيز علائقن ۾ ڪيئي ڪوٽ ۽ قلعا اڏيا، جن جي تاريخ ته مونجھارن جو شڪار آھي، پر بھرحال ھڪ ڳالھ طئي آھي ته ھن سون ورني سنڌ، تاريخ جا ڪيئي لاھا چاڙھا ڏٺا ۽ سَٺا آھن.
    ساھتي پرڳڻي جي ڏکڻ وارن آخري شھرن يعني سڪرنڊ کان نوابشاھ روڊ تي سفر ڪبو ته لڳ ڀڳ ٽن ميلن تي ھي دليل ڪوٽ ملندو، جنھن کي ڪن مورخن دھليل ڪوٽ به لکيو آھي. جيڪڏھن ھيليڪاپٽر تي چڙھي ھن ڪوٽ تي نظر ڦيرائبي ته ائين باسندو جو ڄڻ ته سج جو گول چھرو ڪنھن اچي اتي رکيو آھي. اھو دليل ڪوٽ جڏھن غور سان ڏسجي ٿو ته ائين ٿو باسي جو ڄڻ ته اھو قلعو زرتشتي مذھب جو مھر يا خورشيد، کترين جو سوريه ونش، قديم بابل جو شمس ديوتا يا وري آرين جو سج لڳي ٿو. جپاني بادشاھ به پاڻ کي سج جو اولاد سڏائيندا ھيا. ڦيٿو جيڪو سنڌو تھذيب جي ايجاد آھي، اھو به سورج ديوتا جي خيال ڏانھن وٺي وڃي ٿو. رڳي ائين به ناھي پر فن تعمير ۽ مصوري ۾ به گول ڊزائينون توڙي ڦيٿن جون علامتون ملنديون آھن ۽ قديم عمارتن ۾ به اھڙا نشان ملندا ھيا، سو دليل ڪوٽ تي غور ڪجي ٿو ته اھي به گمان ٿين ٿا ته ھي ڪوٽ تمام گھڻو قديم آھي.
    تاريخ جو ڪتاب چچ نامو به ٻين ڪوٽن سان گڏ ھن ڪوٽ متعلق لکي ٿو ته ” اروڙ ۽ برھمڻ آباد جي وچ تي ٻه قلعا ھيا جن کي بھرور ۽ دھليله سڏيندا ھيا“. اھڙي طرح رپورٽي لکي ٿو ته ” محمد بن قاسم ڏاھر جي مرڻ ۽ اروڙ جي فتح کان پوءِ برھمڻ آباد ڏي وڌيو ته ان جي وچ تي ٻه قلعبند شھر بھرور ۽ دھليه ھيا، جيڪي فتح ڪرڻ ۾ ٻه مھينا لڳي ويا“. ائين ڪيئي ڪٿائون ھن ڪوٽ متعلق ملن ٿيون، مقامي ماڻھو چون ٿا ته ھي ڪوٽ ٽالپرن مان مير دليل ٽالپر ٺھرايو ھيو ته ڪي وري ائين به چون ٿا ته ھن قلعي کي دليل خان مگسي ٺھرايو ھيو، سو جيترا وات اوتريون ڳالھيون پر ڪنھن پڪي ثابتي بجاءِ ھرڪو پنھنجن وڏن واتان ٻُڌ سُڌ واريون ڳالھيون ڪري ٿو ۽ ائين لڳي ٿو ته ھن ماضيءَ جي حسين ڪوٽ جو نالو ڪو ٻيو ھوندو، ڇاڪاڻ ته ھر دور جا پنھنجا عنوان به ٿين ٿا ته شين جا نالا به تبديل ٿيندا رھيا آھن.
    اھڙي طرح راءِ سھاسي جي اڏيل قلعن ۾ دليل ڪوٽ جو نالو ته نه ٿو اچي پر ان کان پوءِ برھمڻ گھراڻي جي تعمير ڪرايل قلعن ۾ دھليله سميت ٻين قلعن جا نالا اچن ٿا. جڏھن ته ”جرجي زيدان“ جي مشھور ڪتاب“ تمدن اسلام“ ۾ ٻين ڪوٽن سان گڏ دھليل جو ذڪر اچي ٿو، ھو لکي ٿو ته ”مھراڻ جي ماٿريءَ تي 50ع کان 662 ع تائين راءِ گھراڻي جي راجائن حڪومتون ڪيون، مھراڻ جيڪو واپار ۾ بنيادي حيثيت رکندو ھيو، تنھن جي بچاءَ جي لاءِ انھن سري کان ڊيلٽا تائين مضبوط قلعا تعمير ڪرايا ھيا“، انھن ۾ ھو ٻين قلعن سميت بھرور ۽ دھليله کي به ڳڻائي ٿو. جيتوڻيڪ دھليله ڪو ٻيو ڪوٽ به ٿي سگھي ٿو جيڪو ھميشھ لاءِ فنا ٿي ويو ھجي پر ھن ڪوٽ کي دليل ڪوٽ سڏڻ ڪري ٿي سگھي ٿو ته دھليله وارو نالو مشابھت تحت به کنيو ويندو ھجي.
    ناليواري محقق اشتياق انصاري جي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو پھريون پڙھبو ته ھن ڪوٽ متعلق ڪيترائي تحقيقي حوالا ملندا، پر جيئن ته اسان وٽ تحقيق جا بنياد چند ماضيءَ جا ڪتاب ۽ سينا به سينا ڳالھيون آھن، تنھنڪري اسان جي ماضيءَ جي ڪيترن نشانن لاءِ ڪا حتمي ڳالھ نه ٿي ڪري سگھجي.
    اشتياق انصاري، جنھن خاص طور سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن تي نھايت اھم ڪم ڪيو آھي، اھو لکي ٿو ته ” عربن جي حملي وقت ھن قلعي به عربي گھوڙن جي سُنبن جا ڌڌڪا ۽ ھڻڪارون ٻڌيون ھيون ۽ پنھنجي جھولي ۾ پلجندڙ امن پسندن کي تلوارن جو کاڄ بڻجندي ڏٺو ھيو. جيئن ته راءِ گھراڻي جي دور ۾ ان قلعي جو ذڪر نه ٿو ملي، البت برھمڻ دور، جيڪو 662ع کان 712ع تائين ھليو، ان دور ۾ ان قلعي جي وجود سان جنگيون منسوب آھن، جنھن مان لڳي ٿو ته دھليلي ڪوٽ جي اڏاوت ان ڏيڍ سئو سالن دوران برھمڻن جي حڪومت ۾ ٿي آھي“.
    اشتياق انصاري دليل ڪوٽ جي طبعي ڪٿ ڪندي لکيو آھي ته ” دليل ڪوٽ 68.17 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ، 26.10 اتر ڊگھائي ڦاڪ تي، سڪرنڊ کان ٽن ميلن جي فاصلي تي نوابشاھ ويندڙ رستي تي پنھنجي طبعي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ قبر ڪنڌيءَ پيو آھي“.
    دليل ديرو جي آس پاس جي زمين کي چتائي ڏسبو ته لھوارا موڪرا لنگھ ته ڪٿي وري مٿاھين به ڏسڻ ۾ ايندي جنھن مان محسوس ٿئي ٿو ته ھي ڪوٽ دريائي ڪنڌيءَ سان قائم ڪيو ويو ھيو، تنھنڪري ھن ڪوٽ جي رڳي جنگي حيثيت نه پر وڻج واپار واري نوعيت به ٿي سگھي ٿي. سڪرنڊ کان ھلندي جيئن دليل ڪوٽ جي ويجھو پھچجي ٿو ته ھيٺاھين کان مٿاھين طرف روڊ تان گذري، ڪوٽ وٽ پھچجي ٿو ۽ ان مٿاھين کان پوءِ وري ھڪ ھيٺاھين زمين نمودار ٿئي ٿي، ساڳي صورتحال سندس اوڀرندي ۽ اولھندي به ڏسڻ وٽان ملي ٿي. اھڙي زميني حقيقت کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته ھن ڪوٽ جي چئوطرف پاڻيءَ جا چڱا ڀلا وھڪرا ھيا، ٿي سگھي ٿو ته ھي ڪوٽ ڪنھن ٻيٽ تي ٺھيل ھجي، ڇاڪاڻ ته تاريخي ماڳن جا ماھر چون ٿا ته ميداني علائقن وارا ڪوٽ فتح ڪرڻ آسان ھجن ٿا جڏھن ته پاڻيءَ جي گھيري ۾ قائم ڪيل ڪوٽن کي فتح ڪرڻ آسان نه ٿو ھجي. پاڻيءَ جي انھن وھڪرن متعلق به تاريخدانن مختلف دريائن جا حوالا ڏنا آھن.
    دليل ڪوٽ جي بيھڪ متعلق استياق انصاري لکي ٿو ته ” دليل ڪوٽ جي شڪل تعجب تائين گول آھي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪنھن مھا ماھر باقائده پلڪار جي مدد سان زمين تي اھڙو سھڻو گول گھڙيو آھي جو ٻاھرين گھيري تي مقرر مفاصلي تي برجن کي بيھاريو ويو آھي، ايتري قدر جو برجن جي وچ واري وٿي ۾ ھڪ فوٽ جو به فرق نه آھي. دليل ڪوٽ کي ٻارنھن برجن ۽ ٻارنھن ديوارن جي ٽڪرن ۾ ورھايو ويو آھي. ٻن برجن جي وچ ۾ 158 فوٽ ديوار جو ٽڪرو اچي ٿو، اھڙي طرح سڄي ڪوٽ جو گھيرو 2768 فوٽ ٿي وڃي ٿو. ڪوٽ کي پورن ٻن ڦاڪن ۾ ورھائبو ته ان جو قطر 640 فوٽ ٿيندو. ڪوٽ جي بيھڪ ڏسي اڏيندڙ جي ڏات کي داد ڏيڻو پوي ٿو. اھڙو سھڻي ۽ صاف سٿري گولائي وارو ڪوٽ سنڌ جي سرزمين تي ملڻ مشڪل آھي. دليل ڪوٽ جي جوڙجڪ ۽ برجن جي بيھڪ ڪنول جي گل سان مشابھت رکي ٿي. ان کان سواءِ ڪوٽ جو ڪجھ حصو پاڻي سان گھيريل نظر اچي ٿو، خاص ڪري ان جي اتر ۾ لنگھندڙ درياھ جي وھڪري جا آثار آھن، مناسرا جي چوڻ مطابق پدماڪا ڪوٽ جيئن ته گرم علائقن ۾ جوڙيا ويندا ھيا، سنڌ جو اھو حصو به آبھوا جي لحاظ کان گرم علائقن ۾ شامل آھي. اسان جڏھن دليل ڪوٽ جي بناوت کي موجوده دور جي جاميٽري جي فارمولن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته سئو سيڪڙو ملي اچن ٿا. اسان کي خبر آھي ته ھر گول جو گھيرو 360 ڊگرين ۾ ورھايل ھوندو آھي، گول کي جيڪڏھن ٻارنھن حصن ۾ ورھائبو ته ھر حصو 30 ڊگريون ٺاھيندو، دليل ڪوٽ به گولائي ۾ ھئڻ سان گڏ پورن ڊگرين جي ڪنڊ ٺاھي ٿو. ڪوٽ جي ھر حصي تي پورن ڊگرين جي ڪنڊ تي برج اڏيو ويو آھي. ڪوٽ جي مرڪز کان لنگھندڙ ۽ آمھون سامھون فصيلن جي اندر، ڇيڙن کي ملائيندڙ قطر 640 فوٽ آھي. ان ۾ جيڪڏھن ڀت جي 20 فوٽ ٿولھ ملائبي ته ڪوٽ جو قطر 680 فوٽ ٿي وڃي ٿو. ڪوٽ ھڪ سڌي ميدان تي ھئڻ ڪري سندس اندرين توڙي ٻاھرين زميني سطح تقريبن برابر آھي، البته اندرين سطح بعد ۾ ڪجھ ڀراءُ ڪري بلند لڳي ٿي. ڪوٽ جي چوڌاري ديوار، فصيل، برج ۽ ڪنگريون به ھڪ جيتري بلنديءَ تي آھن. ڪوٽ ۾ ڪا به اوائلي اڏاوت نه ٿي ملي. سڀ جايون بعد ۾ ٺھرايل آھن. صرف ڪوٽ جي ٻاھرين وڏي ڀت، فصيل کان پوءِ اندر تيرھن فوٽ ويڪري ھڪ گھٽي آھي، جنھن بعد اندر ھڪ ٻئي ننڍڙي ڪوٽ جا آثار ملن ٿا، اندريون ڪوٽ به گولائي ۾ آھي، ائين چئجي ته ٻاھرين قلعبندي بعد وچ ۾ 13 فوٽن جو رستو ڇڏي، ھڪ ٻيو ڪوٽ اڏيو ويو آھي، اھو ڪوٽ رھائش طور ڪم ايندو ھوندو، ڇو جو ان کي ڪا به حفاظتي اڏاوت ۽ برج وغيره نه آھي، ان ڪوٽ جون ديوارون ماڻھوءَ جي قد جيتريون آھن، انھيءَ اندرين ڪوٽ کي ٻه سڌيون ڀتيون سندس مرڪز مان لنگھي، ھڪ جيترن پورن چئن حصن ۾ ورھائن ٿيون.
    دليل ڪوٽ جي ديوارن ۽ برجن ۾ ڪتب آندل مٽي تمام چيڪي آھي، لڳي ٿو ته ان کي باقائده وڏي ڳولا بعد ھٿ ڪيو ويو ھوندو جو اڄ به ايتري وقت بعد به ڪوٽ جي ڪنھن حصي کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي محنت جي ضرورت آھي.
    دليل ڪوٽ پوري گولائي تي ھجڻ ڪري سندس ٻاھرين ديوار به ڦيٿي وانگر ڦرندي نظر اچي ٿي. برجن وٽ پھچڻ بعد ديوار جا ڇيڙا اندر رخ ڪن ٿا. باقي ديوار برجن جي وچ ۾ ھلڪو ور کائي ٻاھر نڪري ٿي، جنھن ڪري، ٻن برجن جي وچ ۾ ديوار جي شڪل ھال جھڙي لڳي ٿي. ڪوٽ جي ديوار ھيٺان ويھ فوٽ ٿلھي ۽ بلنديءَ تائين سندس ٿولھ گھٽجي چوڏھن فوٽ ٿي وڃي ٿي. ديوار کي اندران توڙي ٻاھران پڪن سرن جا پشتا ڏنل آھن يا وري ائين کڻي چئجي ته ٻن پڪين سرن جي ديوارن ۾ مٽي ڀري وئي آھي پر ھاڻ پڪين سرن جا اھي پشتا غائب ٿي ويا آھن، ڪٿي ڪٿي ڪي سرن جا ٽڪر نظر اچن ٿا. ڪوٽ جي ديوار جي مضبوطيءَ لاءِ وڏي تعداد ۾ ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آھي جيڪو صرف فصيل تائين آھي، مٿي ڪاٺ استعمال ٿيل نه آھي. جيئن ھن وقت آر سي سي ڇت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ لوھ جا سريا استعمال ڪيا ويندا آھن ائين دليل ڪوٽ ۾ کٻڙ ۽ ڪرڙ جو ڪاٺ استعمال ٿيل آھي. زماني جي گردشن جي ڪري اھڙا شھتير ڪوٽ کان ٻاھر به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنھن جو مطلب ته ڪوٽ جي ڳرڻ ڪري اھي ٻاھر نڪري آيا آھن. ويھ فوٽ ڪاٺيون نه ھجڻ ڪري، ڪاٺين جي ٽڪرن کي لوھ سان ڳنڍيو ويو آھي.
    دليل ڪوٽ جي بنياد کان وٺي فصيل تائين 22 فوٽ آھي، جنھن جي ٻاھرين طرف کان چئن فوٽن جي اوٽ به ڏنل آھي ۽ ان اوٽ جي بلندي 6 فوٽ آھي، ديوار مٿي پھچي، محرابدار ڪنگريون ٺاھي ختم ٿي وڃي ٿي، ٻه ٻه ڪنگريون پاڻ ۾ ملن ٿيون ۽ ان جي ھيٺان تير اندازي ۽ بندوق بازيءَ لاءِ ڳڙکيون ٺھيل آھن، ڳڙکين مٿان ٻاھرين پاسي کان پڪي سرن جي ڪارنس، چوڌاري ھلي وڃي ٿي، انھن ڳڙکين جي زمين کان بلندي 28 فوٽ آھي.
    ڪوٽ کي اندران ديوار سان گڏ ڊگھي فصيل جيڪا ڏھ فوٽ ويڪري ڏنل آھي ته جيئن چئوڪيدار ان تي آسانيءَ سان گشت ڪري سگھن، فصيل تي ٻاھرين پاسي کان 6 فوٽ اوٽ ڏنل آھي جنھن ۾ حملي آورن کي روڪڻ لاءِ مارا به رکيل آھن، سڄي فصيل ۾ چيڪي مٽي ۽ ڪاٺ استعمال ٿيل آھي ۽ 10 فوٽ ويڪري آھي جنھن تي منجنيقن، توپن ۽ ٻين بارود اڇلائيندڙ مشينن کي چوري پوري سگھجي ٿو.
    ڪوٽ کي زري گھٽ اڌ گول وارا 12 برج آھن، صرف در جي چوڪيداري ڪندڙ برج وڏو گول ٺاھي ٿو، اھو وڪڙدار برج ڪوٽ ۾ داخل ٿيندڙن کي روڪڻ لاءِ ٻانھون کنجيو بيٺو آھي. برج 20 فوٽ قطر وارو آھي، گولائي مائل برج جي اندران گھيرو 56 فوٽ آھي. برج کي ٻاھرين طرف فرش کان 6 فوٽ بلند ۽ 4 فوٽ ويڪري اوٽ ڏنل آھي، ھر برج ۾ مارن سان گڏ ٻه وڏا ڳڙکا آھن جن مان گرم پاڻي ھارڻ کان سواءِ ڪلن ذريعي گولا ٻاھر اڇلايا ويندا ھيا. ھڪ برج کان ٻي برج تائين 158 فوٽ ڪمانيدار ديوار ڏنل آھي، ديوار جتي برجن سان ملي ٿي اتي ذري گھٽ 90 جي ڪنڊ ٺاھي ٿي، برج ھيٺان ويڪرا پر مٿي پھچي سوڙھا ٿي وڃن ٿا. برج قلعي جي مکيه دروازي کان ويھ پنجويھ فوٽ ٻاھر نڪري اچن ٿا جيڪي زميني سطح کان 30 فوٽ بلند آھن، برج 26 فوٽ قطر وارو آھي جنھن ۾ 10 فوٽ فصيل واري ٿولھ ملائبي ته 36 فوٽ ٿلھو ٿي وڃي ٿو.
    دليل ڪوٽ جي شاھي دروازي جي بناوت به وڪڙ تي آھي ته جيئن ڪوٽ تي ھڪ ئي مھل ڪو وڏو حملو نه ٿي سگھي، دروازي کي ٻه وڏا برج آھن جن جي وچ ۾ 23 فوٽن جو لنگھ ڇڏيل آھي، در وٽ ديوارن ۽ برجن جي بلندي 30 فوٽن کان مٿي آھي. دليل ڪوٽ جي بچاءَ لاءِ ٻن شاھي دروازن کان سواءِ دمدمو ڏنل آھي، سپاھي در ۾ ھڪ سھڻو محراب ٺھي پوي ٿو جنھن جي بلندي 25 فوٽ ۽ ويڪر 15 فوٽ آھي. شاھي دروازي ۾ اندر گھڙڻ سان 22 فوٽ ڊگھي ڏيڍي اچي ٿي جنھن ۾ ٻنھي پاسن کان محرابدار چوڪيون ٺھيل آھن، جن جي ڇت زمين کان مٿي 10 فوٽ، ڊيگھ 11 ۽ ويڪر به 10 فوٽ آھي. دليل ڪوٽ جي دمدمي جي ڊيگھ 51.3 فوٽ ۽ ويڪر 49.4 فوٽ آھي، سندس ڏکڻ پاسي واري ڀت 14 فوٽ ٿلھي آھي. دمدمو ۾ پھچڻ بعد ڪوٽ اندر داخل ٿيڻ لاءِ کٻي ھٿ تي اولھ طرف ھڪ ٻيو شاھي دروازو آھي، جنھن جي ٻاھران ٻنھي پاسن 17.6 فوٽ ڊگھي ديوار ۾ چوڪيدار جي ويھڻ لاءِ 8 باءِ 8 جون ڪوٺيون ٺھيل آھن، اندرين دروازي جي ويڪر 15 فوٽ ۽ اوچائي 23 فوٽ آھي. ٻئي دروازي ۾ اندر گھڙڻ سان 27.6 ڊگھي ڏيڍي آھي، جنھن ۾ چوڪيدارن جي ويھڻ لاءِ 8 باءِ 8 جون جايون آھن.
    دليل ڪوٽ جي اڀرندي دروازي کان سواءِ ٻين ٽن طرفن اتر، ڏکڻ ۽ اولھ کان به ڳجھن دروازن وسيلي اندر گھڙي سگھبو ھيو، اھي ڳجھا دروازا جنگي حالتن ۾ رسد لاءِ ٺاھيا ويا ھيا، جيڪي ھاڻ سرن سان بند ٿيل آھن. دليل ڪوٽ ۾ تير اندازي ۽ بندوق بازيءَ لاءِ ٺاھيل مارن جو تعداد 308 بيھي ٿو، ھر برج ۾ لڳ ڀڳ 7 مارا آھن ۽ ٻن برجن کي ڳنڍيندڙ ديوار ۾ 21 مارا ٺاھيل آھن. اھڙي طرح ڪوٽ جي 12 برجن مان ھر برج ۾ ٻن توپن جا ڳڙکا آھن، جن جو تعداد 24 آھي، انھن ڳڙکن جي جي ويڪر 6 فوٽ، ٿولھ 4 فوٽ ۽ اوچائي 5.3 فوٽ آھي. جڏھن ته دليل ڪوٽ کي 1.8 فوٽ ڪنگريون به آھن جن جي ويڪر 7.3 فوٽ آھي ۽ پري کان تمام گھڻو خوبصورت لڳن ٿيون.
    دليل ڪوٽ تي مغل ۽ ٽالپور دور ۾ مرمت جو ڪم ٿيل به ٻڌايو وڃي ٿو. جيئن ته ڪوٽ اندر گھر اڏيل آھن تنھنڪري ڪيترن حصن جي عڪس بندي نه ٿي سگھي پر پوءِ به ھن ڪوٽ کي ڏسڻ سان ائين لڳي ٿو ته سنڌ پنھنجي وجود جي بقا لاءِ ھر دور ۾ جتن ڪندي رھي آھي. ھن ڪوٽ متعلق اشتياق انصاريءَ کان سواءِ ٻين محققن به ڪم ڪيو آھي پر ھن جي قدامت جو حتمي پتو اڃان تائين ھڪ منجھيل سوال آھي تنھنڪري ان ڳالھ جي سخت ضرورت آھي ته دليل ڪوٽ سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن لاءِ جديد بنيادن تي ڪاربان ڊيٽ ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي سيني تي آخري پساھ کڻندڙ ماڳ مڪانن جي حقيقي تاريخ جو پتو پئجي سگھي.
    حوالا
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا :اشتياق انصاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو