”تون“ جي تنوار..... غلام رسول چانڊيو حصو؛ آخري لياقت رضويءَ جي نظمن جي ڪتاب ”تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ تي ھي ڏھين قسط لکي رھيو آھيان، دل گھري ٿي ته لقيءَ جي شاعريءَ مان ھڪ طويل ناول لکان يا وري ڪھاڻين جو ڪو ٿلھو ڪتاب! لقي جي شاعري سنڌي ادب لاءِ ڪيئي ناول ۽ ڪيترين ئي ڪھاڻين جا موضوع کڻي اچي ٿي، ھو سُتل تخليق کي جاڳائي ٿو ۽ ڪيئي عنوان آڇي، ليکارين کي چيچ کان وٺي اھو ٻڌائي ٿو ته ” ھي اڻ ڇُھيا عنوان پنھنجي اظھار لاءِ تڙپي رھيا آھن. آءُ سندس نظمن جي ڪتاب تي ھيءَ آخري قسط لکي، بھرحال اھو طئي ڪريان ٿو ته لقيءَ جي شاعريءَ مان ڪيئي عنوان کڻي لکندس، خبر ناھي اھو ڇا ھوندو؟ ڪھاڻيون ھونديون يا ناول! پر لکندس ضرور جي زندگي مھلت ڏني ته.... اڃان اڌ کان وڌيڪ نظم منھنجي ھنن ڏھن لکڻين کان رھجي ويا آھن، آخري قسط ان ڪري لکان ٿو جو ڪتاب تي ڪتاب لکڻ واري روايت عجيب لڳي ٿي. لقي زندگيءَ جو شاعر آھي، فطرت جو شاعر آھي، آزاد شاعر آھي، قيد کي به آزادي جو روپ ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ٻولي اظھار ۽ تشبيھن جو بادشاھ آھي، ھن جي شاعري من جي ستل احساسن کي جاڳائي ٿي ۽ وٺي وڃي ٿي ھڪ اھڙي دنيا ۾ جتي سڀ ڪجھ آھي، درد جون سڀئي صورتون ۽ خوشيءَ جا مختصر پل به آھن ته وڇوڙن جا وڍ به! ميلاپ جي مستي به آھي، سو لقي تمام گھڻو تفصيل گھُري ٿو. تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ ۾ سندس ھڪ طويل نظم آھي، جنھن کي ھو ”تون“ جو عنوان ڏئي ٿو، مونکي ھميشھ” تون“ وڻندي آھي، ”مان“ کان نفرت اٿم، ”مان“ آھي به نفرت جھڙي، جنھن انساني وقار جون سسيون لاٿيون آھن، ”مان مان“ ۽ ”تون تون“ انساني تاريخ جو ڀيانڪ الميو رھيو آھي، پر پيار ۾ ڀلا ڪو ”تون “ جو نعم البدل آھي ڇا؟ ”تون“ جو پنڌ جڏھن سفلتا ماڻينديو آھي تڏھن ” پاڻ “ جو روپ ڌاريندو آھي ۽ جڏھن سڀ ڪجھ ”پاڻ“ بڻبو آھي ته اتان کان ھيڪڙائي جي واديءَ ۾ پيار جي پالوٽ ٿيندي آھي ۽ اھو سڀ ڪجھ لقيءَ جي نصيب ۾ ھيو الائي نه! لڳي ٿو ته انسان جون بدنصيبيون ئي کيس شاعر بڻائينديون آھن. لقي پاڻ بڻجڻ کان اڳ ” تون“ جي تنوار ۾ چئي ڏنو آھي ته ” تون پنھنجي ناراضگي کڻي ٿي اچين ۽ مان پنھنجي مرڪ کڻي ٿو اچان، لقيءَ جي ”مان“ ”پاڻ“ ٿيڻ جو پنڌ آھي. ” تون“ نظم ۾ لقي ڄڻ ته ڪيڏارو ڇيڙي ٿو، آسرو اٿس ته سندس محبوبه جي اکين ۾ نيٺ ته عشق عقاب وانگر لھندو ۽ لقيءَ جو بدن جھنگل بڻجي پوندو ۽ پوءِ ھوءَ ڪنھن طوفان وانگر ايندي ۽ لقي سمنڊ وانگر سندس آڌرڀاءُ ڪندو... پر ائين جڏھن نه ٿو ٿئي ته لقي ستارن جا رستا ياد رکندي ٿڪجي پوي ٿو پر ڳولا نه ٿو ڇڏي، سندس اندر جو آئينو لقيءَ جي تلاش ۾ ڀٽڪي رھيو آھي ۽ لقي وري اڪيلائي کان ڀڄي رھيو آھي. اڪيلائين جي ڊوڙ ۾ اوچتو لقيءَ جي محبوبه اچي ٿي وڃي ۽ لقي حيران ڪندڙ خوشيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، شام پنھنجو رنگ وڻن کي اوڌارو ڏئي ٿي ته لقي محبوبه جو بدن کولي ٿو پر ھو اجنبين وانگر ورتاءُ ڪري ٿي. ننڍي کنڊ جو عشق ڇا اذيت آھي؟ جي نه ته شاعري جي ھن کنڊ جا موضوع اڪثريتي طور ڪيڏارو ڇو آھن؟ ڪٿي ائين ته ناھي ته تصوف عشق جي ناڪامين جو فلسفو آھي؟ ننڍو کنڊ صوفي آھي، ڀلي پاڻ کي سڏائي نه سڏائي پر سندس سمورو ورتاءُ تصوفي آھي، ھي شاعري جو کنڊ آھي ۽ شاعري درد جي بيوھ ماءُ آھي. برصغير جو سينو عشق جي ٽٽل دل سنڀالي جي رھيو آھي. گھوڙن جي ھڻڪارن ھن کنڊ جي شاعري کي رھڙيو آھي، ڪيئي دوھا ۽ وايون پنھنجي اظھار کان اڳ مُيون آھن، مونکي الائي ڇو شاعري بيوھ ماءُ جي ننڌڻڪن ٻارن وانگر لڳندي آھي! مان غلط ٿي سگھان ٿو پر ڪاھُن ۽ آھُن جا آواز ننڍي کنڊ جون وايون نه آھن ڇا ڀلا؟ دنيا جا ٻيا کنڊ جنگين جا کنڊ آھن پر ننڍو کنڊ لشڪر ڪشين ھيٺ لتاڙجندڙ کنڊ آھي. لقي مون سان اتفاق ڪري يا نه پر پنھنجن آخري نتيجن ۾ لقيءَ جي شاعري به ريھُن ۽ دانھُن جي صدائن سان ڀريل آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌا ساھ صوفين ڀريا آھن، لقي صوفي ھجڻ جو دعويدار ناھي پر سندس شاعري گيڙو سُنگن جي سرواڻي ڪري رھي آھي. لڳي ٿو لقي سنڌو ڪناري ويدن لکجڻ مھل موھن جي پتڻ تي ويٺو ھيو ۽ پوءِ گھڻو دير سان ڄامشوري جي المنظر وٽ اچي، پٿرن سان عشق جي ابتدا ڪئي ھئائين. آءُ لقيءَ جي شاعري جي انتھا تائين پھچڻ جو ساھس ساري نه ٿو سگھان، شاعري جي ڪا انتھا نه ٿيندي آھي تنھنڪري ڪير به شاعري آخري سرحد تي پھچي نه ٿو سگھي پر سھڪندي سھڪندي جيترو به لقيءَ جي شاعري پويان ڊوڙيو آھيان ته مون کي جھنگلن، خوابن، ندين ۽ سمنڊ سان ڪچھري ڪرڻي پئي آھي. لقيءَ جي شاعري جي جنھن به ڪنڊ تي پھتو آھيان اتي حيرتن جي دنيا ڏٺي اٿم، سمورا پوپٽ شھر بدر ٿي وڃن ٿا، چانڊوڪي مُنجھيِ ٿي پوي، چنڊ جي مسڪراھٽ کي بادلن جي چادر ويڙھي وٺي ٿي ته لقيءَ جي ڪائنات ڏڪي وڃي ٿي، بلڪل ائين جيئن تاريخ جي ھر جنگي دور ۾ برصغير ڏڪندو رھيو آھي. اجنبي سمنڊ کي لقي ڪنارن سان ويرھائي ٿو ۽ بيوقوف چنڊ کان آسمان جي ٿالھيءَ مان کِلَ ھارجي ٿي وڃي. لقي چوي ٿو” تون پنھنجي سيني جي آسمان تي ٻه چنڊ سنڀالي ٿي رکين، جيڪي منھنجي خواھشن جي سرزمين جي لاءِ رڳي اونداھي لکندا ٿا رھن“. لقي پنھنجي نظمن ۾ ڪمال جي انتھائن تائين پھچي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏھن شاعري کي انسانن جي دماغ مان رھڙي (جيئن طاقت ھميشھ چاھيو آھي) ڪڍي ڇڏجي ته ڌرتيءَ جو ھي گولو، ڪاري دونھين سان ڀرجي وڃي ۽ پوءِ ڌرتي، پراڻي بڙ جي وڻ ھيٺان، قطعي ننڊ نه ڪري سگھي. سو لقي! ”تون رڳي انسانن جو شاعر ناھين! نه ئي رڳي عشق جو! تون ته شاعر آھين، ندين جو، وڻن جو، ھوائن جو، سمنڊ جو، جھنگلن جو، خوابن جو، اوجاڳن جو، ڳوٺن جو، شھرن جو ۽ فطرت جي انھن سڀن لقائن جو جن کي اڃان تائين ڪنھن عنوان نه ڏنا آھن، تنھنجي شاعري کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ان اک ۽ دماغ جي ضرورت آھي، جيڪي فطرت جي گوناگونيت جو پيڇو ڪري سگھن“. لقي! ”سچ ته تون ڪمال جو شاعر آھين!. وڃ! ۽ وڃي فطرت جي زري زري ۾ انتظار ڪندڙ عنوانن جي وارثي ڪر! تون شاعريءَ لاءِ پيدا ڪيل آھين، آءُ تنھنجي شاعريءَ تي تنھنجي شاعريءَ جيترو ۽ جھڙو نه ٿو لکي سگھان، آءُ شاعر ناھيان!“. ......(ختم)
لياقت رضوي جي ڪتاب تي تبصرو آڳ به ننڊ ڪندي آھي... غلام رسول چانڊيو حصو نائون ”متان“ جو لفظ اُڊڪن جو لفظ آھي، گُمان جو لفظ آھي ۽ ممڪن _ناممڪن جي وچ تي بيٺل اھو آسرو جيڪو شاعري جو اڪثر موضوع رھيو آھي، شاعري عاشقي جي زبان آھي تنھنڪري عاشق ”متان“ جي طويل مسافت جي پنڌ جو راھي ھوندو آھي، لقي به اھڙو پنڌ ڪندي نامڪمل تمنائن جي ڌٻڻ ۾ پنڌ ڪندي سوچي ٿو ته متان سندس اکيون ڪوئي ڪُن ٺاھي وجھن، متان پوري ڪائنات ھڪ تماشو ھجي. ائين ”متان“ جي گمانن ۾ لڙھندڙ لقي ڪل جي جدول به ٺاھي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته سموري دنيا سندس جسم جي قيدي آھي ۽ پوءِ انسان جي قدر تي سوچيندي اندر ۾ ڳالھائي ٿو ۽ چوي ٿو ته رحمدل فطرت بي رحم ماڻھوءَ جو موضوع آھي، مونجھارن ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ اھا ڳالھ وساري ويھي ٿو ته ماڻھو به ٻين ھزارين جيوتن سان گڏ ھڪ جيوت ئي آھي بس! فرق رڳي اھو آھي ته اسان کي ٻين جيوتن جي شاعري سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ممڪن آھي ته باک ڦٽيءَ جو جھرڪين جون ٻوليون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ڪا وائي ھجن، ڪو گيت ھجن، ڪو دوھو ھجن. لقيءَ نيٺ سائنس جي ڪسوٽيءَ تي پنھنجي ماجرا ماپڻ ٿو چاھي، ھي ته سندس خواھش ئي آھي ته ”محبت ماڻھن لاءِ جمھوريت ٿي وڃي“، ھو شمسي نظام کي فرض ڪيل سمجھي ٿو ۽ سائنس کي ان جو عاشق سڏيندي، نتيجن کي بنھ ڏور ڏسي ٿو ۽ زندگيءَ کي اُٻھرن ٽھڪن جو تشبيھون ڏئي ٿو. لقيءَ جون اکيون اُڻيل آھن، عشق جي سنھي سئي سان، سو جيڪو چوي سو نيبھُ اٿس! مٿان وري شاعر آھي ته سندس خيالن کي باز جا پر ڇو نه لڳن! ھو پنھنجي پرواز کي ويڙھڻ جو مشروط اعلان ڪري ٿو، چوي ٿو ” جڏھن رمندا بادل پِڙُ ڪڍي بيھي ويندا، پکي آسمان کان وڇڙي ويندا، لفظ پنھنجي معني ۾ فنا ٿي ويندا، تڏھن مان پنھنجي پرواز ويڙھي ڇڏيندس“. ڇا اھو ممڪن ٿي سگھي ٿو؟ مون کي نه ٿو لڳي، تنھنڪري انتظار ڪرڻ بھتر رھندو. لقي تاريخ کان بي پرواھ ننڊ لاءِ نظم لکي ٿو، جن نظمن جي روح ۾ لمحي لمحي جون قيامتون آھن، فلسفي جھڙا پيچيده سوال ۽ سائنس جھڙي حقيقت جا تجربا! چنڊ جي لاتعلقيءَ تي سُستيءَ لاءِ به نظم لکي ٿو ته پنھنجي آزاديءَ کي قيد محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ کان ڪيئي سوال ڪندي پڇي ٿو ته ” ڇا مان سمجھان ٿو ته مان سمجھان ٿو؟“ ھي شاعري جو فلسفو آھي، جيڪو لقيءَ نظمن جي مالھا ۾ پوئيو آھي ۽ اکيون سندس اھم موضوع آھي، اکين ۾ ڪڏھن اُنجي وڃي ٿو ته ڪڏھن انھن ئي اکين ۾ ڇا آھي؟ جا سوال کڻي مختصر لفظن ۾ عشق جي ھزارين سالن جي تاريخ کي سھيڙي وٺي ٿو. ھو پاڻ کان پري رھي خدا جي ڪاميابيءَ کي يقيني سمجھي ٿو. وقت گذري ٿو يا لقي پر کيس احساس ٿئي ٿو ته ھن عرصي کان ڪنھن جي به انتظار جو جھنم ناھي ڀوڳيو نه ئي ڪنھن لاءِ ٿڌو ساھ ڀريو آھي نڪو ڪنھن کي ياد ڪيو آھي، ھو رُنو به ناھي ۽ ٽھڪ به نه ڏنا اٿس. ” ائين ٿيندو آھي لقي! ڪڏھن ڪڏھن جلندڙ آڳ، وھندڙ پاڻي ۽ ستارا به گھري ننڊ ڪندا آھن، بلڪه اربين سالن کان اوجاڳن جي ماريل ڪائنات کي اھو حق ملڻ گھرجي ته ھوءَ به ننڊ ڪري، ھڪ اھڙي ننڊ جنھن ۾ ڪائنات جو بدن لاش وانگر لڳي، سو توکي به لقي! ساھ پٽڻ گھرجي، ڪياڙيءَ کان ٻانھن ڏئي اکيون پورڻ گھرجن، چھري جي چوانٺ تي بيھي رھڻ گھرجي! ٻي صورت ۾ تنھنجن سمورن خيالن، تحرڪن ۽ پنڌن جي ايبارشن ٿي پوندي ۽ تون ”تنھنجي اک اڻي ٿي مونکي“ جھڙا نظم نه لکي سگھندين! لقي تون نظمن جو ترجمان آھين، نگھبان آھين ۽ انھن نظمن جو جياپو ڪڏھن ڪڏھن تنھنجي ”ڪجھ به نه ڪرڻ“ ۾ آھي“. لقي کل جھڙيون ڳالھيون به ڪري ٿو، بلڪل انھن ماڻھن وانگر جيڪي پھريون ڀيرو خدا تي سوچيندا آھن ۽ کين اھا خبر ناھي ھوندي ته خدا تي سوچي نه ٿو سگھجي. لقي پوري زندگيءَ تي نگاھ وجھي ٿو ته تيز ھوائون ۽ اداسي کيس اھا نگاھ ڏيڻ جو بھانو بڻجي وڃن ٿيون، جنھن سان ھو پنھنجي سموري زندگيءَ کي يڪمشت ڏسي سگھي ٿو، جي ھا! شاعر وقت کي قيد ڪري سگھن ٿا، يا وري ان کي بيھاري سزا ڏئي سگھن ٿا. خواب خالي کيسن جي پيٽ ۾ ڄمندا آھن، اھي کيسا عشق جا ھجن يا پئسن جا! لقي ڀلي اکين تي خواب لکي يا انھن کي آسمان پڙھي پر خواب کيسن جا خبر ناھي ڪھڙا پُٽ آھن؟ حلالي يا حرامي؟ اھا خبر ضرور آھي ته کيسو مسئلن جي جڙَ آھي. چُمي اسپرم جو رقص آھي ۽ ڀاڪر اسپرم جي ڳولا جو گھر، ڪيئي اسپرم ٻار جو روپ وٺڻ کان اڳ مري ويندا آھن، تنھنڪري انساني قتلام جي تاريخ اھا ناھي، جيڪا اسان کي پڙھائي وڃي ٿي، موجود ۽ مري ويل انسانن کان به وڌيڪ انسان مئا آھن جن جي تاريخ لکڻ لاءِ ڪا پَھر ناھي بچي. ھر چمي اسپرم کي جاڳائڻ جو سڏ آھي، وعشيه ۽ محبوبه جي وچ ۾ به بس کيسي جو فرق آھي، باقي اسپرم جو نسل ٻنھي لاءِ ساڳيو آھي. کيسي جي حقيقتن کي شاعري جو ديوان گھُربل آھي. ”جي لقي! بلڪل درست، سڀ ڪجھ ساڳيو آھي، خوف دماغ جي رسولي آھي تڏھن ته تنھنجي نظم جو شھر ننڍڙي ٻار وانگر ڊنل آھي، ڪرفيو ته رياست جي ھجن وارو احساس ڏيارڻ لاءِ آھي سو چمي، ٽھڪ ۽ گيت سان ڪرفيو ٽوڙي شام کي لباس بڻائي پھري ڇڏ! سچ ٿو چوين، ڳولا جو ڪو انت ناھي، ڏس تنھنجا آبشارن کي ڏنل ٽھڪ پھاڙن سان ٽڪرائجي شديد زخمي ٿي پيا آھن ۽ تنھنجي چمي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي ۽ تنھنجا نظم تنھنجن اعترافن جون اڻ کٽ ڪٿائون آھن، شڪارين انھن پکين کي ماري ڇڏيو آھي، جن کي تو پنھنجا گيت ڏنا ھيا، شام جي لباس کي به ليڙون ليڙون ڪيو ويو آھي، تنھنجون ڳالھيون وڃائجي ناھن ويون پر ڪٿي لڪي ويون آھن، ڳولين ته ڪوئي چورائي نه وڃي... ھي دنيا چورن جي آھي، ڀريل کيسن جي آھي، چميون، ٽھڪ ۽ گيت وڪامن ٿا، بازار جا اگھ کيسو طئي ڪري ٿو! ھا کيسو جنھن جو وات سدائين اُڀ ڏانھن ڦاٽل ھجي ٿو، ان کيسي کي بَکيا ھڻي بند نه ڪبو تيستائين نظمن جي شھادت ٿيندي رھندي،شاعري جا لاش ڳجھون کائينديون رھنديون ۽ رات جي بدن تي بي ھودن ٽھڪن جي بي سُري سنگيت دماغ جون اُلٽيون ڪرائيندي رھندي“ ...... (ھلندڙ)
لياقت رضويءَ جي ڪتاب تي تبصرو اکين جو ڪو ڌرم ناھي.... غلام رسول چانڊيو حصو اٺون لقيءَ جي شاعريءَ ۾ جتي ڏينھن ڏڪندڙ نھار ڪن ٿا ته اتي دوستي به ڪنھن پکي جو نانءُ بڻجي ٿي وڃي، پر جڏھن محبوبه جي اک کيس اُڻڻ لڳي ٿي ته ھن کان بي اختيار نڪري وڃي ٿو ته ” تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“. اُڻتِ جي ان دنيا جا منظر ئي پنھنجا ھجن ٿا. لقي اسُرَ جي ھيرَ ۾ وھنجڻ لڳي ٿو، سانجھيءَ کان سُھماڻِيءَ تائين وِصلَ ۾ ويڙھجي، سنجوڳ جي ڪائنات مٺِ ۾ ڪري وٺي ٿو. کيس شايد پھريون دفعو احساس ٿئي ٿو ته محبوب جي اکين جي، ڪارين ماڻڪين مٿان جيڪو پيار جي پاڻيءَ جو تَھُ ٺھي ٿو سو تَھُ ئي سموري ڪائنات آھي. اکيون! جن جو ڪو دين ڌرم ناھي ٿيندو، شايد سي اکيون ئي ڪائنات جا دروازا ٿين ٿيون. جيڪو اکين جي عاشقيءَ جو شڪار ٿيو سو بس ائين اُڻجي ويو، جيئن ٽُڪ جي رِليءَ جا رنگين ڪپڙا، سَنھيءَ سُئيءَ سان گھاٽن ٽوپن ۾ اُڻجي ويندا آھن. لقيءَ جو ٿَڪُ چُڳِجِي وڃي ٿو ۽ حيرانگيءَ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ته وصال جي خوشبو بس رات جي راڻيءَ وانگر سمورو بدن مَھڪائي، ڏينھن ٿيڻ کان ٿورو اڳ موڪلائي ڇو ٿي وڃي؟ ھو سوچي ٿو زندگي بس سُمھڻيءَ کان اَسُر تائين جي رات ھجي، خوشبو ھجي تڪڙن ساھن جي، رات جي راڻيءَ جي، اوجاڳا ننڊ بڻجي پون، ڀاڪُرن جي ڀيڙ ۾ وجودي ھيڪڙائي جي سنگيت ڇِڙي پوي. الميو اھو آھي ته ائين ٿيڻ ممڪنات جي قيدي سرحدن کان به گھڻو اڳتي جي ڳالھ آھي. جڏھن لقيءَ جي اک اُڻي ھئي ته سندس محبوبه جي مرڪ پَري جو ساحل ته بڻي ھئي پر ان ساحل جي تکين لھرن لقيءَ کي لُڻيو ھيو. اونھي اسرار جي ويجھو پھچي ڪنھن بي معني تڪرار جي ويجھو به پھتو ھيو پر ان وقت لقي پنھنجي چپن جو در ٻوٽي ڇڏيو ھيو ۽ پوءِ باک کي پوئتي موٽڻ جو چيو ھئائين پر ھو موٽي نه ھئي ۽ لقيءَ جي اک اُڻبي رھي ھئي. اھڙي حسين وارتا کان پوءِ ظاھر آھي ته آڪٽوبر جو موت اوس ھيو ۽ پوءِ لقي پاڻ کي رات اڳيان ائين پيش ڪيو ھيو جيئن ڪو باغي پنھنجي بغاوت تان دستبردار ٿيندو آھي. ھاڻ لقيءَ لاءِ خوابن جي دنيا پاڻ تائين محدود ناھي، ھو پوپٽ جي خوابن جو پيڇو ڪري ٿو، پکين جي خوابن پٺيان ڊوڙي ٿو ۽ ندين جي خوابن کان وٺي ٻيڙين جي خوابن سان به گڏ زندگيءَ جي پاڻيءَ تي تارو بڻجي تري ٿو. ھاڻ لقي ۽ چنڊ جي ياري ٿي وئي آھي، شاعر چنڊ سان ياري ڇو رکندا آھن؟ وارو سوال مون کي ڪڏھن به سمجھ ۾ نه آيو آھي پر لقي چنڊ سان وڻن جي جھڳٽن مان ملاقات ڪري ٿو، چنڊ ئي لقي اڃان ڳالھ ئي نه ٿا شروع ڪن ته پَن ڇڻ سندن ڪچھريءَ ۾ رخنو وجھي ڇڏي ٿو ۽ ھو فنا واري انا جي ور چڙھي وڃي ٿو، جتي لازوال وقت جي نديءَ ۾ اڃان طوفان ناھي آيو ۽ ياد جو سمنڊ اڃان ماٺو آھي تنھنڪري لقيءَ جي اندر ۾ الائي ڪيترا خيال آٺِرجي ويا آھن. اھو عجيب الميو آھي ته فنا جي انا وجود جا چَپ سبي ڇڏيندي آھي، ٽھڪ ۽ لڙڪ طويل ننڊ جو ويس بڻجي پوندا آھن پر رات، جا وصال لاءِ خلقي وئي ھئي، ان کي ڏينھن فراق ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. رات ۽ ڏينھن ھڪ ٻئي جا جاني دشمن آھن، ھزارين سالن کان ڪنھن کي به آخري فتح ناھي ملي سگھي، ائين جيئن عشق جي فلسفي جو سُٽ سلجھڻ کان پوءِ به اُلجھيل رھي ٿو. انسان جو الميو ئي اھو آھي ته ھو آسمان کي سڏيندو آھي ته زمين سمنڊ بڻجي پوندي آھي ۽ جڏھن ھوائنن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته خواب جبل بڻجي پوندا آھن ۽ اھو سڀ ڪجھ ناھي ٿيندو جيڪو انسان چاھيندو آھي! لقي ته وري غضب جو شاعر آھي، جڏھن ان جي پنڌ تڪميل جي سڙندڙ شھر مٿان گذر ڪيو ھوندو ته ان سان ڇا وارتا ٿي ھوندي!؟ جليو ھوندو بس! ۽ ائين لقي پنھنجي شاعري ۾ جلندي جلندي ھڪ غمگين جزيرو بڻجي ويو آھي، جتي تاريخ جي سوڙھي گھٽي لقيءَ جي ملڪ کي رھڙي رھي آھي. ھو ازل جي اک جو اھو ٽھڪ ڳولي ٿو جنھن لاءِ ڪائنات خلقي وئي ھئي، ڳولا جي ان سفر ۾ لقي صوفي بڻجي انتظار جو جوڳ پچائي ٿو، صبر جي ماڪ مٿائنس پوندي رھي ٿي ۽ ھو لطيف جي رامڪلي جو بيت بڻجي پوي ٿو. مينھن جڏھن ماڪ جا ڪپڙا لاھي ٿو ته لقي ڇرڪ ڀري اٿي پوي ٿو ۽ جھونگاري ٿو پنھنجي بچپن کي! مينھن وُٺا آھن ڏينھن به ڏٺا آھن مند به ڀلي آ تون به ھلي آ ڀيڄ ڀٽائي مند ملھايون ٻارن وانگي ڊوڙون پايون متان زندگيءَ جي دريافت ٿي پوي. ھاڻ ھو سَتَ سِٽن ۾ موسمن جي اچڻ ۽ وڃڻ کي ڏسي ٿو، ماڻھن جي پھرين ۽ آخري پنڌ تي اکيون کُپائي ٿو پر سمجھي نه ٿو ۽ ٿڪجي به نه ٿو ۽ کيس لڳي ٿو ته ھو آدمي آھي. جي ھا! زندگي ڪا انفراديت جي اک ته ناھي جو ڪائنات ڪنھن ھڪ قبر جو ڏيک ڏئي، ھڪ طرف قبرون کوٽجن ٿيون ته ٻي طرف ماءُ جي جھولي ھونگڙين سان ڀرجي وڃي ٿي. اھي ھونگڙيون وڏيون ٿي ڇوڪري بڻجي پون ٿيون ۽ ھڪ پورو نسل چنڊ کي ڏسي ڀونڪڻ سکي وٺي ٿو، ڪتن واري صرف اڌ رات جي اوناڙ جو احترام ڪري سگھجي ٿو، باقي سندن لاڳيتو ڀونڪڻ ڪنھن کي پسند اچي سگھي ٿو!؟ تنھنڪري لقي ان آسمان کي ڏسي ٿو جيڪو پکين جي اڏام جو ميدان آھي، زمين لقيءَ جي نگاھن واري جاگرافيءَ کان ننڍي آھي، شاعر جون نگاھون ھونئن به آسمان کي سوراخ ڪرڻ جي خواھش رکنديون آھن، اڳتي ڇا آھي؟ ڇو آھي، ڪيئن آھي؟ ڪنھن لاءِ آھي؟ وارا سوال رڳي صوفين ۽ فلسفين جا سوال ناھن پر اھي سوال شاعرن جي سڀ کان اول آھن جو شاعري سنگيت جي ماءُ آھي. سمورو سنسار جيستائين سمجھ ۾ اچي اوستائين ته سنگيت لڳي ٿو. سمنڊ جو لھرون ڪو گيت چون ٿيون، ته واچوڙا جھُمر ھڻن ٿا ۽ وڻ؟ وڻن کي جڏھن ھوا جي سنگت ملي ٿي ته انھن جون ٽاريون ٻانھو بڻجي، اُڀ طرف کڄي صوفيءَ جو سوز لڳن ٿيون. سڀ ڪجھ شاعري آھي، سرُ سوز شاعريءَ جا ٻچا آھن، جن جي پالنا جي ڌرتي شاعر جي روح تي پٿاريل آھي. لقيءَ جو روح شاعريءَ جو حسين غاليچو آھي، جنھن تي بانسري وجود جي وارن کي اڀو ڪري ڇڏي ٿي.... (ھلندڙ)
”تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ (قسط 11) پنھنجي پرواز ويڙھي ڇڏيندس غلام رسول چانڊيو لقي پنھنجي جدول جوڙيندي وڃي ڪائنات جي ليکن ۾ پوي ٿو. ھونئن حسابن ۾ بنھ ڪچو آھي پر شاعري جا حساب آڱرين تي ڪريو وڃي. پنھنجي نظم ”جدول“ ۾ ھو پنھنجي جسم ۾ قيد آھي، سندس جسم ھڪ دنيا ۾ قيد آھي، دنيا پنھنجي معني ۾ قيد آھي، معني ھڪ اشاري ۾ قيد آھي، ان اشاري جو ڪو به طرف نه آھي ۽ بي زمان ۽ لا مڪان جو قيدي آھي پر اھو بي طرف وري لقي ۾ قيد آھي. لقي جيئن ته شاعر آھي ۽ شاعري جو وڌاءَ سان پراڻو رشتو آھي تنھنڪري سندس قيدي احساسن جي حقيقت تي ته شڪ ڪري سگھجي ٿو پر ھڪ ڳالھ طئي آھي ته ھي دنيا/ڪائنات ڀلا معني جا ھزارين سوال کڻي پنڌ نه ڪري رھي آھي؟ لقيءَ جي ھنن شاعراڻن احساسن کي آءُ قطعي وڌاءُ نه ٿو سمجھان، سچ به ته جز ۽ ڪل واري صوفين جي مام لقيءَ جي وجود مان ريھون ڪري پنھنجو تعارف ڪرائي رھي آھي، لقي صوفي ناھي، نه ئي سٺ ورھين جو ٿيڻ کان پوءِ به، ويجھڙ ۾ سندس ڪو اھڙو ارادو ٿو ڏسجي، پر لقي آھي! سو ڪڏھن به ۽ ڪجھ به ٿي سگھي ٿو. ”تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“، لقيءَ جي نظمن جو نوحو آھي، جنھن ۾ رحمدل فطرت بي رحم ماڻھوءَ جو موضوع آھي. حيرانگي آھي جو لقي نفرت ۽ محبت جي ھڪ جيتري مقدار لاءِ الاءِ ڪھڙو اوزار خلقيو آھي!؟ محبت سوناري جو دڪان ناھي جو وٽ ۽ سون ھڪ جيترو تُري سگھي نه ئي محبت کي ڊجيٽل ڪيو ويو آھي جو جديد ساھميءَ تي محبت جي وزن جا انگ لکجي اچن! ” انسان جو مقدر“ ڏاڍو سھڻو نظم آھي پر لقي کي ڪير سمجھائي ته محبت ۽ نفرت بازار جو وکر ناھي. جيئن ھو فطرت کي رحمدل سڏي ٿو ته اتي به کانئس وسري وڃي ٿو ته فطرت نه ظالم ٿيندي آھي ۽ نه ئي رحمدل! فطرت ڪو انساني دماغ ناھي نه ئي فطرت سوشيالاجي ۾ ڪا پي ايڇ ڊي ڪئي آھي جو ان وٽ جذبا، احساس ۽ سماجي اخلاقيات ڪا ايجنڊا ھجي.....خير! لياقت جون اکيون جو اُڻيل آھن ته کيس وڻ به ماڻھو لڳي سگھن ٿا ۽ انھن جون ٽاريون ٻاھون ڄنگھون!. ”سائنس ۽ مان“ نظم لقيءَ جي خيالن جي سھڻي ڇڙواڳي آھي، خبر ناھي ته محبت ماڻھن لاءِ جمھوريت آھي الائي نه پر منھنجي لاءِ جمھوريت ته برابريءَ جو نالو آھي، ھي لقيءَ جي خواھش ته ٿي سگھي ٿي پر کيس اھو ياد رکڻ گھرجي ته محبت ۾ برابري ارينج مئريج وانگر اسپرم جي پيٽ مان نڪتل ڪو سماجي قدر ته ٿي سگھي ٿي پر محبت جو برابري سان ڇا وڃي؟ محبت ته، محبوب اڳيان ھستيءَ جي ان انڪار جو نالو آھي، جنھن ۾ لطيف سائين جو عدم سنڀالي رکيل آھي، سو لقي!” تنھنجي خواھش لاءِ احترام پر شاعري ۾ سياسي نعريبازي، انقلاب لاءِ کڻي ڀلي لڳاءِ پر محبت محبوب جي خيال ۾ گم ٿي وڃڻ جو نالو آھي، ڳوڙھن ڀري ياد، گھُٽيل سڏڪن، ٿڌن شوڪارن ۽ خاموش سڏن جو نالو آھي، جنھن ۾ خودي جون صرف قبرون ئي ملي سگھن ٿيون“ ان ئي نظم ۾ ڪيڏي نه روح ۾ لھي ويندڙ ڳالھ لکي اٿئي ته ” جڏھن ته زندگي اُٻھري ٽھڪ وانگر، فرآموشي جي قلعي ۾ گونجندي رھي ٿي“. وھوا! ڇا ته ڳالھ ڪري ويو آھين! ”پنھنجي پرواز ويڙھي ڇڏيندس“. تاريخ ڏي جڏھن به موٽين ته پنھنجن بکايل ٻچن لاءِ شڪار ضرور کڻي اچجان پر شڪار ڪنھن پوڙھي جانور جو ڪجانءِ! جو شڪار موت جو بي رحم رويو آھي“. مون کي خبر ناھي ته مان اھو اختيار رکان ٿو الاءِ نه پر چوائين ٿو ته ” ڀلي تون پنھنجي پرواز ويڙھين يا نه پر رمندا بادل جڏھن به پڙ ڪڍي بيھندا، پکي آسمان کان وڇڙي ويندا، لفظ پنھنجي معني ۾ فنا ٿي ويندا، تڏھن تنھنجي پرواز پاڻ ئي ويڙھجي ويندي، تنھن ھوندي به شاعري جي دنيا ۾ ڪيڏي نه غضب جي ڳالھ ڪئي اٿئي، تنھنجون اھي سِٽون پڙھي منھنجي روح جي دل الاءِ ڇو تيز ڌڙڪي رھي آھي، لڳي رھيو آھي ته پکي آسمان کان وڇڙي ويا آھن ۽ منھنجي اکين ۾ روُڻيون بند ئي نه ٿيون ٿين. خبر اٿئي ته آسمان الائي آھي الائي نه پر پکين جون اڏارون ۽ ڦڙڪندڙ پرن ۽ ڪبوترن جي چُمين ئي ته آسمان جو نالو رکيو ھيو! آءُ آسمان جي ماءُ ڳولي رھيو آھيان ته جيئن کانئس اھو پڇي سگھان ته اوڻٽيھ اونڌاھيءَ ۾ چمڪندڙ ستارا ڪنھن جا پٽ آھن؟ ۽ شاعري جو گھڻو موضوع آسمان ۽ ستارا ڇو رھيا آھن؟ ستارا سورج جي اوڌاري روشني تي چمڪندا آھن، پر پوءِ به قرضي ھوندي ڪيڏا نه وڻندا آھن! محبت ڪٿي فطرت جو قرض ته نه آھي جو ايڏو پريشان ڪري ٿي! لقي ! مون کي فطرت وياجي لڳي ٿي، تون ئي ٻڌاءِ ته جيوت کي جيڪو ڪجھ ڏئي رھي آھي ڇا اھو سڀ ڪجھ مفت ۾ آھي؟ جي ھا ته فطرت ڪيڏي نه سخي آھي! ۽ اسان به ته فطرت ئي آھيون، پوءِ ڇو محبت جھڙي اڻ کٽ خزاني مان ٽڪو به ڏيڻ لاءِ تيار ناھيون! ڇا محبت اھي خزانا قبرن ۾ کڻي ويندي؟“ بس لقي! تو مون ڏي سوالن جي فوج موڪلي آھي جيڪا مون کي تيرن سان زخمي ڪري رھي آھي. ھا بلڪل تون تاريخ کان بي پرواھ شاعر آھين، شاعر ٿيندا ئي تاريخ کان بي پرواھ آھن! تو وانگر ماٺيڻي لھجي ۾ صرف شام کي تون ئي سوچي سگھين ٿو، ڏس شام به توسان مخاطب ٿئي ٿي، جي ھا لقي! تھذيب ٺھي ئي زخمي ٿيڻ لاءِ ھئي، ان کي ته حقيقت ۾ ماريو وڃي جو ان فطرت جي معصوميت سان مذاق ڪئي آھي، تھذيب جي زخمن مان رت کي وھڻ ڏي، سندس رڳون خالي ٿيڻ ڏي، ڇڏينس ته موت جي آخري ھڏڪي ڏي، آءُ واعدو ٿو ڪريان ته تھذيب جي قبر آءُ پنھنجي ھٿن سان پاڻ کوٽيندس. تھذيب جنھن اسان کي نظرين جي انتھا پسنديءَ جا ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌا، ڇڙواڳ نظرين واري واجھ سان اسان جو وات ٻڌو، انساني وقار جي چھري تي غلاميءَ جي ڪارنھن مَلي ۽ اسان کي بندوق جي نوڪ تي آفريڪي غلامن وارو ورتاءُ ڪيو...... تون شاعر آھين، مون کي موٽائي ڏي فطرت جي فطري تھذيب جنھن ۾ ماڻھوءَ سميت ڪا به جيوت قيد نه ھجي، مون کي اھي وڻ موٽائي ڏي جنھن تي آکيرن اندر ماديون آرو ڪنديون آھن، جن وٽ ملڪيت جي تصور کان وٺي دولت ۽ محلن جو ڪو تصور ناھي. تون شاعر آھين ۽ اھو سڀ ڪجھ ڪري سگھين ٿو.
”تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“(قسط 12) محبوب جو ڀيڙيل ٻک قيد آھي؟ غلام رسول چانڊيو چانڊوڪي ڏکڻ جي ھير پاتي ھئي ته دل ۾ چميءَ جا چپ ڄمي پيا ھيا ۽ چنڊ اجنبي حسينه جيان لاتعلقين جي سرحدن تي بيٺو ھيو، لقي جنھن کي مون وانگر رات وڻندي آھي الاءِ نه پر ھو بيٺو ھيو ته اھا حسينه ساڻس پاڻ اچي ڳالھائي، اھا ته خواھشن جي شاعري جي تمنا ئي چئبي. حسينائن جي اھا تاريخ رھي آھي ته اھي پھريان لاتعلق رھنديون آھن ۽ جڏھن تعلق ۾ اينديون آھن ته پوءِ ساھ به انھن جي مرضيءَ سان کڻبو آھي. لقي شاعر آھي سو لاتعلق نه ھجي، ائين ٿي ئي نه ٿو سگھي، تهنڪري لقي ستارن جي گردش کي روڪڻ جي ھام ۽ وقت کي سنگيَن وانگر کُپائڻ واري دعوي نه ٿو ڪري سگھي، ان ڳالھ جي مون کي اڳئي خبر آھي پر حيران آھيان ته لقي پنھنجي سُستي جو اعلان ڇو ڪيو آھي؟ اھا ته اسان سڀن کي اڳئي خبر آھي! لڳي ٿو ته لقيءَ جي خواھشن واري کوري ۾ لاحاصل محبتن جا لاش بي ڪفن پيا آھن! زندگي اھا ئي ته آھي جنھن جي درد جون شدتون اندر جي آسمان کي به جلائي رک ڪري ڇڏينديون آھن. مٿان وري الميو اھو آھي ته شاعرن ھميشه پراوا پير ليڪِيا آھن. لقي! توکي سُستي ميارون ڏيئي رھي آھي ۽ چوي ٿي ته آءُ سُستي موت جي سڳي ڀيڻ آھيان، مون مان ڪنھن گداز بدن عورت سان مباشرت وارو مزو ڪير به وٺي نه ٿو سگھي! ھا! شاعرن جي ٻي ڳالھ آھي، جيڪي خيالن کي حقيقتن جا وڳا پھرائي جيئندا آھن، تو به اھو ئي ته ڪيو آھي. قيد ۽ آزاديءَ جو فلسفو پراڻو آھي، دنيا جا پھريان جيل تھخانه ھيا! شاعري به ته قيد آھي احساسن جو، خواھشن جو ۽ جذبن جو! شاعري جي تھخانن ۾ وايون احساسن جون ريھون آھن ۽ ڏوھيڙا نڙيءَ ڦاڙ دانھون! گيت سنگيت جا پٽ آھن سو انھن جو درد به وڻندڙ آھي ته خوشي به ننڍڙي ٻار جي مسڪراھٽ جھڙي. آزاد نظمَ وري پنھنجي دنيا رکن ٿا، جيئن تون! آزاد نظمن جو بادشاھ آھين، ڪجھ به چئي سگھين ٿو ۽ ڪجھ به لکي سگھين ٿو. تنھنجو نظم ”منھنجي آزادي“ تولاءِ قيد آھي، ڀلا قيد تي توکي اعتراض ڇا جو؟ محبوب جو ڀيڙيل ٻک به ته قيد آھي، چپن جي قيد جي خبر اٿئي ۽ غور ڪر ته توکي سڀ ڪجھ ويندي زندگي به قيد لڳندي. ھا باقي! نظم انت آھي! جنھن ۾ تون پنھنجي آزاديءَ کي قيد سمجھين ٿو ۽ پنھنجي خيالي ئي سھي پر محبوبه کي سَندي پرواز کان پري ھڪ پاليل پکي ڀائين ٿو! ان ۾ سچ به ته بنھ سچو آھين، زندگيءَ ۾ ملوث ٿيڻ جي جن به غلطي ڪئي آھي اھي سڀ لقي بڻيا آھن! پراوا ڀاڪر چورائڻ به تھذيب جو مليل روڳ آھي، فطرت واري تھذيب ھجي ھا ته ڀاڪرن جون ڀيڙوُن رڳي تنھنجو نه پر سڀ ڪنھن جو نصيب ھجي ھا ۽ زندگي جي مختصر ھجڻ وارو فلسفو پيدا ئي نه ٿئي ھا! خبر اٿئي لقي ته شرميلو ڀاڪر جڏھن ڀِيڙ جو امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آھي ته ڪائنات بانسُري جو حسين سُرُ بڻجي پوندي آھي، توکي نصيب نه ٿيو آھي ته ان ۾ ڪنھن جو به ڏوھ نه پر تنھنجي تھذيب جو ئي ڏوھ آھي. بس توکي ان تي ئي خوشيءَ سان راضي رھڻ گھرجي ته تون ازل جو آئينو آھين ۽ پاڻ کي آئيني ۾ قيد رکيو ويٺو آھين. ”پاڻ کان سوال“ ڀلي نئون فلسفو نه ھجي پر تون جڏھن پنھنجو پاڻ کان سوال ڪرين ٿو تڏھن سوالن جا نوان فلسفا تخليق ٿي وڃن ٿا. مون کي ته فلسفو به شاعري لڳندو آھي، جيئن شاعري پيچيده آھي تيئن فلسفو به! پوءِ کين ڀاءُ ڀيڻ ڇو نه سڏيون؟. خير ڪجھ به سڏيون پر نتيجو ساڳيو ئي ھوندو جو اسان سڀ تو وانگر دنيازده ٿيل آھيون، تياڳ ۽ بنواس جي شڪتي ڪنھن ۾ ناھي رھي ۽ افسوس جي تاريخ تمام پراڻي آھي بلڪه تاريخ آھي ئي افسوس جي! الاءِ ڇو خوشي پنھنجي تاريخ ناھي لکندي! بس ڏک ئي پاڻ کي تاريخ جو موضوع بڻائيندا آھن. پاڻ کان سوال وارو تنھنجو نظم خود وڏو سوال آھي جنھن جو جواب ساڳي ذھن کان گھرڻ ته تنھنجي شاعري آھي پر ان سوال جو جواب صرف تو وٽ ئي آھي، پنھنجي اندر جي اُکيل ڪر! تنھنجن سوالن جا جواب تنھنجن ئي احساسن جي انبارن ۾ ڪٿي دٻجي ويا آھن. ھڪڙي ڳالھ چوائين جي ناراض نه ٿين ته! ” بس سوالن کي سوال ئي رھڻ ڏي، ڪيترن سوالن جا جواب ھيانءَ ۾ زلزلا پيدا ڪري ڇڏيندا آھن“، آءُ سوالن جو سنگتي آھيان، جوابن کان ھميشه ڀَئو رھيو اٿم، وڌيڪ راز جو راڻو آھين. تون چالاڪ ناھين، بس رڳي سمجھي ويٺو آھين ته چالاڪ آھين، سوالن جا جواب سمجھڻ سمجھ جو اھو ڏاڪو آھي جتي حيرتن جا ھجوم ھوندا آھن، ڀلا توکي حيران ٿيڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ تون ماروي ھاسٽل جي روڊ تي واڪ کي نه وسار، جتي ڪيترن سوالن جا جواب رستن ۽ پراڻين بينچن تي لتاڙجي رھيا آھن، سينٽرل لائبري ھاڻ پوڙھي ٿي چڪي آھي، اوڏانھن وڃڻ جي ضرورت ناھي پر جي احساسن سان عشق ڪرين ٿو ته مان توکي اوڏانھن وڃڻ کان به نه ٿو روڪيان پر علامه آءِ آءِ قاضي کان اجازت وٺي پوءِ وڃجان، مھرباني ڪري کيس ڊسٽرب نه ڪجان جي ھو ايلسا سان ڪچھري ۾ مصروف ھجي ته! ٿي سگھي ٿو ته ھو ايلسا کي خودڪشي جو فلسفو سمجھائيندو ھجي ۽ کيس چوندو ھجي ته خودڪشي ڀيانڪ ھوندي به تمام وڏي بھادري آھي، خودڪشي زندگي جي وھنوار مان نڪري، روح جي ان بنواس ۽ رڻ پٽ جو نالو آھي جتي سوال ۽ سمجھ جو ڪو وجود ئي ناھي، بس پنھنجو پاڻ آھي، فطرت جا ٻچا آھن ۽ انھن جون مٺيون ٻوليون آھن.... ماڻھو کي ڀلا ٻيو ڇا گھرجي! سچ ته لقي جيڪڏھن آءُ علامه آءِ آءِ قاضي ھجان ھا ته خودڪشي جھڙي بھادري ڪري ڏيکاريان ھا! ڀلا ان کان وڌ پاڻ سان ٻيو ڪھڙو ظلم ٿي سگھي ٿو جو سماج رھڻ جي لائق نه ھجي ۽ پوءِ ڪو انسان رھڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ھجي، ته ان کان ڀلو ناھي ته ماڻھو خودڪشي ڪري ڇڏي!؟ آءُ چاھيان ٿو ته خودڪشي جي فلسفي تي لکان پر ان لاءِ تجربو ڪرڻو پوندو ۽ جي ائين ڪيم ته خودڪشي جي فلسفي تي ڪير لکندو؟ تون لکڻ جي پڪ ڏين ته آءُ اھو عظيم ڪم ڪريان...... ڇو ته توکي خبر آھي لقي! ته مون کي ڀٽائي جو اھو بيت ڏاڍو وڻندو آھي ته ” نه ڪو غرض گناھ سين، نه ڪا سڌ ثواب جي“.........(ھلندڙ)
درد جي تاريخ جو شاعر......... غلام رسول چانڊيو مون کي نظمَ، نوحن جا وڏا ڀائر لڳندا آھن ۽ لڳندو آھي ته نوحن جو روح، ڪربلا جي ڪک مان جنم وٺندو آھي. ڪربلا رڳي بغداد کان سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي برپا نه ٿي ھئي، پر انساني تاريخ جون سڀئي ريھون، سڏڪا ۽ لڙڪ ڪربلائون آھن. لقيءَ جي ڪربلا ڏھن ڏينھن جي نه، پر سندس سڄي حياتيءَ، يا ان کان به اڳتي جي ڪربلا آھي. سندس ڪتاب ”تنھنجي غيرموجودگيءَ سان گفتگو“ لياقت شاھ جا نظم نه پر عرفان مھديءَ لاءِ لکيل 91 نوحا آھن. لياقت رضوي جنھن کي اسان سڀ پيار مان لقي سڏيندا آھيون، بلڪه اھو نالو ته کيس عرفان مھديءَ ڏنو ھيو! ۽ پوءِ عرفان مھدي خود به لقيءَ لاءِ عرفي بڻجي ويو ھيو. عشق جيئن ته اڌو اڌ ٿي، ھڪ ٿيڻ جو نالو آھي ان ڪري، عاشقن ھميشھ اڌ نالا رکيا آھن. اڌ نالا عشق جو پراڻو دستور رھيو آھي. لقيءَ چيو ته ” نظم ختم ٿي ويندا پر محبت ختم نه ٿيندي“. سو آءُ احساسن جي گھراين جون حدون ته طئي نه ٿو ڪري سگھان پر حيران ٿيان ٿو ته محبت به شايد ان لاحد جو نالو آھي جنھن لاءِ لطيف سوچيو ھيو ۽ چيو ھئائين ته ” سپيريان جي سونھن جو نه ڪو قد نه مدُ“ ۽ واقعي لقيءَ جو عرفي ايترو ته حسين ھيو جو ان سان بي ڌڙڪ محبت ڪرڻ لاءِ، ڪو به لقيءَ وانگر، پاڳل پڻي جي آخري حد تائين وڃي سگھيو ٿي. ھي آتما ھتيا عرفان مھديءَ جي نه ھئي، لياقت درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ھيو ۽ ھونئن به خودڪشين جو بار ھميشھ عاشقن مٿان پيو آھي، پر لقي زنده بچي ويو ھيو، شاعري جي دنيا لاءِ يا ھر سال عرفان مھديءَ جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽڻ لاءِ! ڪيڪ ڪٿان! پنھنجي دل ڪاٽڻ لاءِ! خبر ناھي باقي ڪيتري دل بچي اٿس! پر اھا خبر ضرور آھي ته جڏھن به دل جو آخري ٽڪرو، خبر ناھي عرفان جي ڪائين سالگرھ تي ڪٽبو ۽ پوءِ لقي مري ويندو، تڏھن به عرفان جون گھٽ ۾ گھٽ 91 سالگراھون ته پوءِ به ملھائبيون رھبيون، ٿي سگھي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي سپنن جي ساڀيان کان پوءِ به عرفان جون سالگراھون ملھائبيون رھجن! سالگراھون دراصل موت ڏانھن ڌندڙ وکن جو جشن ٿينديون آھن ۽ اھو جشن لقيءَ خوب ملھايو آھي. آگسٽ جو مھينو سونھن، سنڌ، سنڌين ۽ عالم لاءِ سدائين قھر ثابت ٿيو آھي. عرفان مھدي ته چوٿين آگسٽ تي لقيءَ جي دل ڪپڻ جو اعلان ڪيو ھيو، پر چئن کان اڳيان ھڪ ڏجي ته سنڌ به ان ئي مھيني آتما ھتيا ڪئي ھئي، ھڪ اھڙي آتما ھتيا جنھن ۾ زنده رھي ساھ نه کڻي سگھجي. چوٿين آگسٽ کي خودڪشين يا موت جو عالمي ڏينھن ڪري ملھائڻ جو، ان ڪري به اعلان ٿيڻ گھرجي جو ان ڏينھن تي تاريخ جون وڏيون خودڪشيون ٿيون آھن. لاس اينجلس جي ميريلين مونراءِ به 4 آگسٽ، ته نندني کان ويندي ڪاشي پرساد، ھنس ڪرسچن کان ويندي تاريخ جا وڏا نالا ان ئي تاريخ تي مئا ھئا ۽ 4 آگسٽ تي ئي نيلسن منڊيلا سائوٿ آفريڪا ۾ گرفتار ٿيو ھيو. گرفتاريون رڳي جيل ۾ واڙجڻ جو نالو نه آھن، پر بظاھر آزاد زندگيءَ ۾ به انسان ڪيئي قيد کڻي گھمي ٿو. محبتن جي قيدي لقيءَ، چوٿين آگسٽ تي، عرفان مھديءَ جي خودڪشي کان، ٻئي ڏينھن تي ”ڪالھ“ جي نالي سان ھڪ نظم، يعني نوحو لکيو ھيو ۽ چيو ھئائين ته اسان جون رڙيون درياھ جي لھرن سان دور تائين، بنا پڙاڏي جي لڙھنديون ويون ھيون. انسان جي سموري تاريخ رڙيون آھي، ھميشھ لاءِ وڇڙي وڃڻ جون رڙيون، ٿڌن شوڪارن جون رڙيون، گرم لڙڪن جون رڙيون ۽ مذھبن ۽ نظرين جي نانءَ تي لڳل جنگين جون رڙيون...... سو لقي چوٿين آگسٽ 1991ع کان جيڪي رڙيون ڪيون آھن، اھي شايد سندس حياتيءَ جي موڙي بڻجي ويون آھن ۽ لقي ان موڙيءَ جي ھڙ ڪلھي تي کڻي جي رھيو آھي. ڏسو! 7 آگسٽ 1991ع تي لکيل لقيءَ جو نظم؛ ڪالھ تنھنجي موت ۽ منھنجي زندگيءَ جي گڏيل تدفين مان گذري منھنجي اڪيلائي مون کي منھنجي ڳوڙھن ۾ ٻڏندي ڏٺو سموري سنڌ تنھنجي پاڇي جيان منھنجو پيڇو ڪندي رھي مان مگر ھڪ سڏڪي ۾ سبيل رھيس ۽ اسان جي دوستي ذبح ٿيل پکي وانگر منھنجي آڏو ڦٿڪندي رھي تڏھن به مون پاڻ کي آٿت ڏيڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. مون کي ته اھا خبر ئي نه ھئي ته لقيءَ، عرفان جي خودڪشيءَ کان پوءِ، پنھنجي زندگيءَ جي تدفين ڪري ڇڏي ھئي ۽ لقي جا ڳوڙھا ۽ سڏڪا سندس زندگيءَ جو ثمر بڻجي پيا ھيا. ياد اٿم ته لقي منير شاھ وٽ ٽھڪ ڏيئي رھيو ھيو پر سچ ته سندس سڀئي ٽھڪ ذبح ٿيل ھيا، ڪڏھن ڪڏھن ڪي ٽھڪ اوڇگارون لڪائڻ لاءِ ڏبا آھن. ھن ئي ڪتاب جو ھڪ نظم آھي، ”سفاڪ ترين فيصلو“. نظم پڙھي سچ ته ڏڪي ويو آھيان ۽ وڇوڙي جي فلسفي جا سڀئي سوال حل ٿي مليا آھن. عرفان مھديءَ جو درد لقيءَ وٽ پراڻي ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، عرفان جي غير موجودگيءَ ۾ جڏھن سندس سالگراھ جو ڏينھن اچي ٿو ته لقيءَ وٽ شام غريبان برپا ٿي وڃي ٿي. لقي ڳوڙھن جي ميڻ بتيءَ سان عرفان مھديءَ جي سالگرھ ملھائي ٿو ۽ خود ڪلاميءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏندي، عرفان مھديءَ جي آتما ھتيا واري، سفاڪ ترين فيصلي کي، صرف محبت خاطر معاف ڪري ڇڏي ٿو. بيوسين ھميشھ، معاف ڪري ڇڏڻ جا فيصلا ڪيا آھن. اجھو ھي ڏسو لقيءَ جي ”ابدي اڪيلائي“. تمنائون مون کي تڪينديون ٿيون رھن معنائون مون کي بي معني قرار ٿيون ڏين مان توکان ۽ محبوبا کان وڇڙي وڃڻ کي زندگيءَ جي سِڪي جا ٻه پاسا تصور ڪيان ٿو پوءِ به محبت سان ٽٻٽار منھنجي دل مون کي اھڙي سگھ ڏئي ٿي جو سموري جدائي شاعري جو آسمان ٿي پوي ٿي ۽ پوءِ تنھنجي ٻين ورسيءَ جي زمين مونکي پنھنجو ھنج آڇي ٿي مان مگر درد جو سمنڊ چونڊيان ٿو ۽ خوشيءَ سان پاڻ کي ابدي اڪيلائيءَ جي حوالي ڪريان ٿو. لقيءَ جي ان نظم کان پوءِ مون وٽ سوال جنم وٺن ٿا ته ڇا شاعري درد جا ٻچا ڄڻيندي آھي؟ جي ھا ته پوءِ سنگيت تي وجود رقصان ڇو ٿيندو آھي؟ شايد! شاعري جڏھن، تصوف جو گيڙو چولو پاتو ھيو، تڏھن جُھمريون تڙپ جي تاريخ بڻجي ويون ھيون. لقي صوفي ناھي پر سندس درد گيڙو رتو آھي، تڏھن ته لقيءَ جي زندگي عرفان کان پوءِ، باک کان اڳ ۽ سانجھيءَ کان پوءِ ٻڻجي پئي آھي. حيران آھيان ته، لقي 29 اونداھيءَ ۾ دل جي ڪاڳرن تي، درد جون انتھائون ڪيئن اوتي ٿو! لقي! درد جي تاريخ لکڻ ڪنھن جي به وس جي ڳالھ ناھي پر تو ھر سڏڪي، ھر ريھَ ۽ ھر اوڇگار کي پنن تي اوتي درد جي تاريخ لکي آھي آءُ ڏسندو آھيان ته تنھنجا ٽھڪ ۽ مسڪراھٽون لفظ ۽ اوچار ننڍڙي ٻار وانگر چٻ ڪڍي روئندا آھن ۽ دعوي سان چوان ٿو ته تون روئڻ جي تاريخ بڻجي ويو آھين.........