لياقت رضوي جي ڪتاب تي تبصرو

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2022۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ”تون“ جي تنوار.....
    غلام رسول چانڊيو
    حصو؛ آخري
    لياقت رضويءَ جي نظمن جي ڪتاب ”تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ تي ھي ڏھين قسط لکي رھيو آھيان، دل گھري ٿي ته لقيءَ جي شاعريءَ مان ھڪ طويل ناول لکان يا وري ڪھاڻين جو ڪو ٿلھو ڪتاب! لقي جي شاعري سنڌي ادب لاءِ ڪيئي ناول ۽ ڪيترين ئي ڪھاڻين جا موضوع کڻي اچي ٿي، ھو سُتل تخليق کي جاڳائي ٿو ۽ ڪيئي عنوان آڇي، ليکارين کي چيچ کان وٺي اھو ٻڌائي ٿو ته ” ھي اڻ ڇُھيا عنوان پنھنجي اظھار لاءِ تڙپي رھيا آھن. آءُ سندس نظمن جي ڪتاب تي ھيءَ آخري قسط لکي، بھرحال اھو طئي ڪريان ٿو ته لقيءَ جي شاعريءَ مان ڪيئي عنوان کڻي لکندس، خبر ناھي اھو ڇا ھوندو؟ ڪھاڻيون ھونديون يا ناول! پر لکندس ضرور جي زندگي مھلت ڏني ته.... اڃان اڌ کان وڌيڪ نظم منھنجي ھنن ڏھن لکڻين کان رھجي ويا آھن، آخري قسط ان ڪري لکان ٿو جو ڪتاب تي ڪتاب لکڻ واري روايت عجيب لڳي ٿي.
    لقي زندگيءَ جو شاعر آھي، فطرت جو شاعر آھي، آزاد شاعر آھي، قيد کي به آزادي جو روپ ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ٻولي اظھار ۽ تشبيھن جو بادشاھ آھي، ھن جي شاعري من جي ستل احساسن کي جاڳائي ٿي ۽ وٺي وڃي ٿي ھڪ اھڙي دنيا ۾ جتي سڀ ڪجھ آھي، درد جون سڀئي صورتون ۽ خوشيءَ جا مختصر پل به آھن ته وڇوڙن جا وڍ به! ميلاپ جي مستي به آھي، سو لقي تمام گھڻو تفصيل گھُري ٿو.
    تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ ۾ سندس ھڪ طويل نظم آھي، جنھن کي ھو ”تون“ جو عنوان ڏئي ٿو، مونکي ھميشھ” تون“ وڻندي آھي، ”مان“ کان نفرت اٿم، ”مان“ آھي به نفرت جھڙي، جنھن انساني وقار جون سسيون لاٿيون آھن، ”مان مان“ ۽ ”تون تون“ انساني تاريخ جو ڀيانڪ الميو رھيو آھي، پر پيار ۾ ڀلا ڪو ”تون “ جو نعم البدل آھي ڇا؟ ”تون“ جو پنڌ جڏھن سفلتا ماڻينديو آھي تڏھن ” پاڻ “ جو روپ ڌاريندو آھي ۽ جڏھن سڀ ڪجھ ”پاڻ“ بڻبو آھي ته اتان کان ھيڪڙائي جي واديءَ ۾ پيار جي پالوٽ ٿيندي آھي ۽ اھو سڀ ڪجھ لقيءَ جي نصيب ۾ ھيو الائي نه! لڳي ٿو ته انسان جون بدنصيبيون ئي کيس شاعر بڻائينديون آھن. لقي پاڻ بڻجڻ کان اڳ ” تون“ جي تنوار ۾ چئي ڏنو آھي ته ” تون پنھنجي ناراضگي کڻي ٿي اچين ۽ مان پنھنجي مرڪ کڻي ٿو اچان، لقيءَ جي ”مان“ ”پاڻ“ ٿيڻ جو پنڌ آھي. ” تون“ نظم ۾ لقي ڄڻ ته ڪيڏارو ڇيڙي ٿو، آسرو اٿس ته سندس محبوبه جي اکين ۾ نيٺ ته عشق عقاب وانگر لھندو ۽ لقيءَ جو بدن جھنگل بڻجي پوندو ۽ پوءِ ھوءَ ڪنھن طوفان وانگر ايندي ۽ لقي سمنڊ وانگر سندس آڌرڀاءُ ڪندو... پر ائين جڏھن نه ٿو ٿئي ته لقي ستارن جا رستا ياد رکندي ٿڪجي پوي ٿو پر ڳولا نه ٿو ڇڏي، سندس اندر جو آئينو لقيءَ جي تلاش ۾ ڀٽڪي رھيو آھي ۽ لقي وري اڪيلائي کان ڀڄي رھيو آھي. اڪيلائين جي ڊوڙ ۾ اوچتو لقيءَ جي محبوبه اچي ٿي وڃي ۽ لقي حيران ڪندڙ خوشيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، شام پنھنجو رنگ وڻن کي اوڌارو ڏئي ٿي ته لقي محبوبه جو بدن کولي ٿو پر ھو اجنبين وانگر ورتاءُ ڪري ٿي.
    ننڍي کنڊ جو عشق ڇا اذيت آھي؟ جي نه ته شاعري جي ھن کنڊ جا موضوع اڪثريتي طور ڪيڏارو ڇو آھن؟ ڪٿي ائين ته ناھي ته تصوف عشق جي ناڪامين جو فلسفو آھي؟ ننڍو کنڊ صوفي آھي، ڀلي پاڻ کي سڏائي نه سڏائي پر سندس سمورو ورتاءُ تصوفي آھي، ھي شاعري جو کنڊ آھي ۽ شاعري درد جي بيوھ ماءُ آھي. برصغير جو سينو عشق جي ٽٽل دل سنڀالي جي رھيو آھي. گھوڙن جي ھڻڪارن ھن کنڊ جي شاعري کي رھڙيو آھي، ڪيئي دوھا ۽ وايون پنھنجي اظھار کان اڳ مُيون آھن، مونکي الائي ڇو شاعري بيوھ ماءُ جي ننڌڻڪن ٻارن وانگر لڳندي آھي! مان غلط ٿي سگھان ٿو پر ڪاھُن ۽ آھُن جا آواز ننڍي کنڊ جون وايون نه آھن ڇا ڀلا؟ دنيا جا ٻيا کنڊ جنگين جا کنڊ آھن پر ننڍو کنڊ لشڪر ڪشين ھيٺ لتاڙجندڙ کنڊ آھي. لقي مون سان اتفاق ڪري يا نه پر پنھنجن آخري نتيجن ۾ لقيءَ جي شاعري به ريھُن ۽ دانھُن جي صدائن سان ڀريل آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌا ساھ صوفين ڀريا آھن، لقي صوفي ھجڻ جو دعويدار ناھي پر سندس شاعري گيڙو سُنگن جي سرواڻي ڪري رھي آھي. لڳي ٿو لقي سنڌو ڪناري ويدن لکجڻ مھل موھن جي پتڻ تي ويٺو ھيو ۽ پوءِ گھڻو دير سان ڄامشوري جي المنظر وٽ اچي، پٿرن سان عشق جي ابتدا ڪئي ھئائين.
    آءُ لقيءَ جي شاعري جي انتھا تائين پھچڻ جو ساھس ساري نه ٿو سگھان، شاعري جي ڪا انتھا نه ٿيندي آھي تنھنڪري ڪير به شاعري آخري سرحد تي پھچي نه ٿو سگھي پر سھڪندي سھڪندي جيترو به لقيءَ جي شاعري پويان ڊوڙيو آھيان ته مون کي جھنگلن، خوابن، ندين ۽ سمنڊ سان ڪچھري ڪرڻي پئي آھي. لقيءَ جي شاعري جي جنھن به ڪنڊ تي پھتو آھيان اتي حيرتن جي دنيا ڏٺي اٿم، سمورا پوپٽ شھر بدر ٿي وڃن ٿا، چانڊوڪي مُنجھيِ ٿي پوي، چنڊ جي مسڪراھٽ کي بادلن جي چادر ويڙھي وٺي ٿي ته لقيءَ جي ڪائنات ڏڪي وڃي ٿي، بلڪل ائين جيئن تاريخ جي ھر جنگي دور ۾ برصغير ڏڪندو رھيو آھي. اجنبي سمنڊ کي لقي ڪنارن سان ويرھائي ٿو ۽ بيوقوف چنڊ کان آسمان جي ٿالھيءَ مان کِلَ ھارجي ٿي وڃي. لقي چوي ٿو” تون پنھنجي سيني جي آسمان تي ٻه چنڊ سنڀالي ٿي رکين، جيڪي منھنجي خواھشن جي سرزمين جي لاءِ رڳي اونداھي لکندا ٿا رھن“.
    لقي پنھنجي نظمن ۾ ڪمال جي انتھائن تائين پھچي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏھن شاعري کي انسانن جي دماغ مان رھڙي (جيئن طاقت ھميشھ چاھيو آھي) ڪڍي ڇڏجي ته ڌرتيءَ جو ھي گولو، ڪاري دونھين سان ڀرجي وڃي ۽ پوءِ ڌرتي، پراڻي بڙ جي وڻ ھيٺان، قطعي ننڊ نه ڪري سگھي. سو لقي! ”تون رڳي انسانن جو شاعر ناھين! نه ئي رڳي عشق جو! تون ته شاعر آھين، ندين جو، وڻن جو، ھوائن جو، سمنڊ جو، جھنگلن جو، خوابن جو، اوجاڳن جو، ڳوٺن جو، شھرن جو ۽ فطرت جي انھن سڀن لقائن جو جن کي اڃان تائين ڪنھن عنوان نه ڏنا آھن، تنھنجي شاعري کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ان اک ۽ دماغ جي ضرورت آھي، جيڪي فطرت جي گوناگونيت جو پيڇو ڪري سگھن“. لقي! ”سچ ته تون ڪمال جو شاعر آھين!. وڃ! ۽ وڃي فطرت جي زري زري ۾ انتظار ڪندڙ عنوانن جي وارثي ڪر! تون شاعريءَ لاءِ پيدا ڪيل آھين، آءُ تنھنجي شاعريءَ تي تنھنجي شاعريءَ جيترو ۽ جھڙو نه ٿو لکي سگھان، آءُ شاعر ناھيان!“. ......(ختم)
     
  2. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    لياقت رضوي جي ڪتاب تي تبصرو
    آڳ به ننڊ ڪندي آھي...
    غلام رسول چانڊيو
    حصو نائون
    ”متان“ جو لفظ اُڊڪن جو لفظ آھي، گُمان جو لفظ آھي ۽ ممڪن _ناممڪن جي وچ تي بيٺل اھو آسرو جيڪو شاعري جو اڪثر موضوع رھيو آھي، شاعري عاشقي جي زبان آھي تنھنڪري عاشق ”متان“ جي طويل مسافت جي پنڌ جو راھي ھوندو آھي، لقي به اھڙو پنڌ ڪندي نامڪمل تمنائن جي ڌٻڻ ۾ پنڌ ڪندي سوچي ٿو ته متان سندس اکيون ڪوئي ڪُن ٺاھي وجھن، متان پوري ڪائنات ھڪ تماشو ھجي. ائين ”متان“ جي گمانن ۾ لڙھندڙ لقي ڪل جي جدول به ٺاھي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته سموري دنيا سندس جسم جي قيدي آھي ۽ پوءِ انسان جي قدر تي سوچيندي اندر ۾ ڳالھائي ٿو ۽ چوي ٿو ته رحمدل فطرت بي رحم ماڻھوءَ جو موضوع آھي، مونجھارن ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ اھا ڳالھ وساري ويھي ٿو ته ماڻھو به ٻين ھزارين جيوتن سان گڏ ھڪ جيوت ئي آھي بس! فرق رڳي اھو آھي ته اسان کي ٻين جيوتن جي شاعري سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ممڪن آھي ته باک ڦٽيءَ جو جھرڪين جون ٻوليون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ڪا وائي ھجن، ڪو گيت ھجن، ڪو دوھو ھجن.
    لقيءَ نيٺ سائنس جي ڪسوٽيءَ تي پنھنجي ماجرا ماپڻ ٿو چاھي، ھي ته سندس خواھش ئي آھي ته ”محبت ماڻھن لاءِ جمھوريت ٿي وڃي“، ھو شمسي نظام کي فرض ڪيل سمجھي ٿو ۽ سائنس کي ان جو عاشق سڏيندي، نتيجن کي بنھ ڏور ڏسي ٿو ۽ زندگيءَ کي اُٻھرن ٽھڪن جو تشبيھون ڏئي ٿو. لقيءَ جون اکيون اُڻيل آھن، عشق جي سنھي سئي سان، سو جيڪو چوي سو نيبھُ اٿس! مٿان وري شاعر آھي ته سندس خيالن کي باز جا پر ڇو نه لڳن! ھو پنھنجي پرواز کي ويڙھڻ جو مشروط اعلان ڪري ٿو، چوي ٿو ” جڏھن رمندا بادل پِڙُ ڪڍي بيھي ويندا، پکي آسمان کان وڇڙي ويندا، لفظ پنھنجي معني ۾ فنا ٿي ويندا، تڏھن مان پنھنجي پرواز ويڙھي ڇڏيندس“. ڇا اھو ممڪن ٿي سگھي ٿو؟ مون کي نه ٿو لڳي، تنھنڪري انتظار ڪرڻ بھتر رھندو.
    لقي تاريخ کان بي پرواھ ننڊ لاءِ نظم لکي ٿو، جن نظمن جي روح ۾ لمحي لمحي جون قيامتون آھن، فلسفي جھڙا پيچيده سوال ۽ سائنس جھڙي حقيقت جا تجربا! چنڊ جي لاتعلقيءَ تي سُستيءَ لاءِ به نظم لکي ٿو ته پنھنجي آزاديءَ کي قيد محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ کان ڪيئي سوال ڪندي پڇي ٿو ته ” ڇا مان سمجھان ٿو ته مان سمجھان ٿو؟“ ھي شاعري جو فلسفو آھي، جيڪو لقيءَ نظمن جي مالھا ۾ پوئيو آھي ۽ اکيون سندس اھم موضوع آھي، اکين ۾ ڪڏھن اُنجي وڃي ٿو ته ڪڏھن انھن ئي اکين ۾ ڇا آھي؟ جا سوال کڻي مختصر لفظن ۾ عشق جي ھزارين سالن جي تاريخ کي سھيڙي وٺي ٿو. ھو پاڻ کان پري رھي خدا جي ڪاميابيءَ کي يقيني سمجھي ٿو. وقت گذري ٿو يا لقي پر کيس احساس ٿئي ٿو ته ھن عرصي کان ڪنھن جي به انتظار جو جھنم ناھي ڀوڳيو نه ئي ڪنھن لاءِ ٿڌو ساھ ڀريو آھي نڪو ڪنھن کي ياد ڪيو آھي، ھو رُنو به ناھي ۽ ٽھڪ به نه ڏنا اٿس. ” ائين ٿيندو آھي لقي! ڪڏھن ڪڏھن جلندڙ آڳ، وھندڙ پاڻي ۽ ستارا به گھري ننڊ ڪندا آھن، بلڪه اربين سالن کان اوجاڳن جي ماريل ڪائنات کي اھو حق ملڻ گھرجي ته ھوءَ به ننڊ ڪري، ھڪ اھڙي ننڊ جنھن ۾ ڪائنات جو بدن لاش وانگر لڳي، سو توکي به لقي! ساھ پٽڻ گھرجي، ڪياڙيءَ کان ٻانھن ڏئي اکيون پورڻ گھرجن، چھري جي چوانٺ تي بيھي رھڻ گھرجي! ٻي صورت ۾ تنھنجن سمورن خيالن، تحرڪن ۽ پنڌن جي ايبارشن ٿي پوندي ۽ تون ”تنھنجي اک اڻي ٿي مونکي“ جھڙا نظم نه لکي سگھندين! لقي تون نظمن جو ترجمان آھين، نگھبان آھين ۽ انھن نظمن جو جياپو ڪڏھن ڪڏھن تنھنجي ”ڪجھ به نه ڪرڻ“ ۾ آھي“.
    لقي کل جھڙيون ڳالھيون به ڪري ٿو، بلڪل انھن ماڻھن وانگر جيڪي پھريون ڀيرو خدا تي سوچيندا آھن ۽ کين اھا خبر ناھي ھوندي ته خدا تي سوچي نه ٿو سگھجي. لقي پوري زندگيءَ تي نگاھ وجھي ٿو ته تيز ھوائون ۽ اداسي کيس اھا نگاھ ڏيڻ جو بھانو بڻجي وڃن ٿيون، جنھن سان ھو پنھنجي سموري زندگيءَ کي يڪمشت ڏسي سگھي ٿو، جي ھا! شاعر وقت کي قيد ڪري سگھن ٿا، يا وري ان کي بيھاري سزا ڏئي سگھن ٿا. خواب خالي کيسن جي پيٽ ۾ ڄمندا آھن، اھي کيسا عشق جا ھجن يا پئسن جا! لقي ڀلي اکين تي خواب لکي يا انھن کي آسمان پڙھي پر خواب کيسن جا خبر ناھي ڪھڙا پُٽ آھن؟ حلالي يا حرامي؟ اھا خبر ضرور آھي ته کيسو مسئلن جي جڙَ آھي. چُمي اسپرم جو رقص آھي ۽ ڀاڪر اسپرم جي ڳولا جو گھر، ڪيئي اسپرم ٻار جو روپ وٺڻ کان اڳ مري ويندا آھن، تنھنڪري انساني قتلام جي تاريخ اھا ناھي، جيڪا اسان کي پڙھائي وڃي ٿي، موجود ۽ مري ويل انسانن کان به وڌيڪ انسان مئا آھن جن جي تاريخ لکڻ لاءِ ڪا پَھر ناھي بچي. ھر چمي اسپرم کي جاڳائڻ جو سڏ آھي، وعشيه ۽ محبوبه جي وچ ۾ به بس کيسي جو فرق آھي، باقي اسپرم جو نسل ٻنھي لاءِ ساڳيو آھي. کيسي جي حقيقتن کي شاعري جو ديوان گھُربل آھي.
    ”جي لقي! بلڪل درست، سڀ ڪجھ ساڳيو آھي، خوف دماغ جي رسولي آھي تڏھن ته تنھنجي نظم جو شھر ننڍڙي ٻار وانگر ڊنل آھي، ڪرفيو ته رياست جي ھجن وارو احساس ڏيارڻ لاءِ آھي سو چمي، ٽھڪ ۽ گيت سان ڪرفيو ٽوڙي شام کي لباس بڻائي پھري ڇڏ! سچ ٿو چوين، ڳولا جو ڪو انت ناھي، ڏس تنھنجا آبشارن کي ڏنل ٽھڪ پھاڙن سان ٽڪرائجي شديد زخمي ٿي پيا آھن ۽ تنھنجي چمي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي ۽ تنھنجا نظم تنھنجن اعترافن جون اڻ کٽ ڪٿائون آھن، شڪارين انھن پکين کي ماري ڇڏيو آھي، جن کي تو پنھنجا گيت ڏنا ھيا، شام جي لباس کي به ليڙون ليڙون ڪيو ويو آھي، تنھنجون ڳالھيون وڃائجي ناھن ويون پر ڪٿي لڪي ويون آھن، ڳولين ته ڪوئي چورائي نه وڃي... ھي دنيا چورن جي آھي، ڀريل کيسن جي آھي، چميون، ٽھڪ ۽ گيت وڪامن ٿا، بازار جا اگھ کيسو طئي ڪري ٿو! ھا کيسو جنھن جو وات سدائين اُڀ ڏانھن ڦاٽل ھجي ٿو، ان کيسي کي بَکيا ھڻي بند نه ڪبو تيستائين نظمن جي شھادت ٿيندي رھندي،شاعري جا لاش ڳجھون کائينديون رھنديون ۽ رات جي بدن تي بي ھودن ٽھڪن جي بي سُري سنگيت دماغ جون اُلٽيون ڪرائيندي رھندي“ ...... (ھلندڙ)
     
  3. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    لياقت رضويءَ جي ڪتاب تي تبصرو
    اکين جو ڪو ڌرم ناھي....
    غلام رسول چانڊيو
    حصو اٺون
    لقيءَ جي شاعريءَ ۾ جتي ڏينھن ڏڪندڙ نھار ڪن ٿا ته اتي دوستي به ڪنھن پکي جو نانءُ بڻجي ٿي وڃي، پر جڏھن محبوبه جي اک کيس اُڻڻ لڳي ٿي ته ھن کان بي اختيار نڪري وڃي ٿو ته ” تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“. اُڻتِ جي ان دنيا جا منظر ئي پنھنجا ھجن ٿا. لقي اسُرَ جي ھيرَ ۾ وھنجڻ لڳي ٿو، سانجھيءَ کان سُھماڻِيءَ تائين وِصلَ ۾ ويڙھجي، سنجوڳ جي ڪائنات مٺِ ۾ ڪري وٺي ٿو. کيس شايد پھريون دفعو احساس ٿئي ٿو ته محبوب جي اکين جي، ڪارين ماڻڪين مٿان جيڪو پيار جي پاڻيءَ جو تَھُ ٺھي ٿو سو تَھُ ئي سموري ڪائنات آھي. اکيون! جن جو ڪو دين ڌرم ناھي ٿيندو، شايد سي اکيون ئي ڪائنات جا دروازا ٿين ٿيون. جيڪو اکين جي عاشقيءَ جو شڪار ٿيو سو بس ائين اُڻجي ويو، جيئن ٽُڪ جي رِليءَ جا رنگين ڪپڙا، سَنھيءَ سُئيءَ سان گھاٽن ٽوپن ۾ اُڻجي ويندا آھن. لقيءَ جو ٿَڪُ چُڳِجِي وڃي ٿو ۽ حيرانگيءَ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ته وصال جي خوشبو بس رات جي راڻيءَ وانگر سمورو بدن مَھڪائي، ڏينھن ٿيڻ کان ٿورو اڳ موڪلائي ڇو ٿي وڃي؟ ھو سوچي ٿو زندگي بس سُمھڻيءَ کان اَسُر تائين جي رات ھجي، خوشبو ھجي تڪڙن ساھن جي، رات جي راڻيءَ جي، اوجاڳا ننڊ بڻجي پون، ڀاڪُرن جي ڀيڙ ۾ وجودي ھيڪڙائي جي سنگيت ڇِڙي پوي. الميو اھو آھي ته ائين ٿيڻ ممڪنات جي قيدي سرحدن کان به گھڻو اڳتي جي ڳالھ آھي. جڏھن لقيءَ جي اک اُڻي ھئي ته سندس محبوبه جي مرڪ پَري جو ساحل ته بڻي ھئي پر ان ساحل جي تکين لھرن لقيءَ کي لُڻيو ھيو. اونھي اسرار جي ويجھو پھچي ڪنھن بي معني تڪرار جي ويجھو به پھتو ھيو پر ان وقت لقي پنھنجي چپن جو در ٻوٽي ڇڏيو ھيو ۽ پوءِ باک کي پوئتي موٽڻ جو چيو ھئائين پر ھو موٽي نه ھئي ۽ لقيءَ جي اک اُڻبي رھي ھئي.
    اھڙي حسين وارتا کان پوءِ ظاھر آھي ته آڪٽوبر جو موت اوس ھيو ۽ پوءِ لقي پاڻ کي رات اڳيان ائين پيش ڪيو ھيو جيئن ڪو باغي پنھنجي بغاوت تان دستبردار ٿيندو آھي. ھاڻ لقيءَ لاءِ خوابن جي دنيا پاڻ تائين محدود ناھي، ھو پوپٽ جي خوابن جو پيڇو ڪري ٿو، پکين جي خوابن پٺيان ڊوڙي ٿو ۽ ندين جي خوابن کان وٺي ٻيڙين جي خوابن سان به گڏ زندگيءَ جي پاڻيءَ تي تارو بڻجي تري ٿو. ھاڻ لقي ۽ چنڊ جي ياري ٿي وئي آھي، شاعر چنڊ سان ياري ڇو رکندا آھن؟ وارو سوال مون کي ڪڏھن به سمجھ ۾ نه آيو آھي پر لقي چنڊ سان وڻن جي جھڳٽن مان ملاقات ڪري ٿو، چنڊ ئي لقي اڃان ڳالھ ئي نه ٿا شروع ڪن ته پَن ڇڻ سندن ڪچھريءَ ۾ رخنو وجھي ڇڏي ٿو ۽ ھو فنا واري انا جي ور چڙھي وڃي ٿو، جتي لازوال وقت جي نديءَ ۾ اڃان طوفان ناھي آيو ۽ ياد جو سمنڊ اڃان ماٺو آھي تنھنڪري لقيءَ جي اندر ۾ الائي ڪيترا خيال آٺِرجي ويا آھن.
    اھو عجيب الميو آھي ته فنا جي انا وجود جا چَپ سبي ڇڏيندي آھي، ٽھڪ ۽ لڙڪ طويل ننڊ جو ويس بڻجي پوندا آھن پر رات، جا وصال لاءِ خلقي وئي ھئي، ان کي ڏينھن فراق ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. رات ۽ ڏينھن ھڪ ٻئي جا جاني دشمن آھن، ھزارين سالن کان ڪنھن کي به آخري فتح ناھي ملي سگھي، ائين جيئن عشق جي فلسفي جو سُٽ سلجھڻ کان پوءِ به اُلجھيل رھي ٿو. انسان جو الميو ئي اھو آھي ته ھو آسمان کي سڏيندو آھي ته زمين سمنڊ بڻجي پوندي آھي ۽ جڏھن ھوائنن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته خواب جبل بڻجي پوندا آھن ۽ اھو سڀ ڪجھ ناھي ٿيندو جيڪو انسان چاھيندو آھي! لقي ته وري غضب جو شاعر آھي، جڏھن ان جي پنڌ تڪميل جي سڙندڙ شھر مٿان گذر ڪيو ھوندو ته ان سان ڇا وارتا ٿي ھوندي!؟ جليو ھوندو بس! ۽ ائين لقي پنھنجي شاعري ۾ جلندي جلندي ھڪ غمگين جزيرو بڻجي ويو آھي، جتي تاريخ جي سوڙھي گھٽي لقيءَ جي ملڪ کي رھڙي رھي آھي. ھو ازل جي اک جو اھو ٽھڪ ڳولي ٿو جنھن لاءِ ڪائنات خلقي وئي ھئي، ڳولا جي ان سفر ۾ لقي صوفي بڻجي انتظار جو جوڳ پچائي ٿو، صبر جي ماڪ مٿائنس پوندي رھي ٿي ۽ ھو لطيف جي رامڪلي جو بيت بڻجي پوي ٿو.
    مينھن جڏھن ماڪ جا ڪپڙا لاھي ٿو ته لقي ڇرڪ ڀري اٿي پوي ٿو ۽ جھونگاري ٿو پنھنجي بچپن کي!
    مينھن وُٺا آھن
    ڏينھن به ڏٺا آھن
    مند به ڀلي آ
    تون به ھلي آ
    ڀيڄ ڀٽائي مند ملھايون
    ٻارن وانگي ڊوڙون پايون
    متان زندگيءَ جي دريافت ٿي پوي.
    ھاڻ ھو سَتَ سِٽن ۾ موسمن جي اچڻ ۽ وڃڻ کي ڏسي ٿو، ماڻھن جي پھرين ۽ آخري پنڌ تي اکيون کُپائي ٿو پر سمجھي نه ٿو ۽ ٿڪجي به نه ٿو ۽ کيس لڳي ٿو ته ھو آدمي آھي. جي ھا! زندگي ڪا انفراديت جي اک ته ناھي جو ڪائنات ڪنھن ھڪ قبر جو ڏيک ڏئي، ھڪ طرف قبرون کوٽجن ٿيون ته ٻي طرف ماءُ جي جھولي ھونگڙين سان ڀرجي وڃي ٿي. اھي ھونگڙيون وڏيون ٿي ڇوڪري بڻجي پون ٿيون ۽ ھڪ پورو نسل چنڊ کي ڏسي ڀونڪڻ سکي وٺي ٿو، ڪتن واري صرف اڌ رات جي اوناڙ جو احترام ڪري سگھجي ٿو، باقي سندن لاڳيتو ڀونڪڻ ڪنھن کي پسند اچي سگھي ٿو!؟ تنھنڪري لقي ان آسمان کي ڏسي ٿو جيڪو پکين جي اڏام جو ميدان آھي، زمين لقيءَ جي نگاھن واري جاگرافيءَ کان ننڍي آھي، شاعر جون نگاھون ھونئن به آسمان کي سوراخ ڪرڻ جي خواھش رکنديون آھن، اڳتي ڇا آھي؟ ڇو آھي، ڪيئن آھي؟ ڪنھن لاءِ آھي؟ وارا سوال رڳي صوفين ۽ فلسفين جا سوال ناھن پر اھي سوال شاعرن جي سڀ کان اول آھن جو شاعري سنگيت جي ماءُ آھي. سمورو سنسار جيستائين سمجھ ۾ اچي اوستائين ته سنگيت لڳي ٿو. سمنڊ جو لھرون ڪو گيت چون ٿيون، ته واچوڙا جھُمر ھڻن ٿا ۽ وڻ؟ وڻن کي جڏھن ھوا جي سنگت ملي ٿي ته انھن جون ٽاريون ٻانھو بڻجي، اُڀ طرف کڄي صوفيءَ جو سوز لڳن ٿيون. سڀ ڪجھ شاعري آھي، سرُ سوز شاعريءَ جا ٻچا آھن، جن جي پالنا جي ڌرتي شاعر جي روح تي پٿاريل آھي. لقيءَ جو روح شاعريءَ جو حسين غاليچو آھي، جنھن تي بانسري وجود جي وارن کي اڀو ڪري ڇڏي ٿي.... (ھلندڙ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو