ڪتاب "احساس عاشقيءَ جو"جو سرسري جائزو..!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    هر ويل هن جو عشق، منهنجيءَديد ۾ آ...!

    ڪتاب "احساس عاشقيءَ جو" سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    عاشقاڻو لطف ارپنا ٿو ڪري،
    دل ديواني ڪري دل کي جهومائي ٿو.
    هر ويل شاعري منهنجي ديد ۾ رهندي آهي، انهيءَ ديد ڪيترائي جلوا پسايا آهن. شاعر جي سوچ غلام نه ٿيندي آهي ويتر غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جو ڏانءُ به شاعرن وٽ آهي. اهڙو ئي ترنم جو روح روان شاعر ڪوڙل قربدار به آهي. فطرت جي تسلسل کي برقرار رکندي شاعر هر تسلي سماج کي آڇيندو رهندو آهي. اهي ئي هن جون روحاني صفتون آهن، جنهن ۾ جيءُ جرڪي پوندو آهي.
    پيار مرڪائي ٿو جيءُ جرڪائي ٿو ،
    چوڏهين جي چنڊ جان چاھ چمڪائي ٿو.
    لعل هيرا ۽ گوهر ڪري جاءِ هڪ،
    سونهن جو فلسفو ڇا تہ سمجهائي ٿو.
    ***
    عاشقيءَ جون سنتون ڪوڙل پيو پوريون ڪري،
    روز ڳائڻ ۽ وڄائڻ عشق آ پنهنجو پرين.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ نثر نويس پروفيسر مختيار سمون لکيو آهي، لکي ٿو ته :"ڪوڙل قربدار احساس سان ڀرپور نرم دل رکندڙ اڏول ۽ لاجواب پرش آهي سندس دل انساني سماج، ان ۾ رونما ٿيندڙ وارتائن ۽ فطرت جي حسناڪين جي رڌم سان گڏ ڌڙڪي ٿي. هو خود به انهن جو هڪ اٽوٽ حصو آهي. هن وٽ احساس آهي جنهنڪري هن جو ذهن ۽ ضمير زنده آهي، هو محبوب، مقصد ۽ منزل کي ماڻڻ لاءِ متحرڪ آهي سندس اهو تحرڪ ذاتي زندگي ۾ به آهي ته سماجي سلسلن ۽ ادبي کيتر ۾ پڻ شاعري به ان تحرڪ جو ئي نتيجو آهي. "
    عشق جي چواٽي تي دنيا جا ڪيترائي شاعر بيٺل نظر اچن ٿا، هر من کي تمنا منزل تي پهچڻ جي آهي. عشق جي منزل اوکي آهي ان تائين رسائي لاءِ ڪشالي جي ضرورت پوي ٿي. سچل سرمست عشق لاءِ چوي ٿو :
    " سچل جو ٿيو بخت سوايو، جو ڪيڙئي عشق عنايت"
    هيڏانهن وري سلطان باهو عشق جي سلامتي لاءِ سرگردان آهي.
    ايمان سلامت هر ڪوئي منگي، عشق سلامت ڪوئي هو.
    هتي وري ڌرتيءَ جي عشق ۾ ڪوڙل قربدار جو روح لڇي ٿو پوي.
    اسان نه سنڌڙيا سنڌوءَ جا عاشق اورانگي باهيون اچون ٿا،
    اکيون اکين ۾ ملائي ڏس تون اسان آ ڪيئن ملهائي محفل.
    ناليوارو ڪهاڻيڪار جهانگير عباسي لکي ٿو ته :" ڪوڙل قربدار جي شاعري ۾ پنهنجي ڌرتي، ديس وند مارو، ٻوليءَ جي پرچارڪ سان گڏ انسانيت سان محبت، رواداري، انصاف ۽ امن پسندي جو فلسفو به ملي ٿو ته عزم، حوصلي ۽ ثابت قدمي سان منزل کي ماڻڻ جو نئون جهان به نظر اچي ٿو."
    ڪوڙل جي شاعري ۾ ڪٿي ڏکڻ جي هير جهڙي به آهي جيڪا سنڌوءَ ڪناري تي ريشم جهڙو پيار آڇي ٿي. ڪوڙل جي گيت جون سٽون آهن ته :
    سنڌو سونهن سونَ ورني آ،
    جنهن جو دين ڌرم پارسا،
    پيار محبتن جو آستان.
    ڪوڙل جي نظم جو به ترنم حسينا جي مالها وانگر حسين آهي.
    حسين آ حسين پر وقار ڪائنات هي،
    سدا بهار گل جيان هي نوجوان بهار ٿي،
    سهاڳڻن جي سينڌ جو هڳاءُ جنهن ۾ آ رهيو،
    گلاب جي ڪمي نه آ گلاب جڳ جهان آ.
    شاعريءَ جي مالها جو اسم سيف نياز لکي ٿو ته :" سائين ڪوڙل سانوڻ هجي يا سيارو پنڌ ڪري محنت ڪندو رهيو. مان حيران آهيان ته سائين ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي اڃا ٿڪو نه آهي. اڃا به ساڳي راھ سان هلندو اچي ٿو. پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سڄي سنڌ ۾ وڃي مشاعرن ۾ شريڪ ٿئي ٿو."
    ڪوڙل جي ملاقات سماجي احساسن سان لاڳاپيل آهي ان ڪري ڪتاب جو نالو به اهو رکيو اٿس.
    سونهن تنهنجي غضب غضب جانان،
    تنهنجو گهورڻ ڀالائي ڇا معني.
    تنهنجي نيڻن جي قيد خانن ۾،
    ڪيئي ڦٿڪن پيا هي ديوانا.
    ناليوارو شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت ميمڻ لکي ٿو :" ڪوڙل قربدار ،ڪوڙل پنهنجي نالي جي حوالي ڀل ڪوڙل هجي پر هو پنهنجي ذات ۾ مٺڙو ۽ قربائتو ماڻهو آهي پنهنجي شاعريءَ ۾ عاشقاڻو مزاج ته رکي ٿو پر هن جي شاعريءَ ۾ سماجي قدرن سياسي قدرن ۽ سنڌ جو درد اوهان کي شدت سان محسوس ٿيندو."
    جنهن جو جوڀن سورنهن سالا،
    نينهن نوائي ناري آهي.
    جيڪا جيوت عشق نوائي،
    سا ته سماج لئه ڪاري آهي.
    ڪوڙل قربدار جي زندگي جو مختصر خاڪو :
    ڇٽيءَ جو نانءُ، ذوالفقار علي، پيار مان ڪوڙل استاد پيرل قنبر طرفان ادبي نالو ڪوڙل قربدار ذات جو سمون، ڪوڙل قربدار 15فيبروري 1971ع تي جهنجهي تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. تعليم، بي اي ۽بي ايڊ اٿس. پيشي جي لحاظ کان پرائمري استادپهرين نومبر 1990ع کان فرض نڀائيندو پيو اچي. ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1988ع کان شاعريءَ ۾ استاد :پيرل قنبر ۽ سرمد چانڊيو اٿس.
    ڇپيل ڪتاب، "استاد پيرل قنبر تخليقڪار جي آئيني ۾ " 2013ع( ترتيب )ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قنبر.
    "احساس عاشقيءَ جو "نومبر 2021ع ( شاعري ) مرڪ پبليڪشن ڪراچي.
    ادبي خدمتون :سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جو اڳوڻو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري ۽ پيرل قنبر ساهت سنگت لاڙڪاڻي جو بانيڪار جو اعزاز پڻ اٿس.
    شاعر ۽ نثر نويس عنايت عارباڻي لکي ٿو ته :" ڪوڙل قربدار جتي شعر جي ٻين صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي اتي هن جا بيت به جاءِ والاريندا، جن جا موضوع سادا ۽ سولا آهن، رهي ڳالھ سندس ڪلام ۾ عقيدت جي ته شاعر جي عقيدت عام ماڻهن واري ناهي، تڏهن به اڄوڪي دور ۾ هڪ پڙهي ڳڙهي سڄاڻ شاعر وٽ به عقيدت هجي اهو چڱو سوڻ ڪونهي "جڏهن ته آزاد فڪري محبت ٻي ڳالهه هجي ٿي."
    ڪوڙل قربدار جي زندگي جو پنڌ، "احساس عاشقيءَ جو" ئي آهي. ان پنڌ ۾ ڪٿي حق ٿو چوي ٿو، ڪٿي فقيري روپ ۾ نروار ٿو ٿئي ٿو، ڪٿي اڪيلو آهي، ڪٿي علم جو طالب ۽ وري ڪٿي پنهون وانگر ڏونگرن جا ڪشالا ٿو ڪڍي، اهو ئي ته شاعريءَ جو معراج آهي تڏهن ته نامياري تليمدان ۽ نثر نويس منظور سولنگي پنهنجي مضمون جو عنوان ئي رکيو آهي "شاعري جزويست از پيغمبري" جيڪو هن ڪتاب حصو پڻ آهي. ڪوڙل قربدار کي ڪتاب جي آخر ۾ منظوم ڀيٽا محمد جواڻ جانب سومرو ،جي ايم رئيساڻي ۽ عاجز سرگاڻي پيش ڪئي آهي. ڪتاب" احساس عاشقيءَ جو" جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي سرموڙ گيتڪار سرمد چانڊيي لکيو آهي. آخر ۾ صاحب ڪتاب لاءِ سچل سرمست سٽون :
    سچل سندءِ پنڌ پڇائي، گهوريو پنهنجو سر گهمائي،
    نينهن واري ڳالهه ڳالهائي، عاشق ٿي فرمائين تون.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو