اندر جي بيقراريءَ جو، مان توسان حال ڇا اوريان آ گهايل دل سڄي منھنجي، انھيءَ کي ڇا ڪپيان ڪوريان. ستارن سان سموري رات جاڳائين جلائين ٿو، اڪيلائيءَ ۾ مٺڙا، مان ڦتڪان ۽ ڦران ويٺو پنھنجي دل ۾ روئان ويٺو، نہ ٻاھر واڪ ٿو ووليان اُٿي اڌ رات جو نڪري ڏِسان تِن ريگزارن کي تنھنجي قدمن جي او پيارا! نھاريان مان نشانن کي انھن رستن ۽ راھن تي اڃا تائين توکي ڳولهيان. توسان گذريل ماضيءَ جا پَل ڪيان ٿو ياد مان جن کي پَوَن پَوي ڳڙي ڳوڙھا روڪيان توڙي ٿو جذبن کي پُڪاري پوئين لمحن کي صبح سانجهي پيو روئان. صبح سانجهي تبسم جِيَ ۾ جاڳن تنھنجون يادون ھزارين ھر گهڙيءَ ھينئين مان اُٿن ڦُوڪون ۽ فريادون سوين ھِن سُور سيني ۾ تہ بہ چَپَ ڪونہ ٿو چوريان. ٻول : عبدالغفار تبسم آواز: منظور سخيراڻي