منظور سخيراڻي اندر جي بيقراريءَ جو، مان توسان حال ڇا اوريان

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اندر جي بيقراريءَ جو، مان توسان حال ڇا اوريان
    آ گهايل دل سڄي منھنجي، انھيءَ کي ڇا ڪپيان ڪوريان.

    ستارن سان سموري رات جاڳائين جلائين ٿو،
    اڪيلائيءَ ۾ مٺڙا، مان ڦتڪان ۽ ڦران ويٺو
    پنھنجي دل ۾ روئان ويٺو، نہ ٻاھر واڪ ٿو ووليان

    اُٿي اڌ رات جو نڪري ڏِسان تِن ريگزارن کي
    تنھنجي قدمن جي او پيارا! نھاريان مان نشانن کي
    انھن رستن ۽ راھن تي اڃا تائين توکي ڳولهيان.

    توسان گذريل ماضيءَ جا پَل ڪيان ٿو ياد مان جن کي
    پَوَن پَوي ڳڙي ڳوڙھا روڪيان توڙي ٿو جذبن کي
    پُڪاري پوئين لمحن کي صبح سانجهي پيو روئان.

    صبح سانجهي تبسم جِيَ ۾ جاڳن تنھنجون يادون
    ھزارين ھر گهڙيءَ ھينئين مان اُٿن ڦُوڪون ۽ فريادون
    سوين ھِن سُور سيني ۾ تہ بہ چَپَ ڪونہ ٿو چوريان.


    ٻول : عبدالغفار تبسم
    آواز: منظور سخيراڻي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو