دِل نہ تنھنجي وَس آ، مون بہ ڪئي ھاڻي بَس آ پاڻ پلڻ کان سواءِ ٻيو نہ ڪوئي گس آ توکي آ موڪل، منھنجي رب تي توڪل جنھن سان تنھنجي دل چوي تون تنھن سان وڃي ھل ميلو متو راند رَتِي ڇڏجي، ڪنھن جو ڏَس آ.. روز منھنجو سوال ھو پر ٻئي پاسي تنھنجو خيال ھو ڪونہ آيئي رحم منھنجو غريباڻو حال ھو، ھاڻي ٿي وئي پڪ مونکي پھريان ئي ھو شڪ ڪونہ منھنجو ٿيندين ڀلي لُٽايان مان لک جيڪا ڪئي تو مونسان دلبر تَنھن جي توکي جَس آ سِڪ وعدو ڪونہ پاڙيئي عمر ساري رت روئاڙيئي بدلي جانِي وفا جي دل منھنجي ساڙيئي گهڻو روئاڙيئي رت ھاڻي آئون ٻڌان ٿي ھٿ سُور سھان روز تنھنجا ناھي مون ۾ سَت پاڻ پنھنجي پيار جو تو ئي ڦٽايو رَس آ. مان تہ بس اھو ئي چونديس حاجي مصري بيوفا ڏک ڏئي منھنجي دل کي تون پَيو ماڻين مزا مون سٺا آزار تنھنجي پوءِ بہ مونتي ميار سڀ سمجهان ٿي سچا ٿِي جيڪو ھلايئي پيار شوق مان توکي نہ ڇڏيم مون ڇڏيو بيوس آ ٻول : حاجي مصري آواز: فوزيہ سومرو