مُحبت ٿِي موڙي وِجهي، رُستم، رھزن رُڪَ ڏِنگا اڙنگا ايترا تانگهہ بڻايا تُڪَ سياڻا سمجهو سُڪَ، اُستاد آھن عشق ۾. اھو جيڪو عشق آ، ڏاڍو مشھور آ، انهي ڏِنو سُور آ، اِنهي ۾ سُرور آ. انھي جنھن کي نِينڍَ ڏِني تنھن جا ڀاڳ جاڳيا انھي جنھن کي ٽيڪ ڏِني اُنھي ٽڪر تاڪيا وو! انھي جي چَئي ڪَئي تي، ملهيو منصور آ. اھو تنھنجو شعلو جنھن جو نالو شباب آ اھو عاشقن کي سڏيندو ڪَباب آ وو! ڪُھي توڙي قُرب ڪري، مونکي منظور آ.. جنھن کي يار پيار ڪونهي اُھو ڪورو ڪوڪو آ جنھن جي دل ۾ درد ناھي اُھو خالي کوکو آ ھو...! جنھن کي اھو شوق ناھي، اُھو بي-شعور آ... ڪري دل ٿِي پيار زورِي نظر تي بہ زور ڪونھي وڻي جي وڃي بُخاري اھو ڪنھن تي ٿورو ڪونھي ھو...! طبعيت جي آ تقاضا، محبت ضرور آ... ٻول: استاد بخاري آواز: منظور سخيراڻي