منظور سخيراڻي اھو جيڪو عشق آ ڏاڍو مشھور آ

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مُحبت ٿِي موڙي وِجهي، رُستم، رھزن رُڪَ
    ڏِنگا اڙنگا ايترا تانگهہ بڻايا تُڪَ
    سياڻا سمجهو سُڪَ، اُستاد آھن عشق ۾.



    اھو جيڪو عشق آ، ڏاڍو مشھور آ،
    انهي ڏِنو سُور آ، اِنهي ۾ سُرور آ.


    انھي جنھن کي نِينڍَ ڏِني تنھن جا ڀاڳ جاڳيا
    انھي جنھن کي ٽيڪ ڏِني اُنھي ٽڪر تاڪيا
    وو! انھي جي چَئي ڪَئي تي، ملهيو منصور آ.


    اھو تنھنجو شعلو جنھن جو نالو شباب آ
    اھو عاشقن کي سڏيندو ڪَباب آ
    وو! ڪُھي توڙي قُرب ڪري، مونکي منظور آ..


    جنھن کي يار پيار ڪونهي اُھو ڪورو ڪوڪو آ
    جنھن جي دل ۾ درد ناھي اُھو خالي کوکو آ
    ھو...! جنھن کي اھو شوق ناھي، اُھو بي-شعور آ...

    ڪري دل ٿِي پيار زورِي نظر تي بہ زور ڪونھي
    وڻي جي وڃي بُخاري اھو ڪنھن تي ٿورو ڪونھي
    ھو...! طبعيت جي آ تقاضا، محبت ضرور آ...

    ٻول: استاد بخاري
    آواز: منظور سخيراڻي​


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو