ٻول : ڏاڍو ساريندو ھئين ياد ڪر ڪو ڏينھن

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    جان ڳاريندو ھئين، لڙڪ لاڙيندو ھئين
    ڏاڍو ساريندو ھئين ياد ڪر ڪو ڏينھن،
    جاني ياد ڪر ڪو ڏينھن
    سج اُڀاريندو ھئين ، گس نھاريندو ھئين
    روئي پُڪاريندو ھئين، ياد ڪر ڪو ڏينھن

    چانڊوڪي ڪنھن رات ۾ اي مٺا مونکي ڏِسي، اي مٺا مونکي ڏِسي
    ھٿ الاريندو ھئين، گڏ گذاريندو ھئين وعدا پاريندو ھئين
    ياد ڪر ڪو ڏينھن، سائين ياد ڪر ڪو ڏينھن...


    ھا اھو بہ وقت ھو، وقت کي آھي سلام، وقت کي آھي سلام
    ڏينھن ٺاريندو ھئين، باھ ٻاريندو ھئين، راڄ روئاڙيندو ھئين
    ياد ڪر ڪو ڏينھن، سائين ياد ڪر ڪو ڏينھن...


    ٿو علي محمد چوي، تون اڏيرائيءَ لاءِ، تون اڏيرائيءَ لاءِ
    گس ٻُھاريندو ھئين، گهر سينگاريندو ھئين، عشق اُجاريندو ھئين
    ياد ڪر ڪو ڏينھن، سائين ياد ڪو ڏينھن...


    ٻول : علي محمد اڏيرائي
    آواز : فوزيہ سومرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو