ٻول : جيئري آھيان اڃا مئي ناھيان ڇو جدائي وئين تون ڪري

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    جيئري آھيان، اڃا مُئي ناھيان، ڇو جُدائي وئين تون ڪري
    منھنجا دل جاني، دل آ ديواني، توکي ساري سُڏڪا ٿِي ڀري.

    ڏس ڪھڙي غلطي تنھنجي مٺا مون ڪئي رَنج ٿِي مونکان وئين رُسي
    توکان سواءِ سھڻا! منھنجا من مُھڻا منھنجي نٿي پل ڪا سري..

    جيسين آ حياتي جاني نہ جُدا ٿي، واسطي خُدا جي آءُ وري
    روئي ڏسان راھون، ويون سڀئي واھون، پيارا مونکان آھين تون پري..


    روئان پئي اڪيلي تنھنجي ٻانھن ٻيلي، وَرُ منھنجا غمشاد علي
    تون چريو ٻين لاءِ آئون چرِي تولاءِ مِل مرِي ماندِي پئي مَري.


    آواز : فوزيہ سومرو
    ٻول : غمشاد علي خاصخيلي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو