جام مست پيار ساقي مستيءَ جي رات آئي،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ zahoor haider vistro طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2022۔

  1. zahoor haider vistro

    zahoor haider vistro
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 سيپٽمبر 2022
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    جام مست پيار ساقي مستيءَ جي رات آئي،
    منهنجي لبن تي هر هر سپرينءَ جي تات آئي.

    مستين جي رات آهي مستيءَ پر ٿيان مان،
    اڄ سرمست حوائن ۾ سهڻيءَ جي ياد آئي.

    لبڙن تي ناءُ دلبر جو آيو ته مون مسڪرايو،
    عجيب من جي اهڙي دلبريءَ جي ياد آئي.

    پر مد هوش ٿيون آهن آڇي اڃا وري به آڇي،
    اچي اکڙن ۾ ڏس تون مستيءَ جي واڌ آئي.

    هڪ جام نام ان جي ساقي تون پيار اهڙو،
    اڃا رات آهي باقي آرسيءَ جي ڳال آئي.

    سامهون هجي ته انجي سندرتا پوڄجي پئي،
    انجي سونهن لاءِ ظهور آرتيءَ جي تاس آئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو