تون ئي ٻڌاء توکي مان ڇا لکان، يا لکي آرزو، مقدر جي جفا لکان.

'سنڌي شاعري' فورم ۾ zahoor haider vistro طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2022۔

  1. zahoor haider vistro

    zahoor haider vistro
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 سيپٽمبر 2022
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تون ئي ٻڌاء توکي مان ڇا لکان،
    يا لکي آرزو، مقدر جي جفا لکان.

    ڇا وعدا ڪري وري آئين نه تون،
    توکي مجبور يا مان بي وفا لکان.

    تون وئين مگر يادن ڪين ڇڏيو،
    مان ويجهو يا پاڻ کان جدا لکان.

    يا لکان حور يا مهڪ امبر لکان،
    يا لکان سندر سُڳڻِيءَ جزا لکان.

    تو اڳيان دنيا جا سڀ خدا اڌورا،
    تون آن اتم اڃا به مان خدا لکان.

    ٿي ڏسين آرسي ته ٿا شعاع ٿين،
    ”ظهور“ ماهتاب يا ماھ پاره لکان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو