سنڌ جي ڪک کي سائو رکندڙ صوفي بزرگ...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    سنڌ جي ڪک کي سائو رکندڙ صوفي بزرگ!
    ليکڪ: غلام قادر ميتلو
    زندگيءَ جو مختصر تجربو ٻڌائي ٿو ته اڄڪلهه جي هن دور ۾ انسان پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پرسڪون زندگي گذارڻ جون راهون ڳولهي رهيو آهي پر اڪثر ماڻهو پرسڪون زندگي جي اصل راهه تائين پهچڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو پرسڪون زندگيءَ کي پنهنجي خوشيءَ ۾ تلاش ڪري رهيا هوندا آهن، اصل خوشي اها ئي آهي جيڪا پنهنجي ڀر پاسي موجود ماڻهن کي ڏيڻ سان محسوس ٿيندي آهي، ٻين جي خوشي کي پاڻ ۾ محسوس ڪرڻ جو جذبو ئي نرالو آهي، سنڌ جنهن کي مهمان نواز ڌرتيءَ سان گڏوگڏ عظيم هستين، ولين، بزرگن اولياء ڪرام ۽ محبت ڏيندڙن جي ڌرتي به سڏيو وڃي ٿو، جتي سنڌ جي عظيم انسانن پنهنجي خوشيءَ کي هميشه ٻين جي خوشي ۾ ڳولهي ورتو آهي اهو خوشي وارو جذبو تمام مٿانهون آهي، سنڌ جي عظيم هستين جيان اهڙو ئي خوشي جو نرالو جذبو خيرپور ضلعو تعلقو ڪنگري پير جو ڳوٺ ڀرسان قائم درگاھه حضرت امير بخش سائين رحمت الله عليه، علي سائين آباد تي ڏسڻ وٽان ملندو آهي جتي هر مهيني جي پهرين آچر تي هڪ صوفياڻي محفل به منعقد ڪئي ويندي آهي، درگاهه جا سجاده نشين جسٽس علي سائين ڏنو ميتلو پنهنجي چاهيندڙن، پيار ڪندڙن ۽ عقيدتمندن سميت ڏيهه توڙي پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن سان هميشه پرخلوص ۽ سادگي سان ملندي نظر اچن ٿا، جسٽس علي سائين ڏنو ميتلو ماڻهن سان جنهن محبت ڀرئي انداز ۾ ملڻ وقت خوشي محسوس ڪن ٿا اها ئي نرالي خوشي آهي.
    صوفي بزرگ حضرت سائين امير بخش رحه کان شروع ٿيل انسان ذات سان محبتن، خدمتن ۽ ادب سان پيش اچڻ وارو سلسلو جاري آهي، درگاهه جي سجاده نشين جسٽس علي سائينءَ ڏنو ميتلو ۽ سائين جي ٽئين پيڙهه يعني فرزندن بئريسٽر لا ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۽ ميمبر Lincoin's Inn London Bar محمد سرفراز علي ميتلو، اڳوڻي سول جج ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ امير بخش ميتلو، ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ سنڌ فيض علي شيراز ميتلو، بئريسٽر فياض علي ميتلو، ڊاڪٽر ضياءُ الحق شھباز علي ميتلو ۽ ذيشان علي حيدري ميتلو پڻ پنهنجن وڏڙن جي سلسلي کي جاري رکندي درگاهه تي ايندڙ چاهيندڙن، عقيدتمندن ۽ پيار ڪندڙن سان پاڻ ملهايو آهي ۽ سندن ڏکن، دردن کي دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. جسٽس علي سائينءَ ڏنو ميتلو جا فرزند پنهنجي بزرگن توڙي والد بزرگ جي نقش قدم تي هلندي وڏن عهدن تي فائز هجڻ باوجود درگاهه تي ايندڙ ماڻهن سان پيار ۽ محبت وارو سلسلو نه پيا وسارين.
    مقصد ته درگاهه حضرت امير بخش سائين رحمت الله عليه، علي سائين آباد تي منعقد ٿيندڙ صوفياڻي محفل توڙي عام ڏينهن ۾ خوشين کي ورهايو ويندو آهي، ماهوار پهرين آچر تي منعقد ٿيندڙ محبت ڀرئي محفل ۾ ماڻهو پنهنجا سمورا درد ۽ تڪيلفون وساري ويهن ٿا، هونءَ به راڳ رهاڻ ۾ سڄي دنيا کي امن جو پيغام ملي ٿو، اندر اجارڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي صاف ڪرڻ اهو ئي اسان جو درگاهون سيکارين ٿيون، اسان وٽ تصوف، محبت ۽ امن شامل آهي. درگاهه حضرت امير بخش سائين رحه تي هميشه بغير ڪنهن رنگ ۽ نسل، ذات پات جي هر ماڻهو کي محبت ملي آهي ۽ ملندي رهي ٿي.
    اسان وٽ سخي قلندر لال شهباز رحه، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، سچل سرمست رحه، شاهه عنايت شهيد ۽ ٻيا ڪيترائي عظيم ڪردار موجود آهن ته انهن عظيم بزرگن جي نقش قدم تي هلندي اڄ به ڪيتريون ئي هستيون انسانيت جي پرچار ڪندي نظر اچي رهيون آهن، جيڪڏهن اسان انهن بزرگن جي عمل تي هلون ته هوند امن اسانجي ڌرتي جو مقدر بڻجي ويندو، هر پاسي محبتون ۽ پيار ئي نظر ايندو، نفرتن جو نانءُ نشان ئي مٽجي ويندو.
    شاهه سائين رحه چيو: “اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي” سنڌ ڌرتي ان فهم کي ولين، بزرگن ۽ عظيم هستين جي روپ ۾ ظاهر ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي اولياء الله سان ڀري پئي آهي، جن جو پيغام آهي ته پاڻ ۾ نقرتون ختم ڪريو، عمل جي شروعات پاڻ کان ڪريو، هر روز، هر وقت پنهنجي اندر ۾ جهاتي پايو، دشمن لاءِ به نفرت نه هجي، ٻيو اهو ته پنهنجي عمل، هٿ، زبان، سان ڪنهن کي تڪليف نه پهچي، بزرگن فرمايو آهي ڪيڙي ماڪوڙي کي به نقصان نه پهچي، اها به الله جي خلقيل مخلوق آهي، ڪنهن کي ايذاءَ نه پهچي، ٽيون نقطو توهان کي ڪو ڏک ايذاءُ پهچائي ته انکي درگذر ۽ نظر انداز ڪيو، الله وارن جون درگاهون، درسگاهون آهن، جتي محبتون ورهاجن ٿيون، اتان سکڻ ۽ وٺڻ کپي، الله وارن انسان ذات جي ڀلائي لاءِ چيو آهي، رنگ، نسل، مذهب، فرقو ۽ فرق انهن ۾ موجود نه هو.
    هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي عظيم بزرگن ۽ انسانيت جو مانُ مٿانهون ڪندڙ هستين جو امن ۽ محبت ڀريو پيغام عام ڪيو وڃي، جهڙي طرح ٻين بزرگن جي درگاهن جيان هر مهيني جي پهرين آچر تي درگاهه حضرت امير بخش سائين رحه، علي سائين آباد تي محبت ڀرئي محفل منعقد ڪئي وڃي ٿي اهڙي طرح سموري ڏيهه توڙي سنڌ ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙيون محبت ڀريون محفلون منعقد ڪيون وڃن جتي انسان دنيا جي مسئلن کي وساري روحاني سڪون ۽ فيض حاصل ڪري سگهي، جتي کين محبت ۽ پيار ڏنو وڃي، اُتي سنڌ جي عظيم بزرگن جي ڏنل محبت هنياءَ جو ٻل آهي. جنهن سان زندگي جو هر رستو آسان ٿي سگهي ٿو.
    راتِ سَهائِي ڀُون سَڻيِن، پَٽِيُن وڏو پنڌُ،
    هلندي حبيبن ڏي ، ڪَرَها ! موڙِ مَ ڪنڌُ،
    ٻَنڌڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پهچائي پِرينِ کي!
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو