مضمونن جو ڪتاب "واڌو، ونڊ ،ڪٽ ،ضرب" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    مضمونن جو ڪتاب "واڌو، ونڊ ،ڪٽ ،ضرب جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    منهنجي ڌرتي مومل آهي،
    سورج آهي اُن جو راڻو!
    منھنجي ڌرتي مومل آهي. ( سرمد چانڊيو )
    دنيا جو وهنوار حساب ڪتاب سان لاڳاپيل آهي ان لاءِ ذهن ۾ داخلي ۽ خارجي معاملن کي اوتري اهميت به حاصل رهي ٿي،جيتري اهميت دنيا حساب ڪتاب کي ڏئي ٿي . ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ڪتاب" واڌو، ونڊ ،ڪٽ ،ضرب" نالي سان ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ ميٿ ميئٽ جي فارمولي جو ڪتاب هجي پر هي ڪتاب، شخصيتن، تاريخ ۽ سماجي اصولن تي25هون آهي جنهن کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ترتيب ڏئي عام ڪاريءَ تائين رسايو آهي ڊاڪٽر ذوالفقار جو هي ڪتاب به زندگيءَ ۾ صلاحيت رکندڙن جو مقصد وارو پاسو آهي، مقصد به عملي مشق ۾ خوشبو وارو شامل رهندو آهي اها ئي حسناڪي ۽ لطف هن ڪتاب مان حاصل ٿي رهيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ نفيس احمد ناشاد لکيو آهي، لکي ٿو ته :" ڪتاب جي فهرست تي جڏهن نظر پئي ته هڪدم مون کي ليکراج ڪشنچند عزيز جي مضمونن جو من موهيندڙ ڳٽڪو" ادبي آئينو "ياد اچي ويو." سنڌي ادب جو شهسوار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪيترن حوالن سان ادب ۾ مستقل مزاج طور لکي ٿو۽ خدمتون به سرانجام ڏيندو رهيو آهي ، ان سفر ۾ شاعري، ٻاراڻو نظم، صحافتي دور، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان ادب ۽ٻوليءَ کي متعارف ڪرائڻ، سنڌي ادبي سنگت جي سرواڻي، پبليڪشن جو اوکو ڪم ۽ نوڪري صحت کاتي ۾، انهن سڀني مرحلن جو سرسري جائزو ڊاڪٽر ذوالفقار هن ڪتاب ۾ مختصر طور پيش ڪيو آهي. سچ لکڻ جو حوصلو ٿورن ليکڪن ۾ شامل آهي ان ٿوري فهرست ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو نالو به شامل آهي. ڪتاب جو پهريون مضمون ظفر حسن تي لکيل آهي، مضمون جو مختصر حصو "جڏهن صدر جنرل ضياءَ جي دور ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس جون" اهل قلم" ڪانفرنسون شروع ٿيون 1984ع ڌاري غلام رباني آگرو صاحب اڪيڊمي جو چيئرمين هو، ظفر حسن سنڌ جو واحد اديب هو، جيڪو ان آمر جي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني ليکڪن کان پري ٿي ويو، هن سڀني سان اٿڻ ويھڻ ۽ ڳالهائڻ بند ڪيو. مون به اُن هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ھئي. ان ڪري ظفر حسن مون سان به ڳالهائڻ بند ڪيو. " نيپولين جي ڪتاب جون ستون ٿيون ياد اچن ته :" زندگيءَ ۾ پنهنجي فيصلي تي سختيءَ سان عمل ڪيو. هونئن به ڪامياب ماڻهن جي اها نشاني آهي ته هو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ عمل ۾ دير نه ٿا ڪن. "
    شاھ لطيف چواڻي ته :
    ڳالھيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،
    ٻاهر مون نه ڪڍيون، گوشي گڏيا سپرين.
    سنڌ جو هر شخص جيڪو صاحب علم ۽ قلم آهي، اهو سچائي، خواهش، حياتيات جو عملي طور عاشق به آهي. ان عشق جي پنڌ ۾ سنڌ جي ماڻهن ڪيترائي هيرا لٽايا آهن، ان پنڌ جو راهي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به نظر اچي ٿو. زندگيءَ جي زيبائي گوناگون پنڌ تي ساهي پٽڻ بعد وري نيزي جيئان ڳاٽ اوچو ڪري دنيا سان ملڻ جي اڪير ۾ آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هي ڪتاب" پنهنجي جيجل ماءُ کي ارپيو آهي."سنڌي ليکڪن جي محبت ماءُ ۽ ڌرتيءَ سان يڪجا هلي ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به ان قافلي جي ڪڙهي تسلسل آهي.
    سچ ڳالهايو پر ٻڌو نه، اهو تاريخ جو وڏو نوحو آهي. اهڙا نوحا هن ڪتاب جو حصو آهن، جنهن ۾ جدوجهد جو نشان، نذير ناز ۽ فتاح عابد جي وڇوڙي جي درد ڪٿا به شامل آهي ته دنيا جي تاريخ تي دهشتي هٿ ڪيئن کٿل آهن.!؟
    مور ساگر لکي ٿو ته :" مون ڊاڪٽر ذوالفقار کي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ يڪسان ڏٺو آهي، ڳالھ جيڪا ڪندو سا صفا سچي ۽ تلخ هوندي آهي. "
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڏاڍ ۽ جبر جو حمايتي نه رهيو آهي ۽ ڏاڍ جي خلاف رهندي سچ، عشق ۽ ادب جو مشتاق ٿيندو رهيو آهي. اردو شعر ٿو ياد اچي ته :

    مشتاق ہے تیری درس کا دل یکطرف جان یک طرف
    منصور کا دم یک طرف تاویل لقمان یک طرف
    .
    ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ لکي ٿي ته :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هڪ سينيئر ليکڪ طور تحرير جي جاذبيت، سلاست ۽ سهڻائي سان سنڌي ادب جي مضمون نويسيءَ ۾ هڪ منفرد عنوان سميت خوبصورت ڪتاب جو واڌارو ڪيو آهي. " جملي مضمون ڪتاب جا تمام خوبصورت ۽ دلڪش انداز سان لکيل آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگيءَ جو مقصد سنڌي ادب کي اوليت ڏئڻ آهي جنهن جو ثبوت هي ڊاڪٽر جو 25هون ڪتاب آهي. جنهن کي چانڊوڪي پبليڪشن لاڙڪاڻو - ڪراچي 2022ع تي ترتيب ڏئي سنڌي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو آهي.آخر ۾ مدن فقير جون سٽون ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ته :-
    محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي ،
    ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر ان ڪيميا جو..
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو