ڪتاب"ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون علمي ادبي خدمتون" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون علمي ادبي خدمتون" جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي
    زندگيءَ جي گوناگون پنڌ ۾ ڪي وجود اهڙا به ملي ويندا آهن جيڪي ٿوري پل ۾ محبت ۽ محنت جو ڳاٽ اوچو ڪري ويندا آهن. اهڙي شخصيت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي به سنڌي ادب ۽ٻوليءَ ۾ نمايان آهي جنهن تي محبت ۽ پيار ڀريو پوريو ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته "محبت دماغ جي سائيز ۽ ذهني صلاحيت کي وڌائيندي آهي ".
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ساھ جي تند ٽٽڻ جي خبر 16 ڊسمبر 2020ع تي سوشل ميڊيا تي آئي ته ان وقت آءُ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽوڊيو ۾ موجود هيس. ان وقت مون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي علمي ادبي خدمتن تي پنهنجا ويچار پيش ڪيا ۽ دل ۾ تعزيت جو تڏو وڇائي روزاني ارادو لاڙڪاڻو جي آفيس پهچي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي زندگيءَ بابت مضمون لکيو. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر 2021ع جو ڪتاب نمبر 68 ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي تحفي طور موڪليو انتهائي سرهائي ٿي ته : هڪ جامع مختصر ڪتاب "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون علمي ادبي خدمتون " تي مشتمل مليو، اهو ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جون سنڌي ادب ۽ ڊاڪٽر ڪمال جي محبت جو جذبو آهي اهڙو پيار ۽جذبو ٿورن فردن ۾ خوشبو وانگر شامل هوندو آهي.
    ڪتاب جا پيش لفظ ڊاڪٽر رياضت لکيا آهن، لکي ٿو ته : "زندگي، هڪ طرف انيڪ پيارن، دل واري، محبوب ۽ مٺڙن ماڻهن سان ملائي ٿي ته ٻئي پاسي اهڙن ئي هينئڙي ۾ جاءِ جوڙيندڙ محبتي ۽ ملنسار ماڻهن کان هميشه هميشه لاءِ جدا به ڪري ٿي ڇڏي. اسان جو جاکوڙي اديب، محقق، استاد، تعليمي ماهر، براڊ ڪاسٽر ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، بنھ اوچتي اسان کان وڇڙي ويو. "
    ڪتاب جي متن ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي حياتي جو مختصر تعارف ۽ ڪم. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو : وڇوڙي جو الميو. هڪ لائق ماڻهوءَ جو وڇوڙو. ڊاڪٽر ڪمال جي ڪتابن ۾ سندس حياتيءَ جا احوال واقعا ۽ جدوجهد تي تفصيلي راءِ پڻ ڏني وئي آهي. جڏهن به جيڪو به ڊاڪٽر ڪمال جي علمي ادبي خدمتن تي قلم کڻندو ته ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جو سهڙيل ڪتاب مان ضرور رهنمائي طور استعمال ٿي سگهندو. سچل سرمست به اهڙن عشق وارن کي هن ريت ياد ڪري ٿو.
    نه مان ڪيڙو کڙڪو تسبيح، نه ڪيڙم زهد عبادت،
    نڪي مسجد مندر ويڙس، نه ڪيڙم تقوي طاعت،
    سچل جو ٿيو بخت سوايو، جو ڪيڙئي عشق عنايت
    لطيفيات جي شعبي ۾ ڊاڪٽر ڪمال جون خدمتون، سارائن جوڳيون. آهن. اهڙي طرح ٻوليءَ جي حسناڪي لغت ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون علمي ادبي خدمتون موجوده دور لاءِ بهترين وک آهي انهيءَ رستي تي سنڌي جا ليکاري ضرور طبع آزمائي ڪندا. عبدالواحد آريسر جو نثري ٽڪرو ياد ٿو اچي ته :" اُهي ماڻهو ڌرتيءَ جا سج ۽ چنڊ هوندا آهن! ۽ سج چنڊ جي ڪٿي به قبر نه هوندي آهي." ڪتاب جو انتساب، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي قومي جذبي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي نالي. ڊاڪٽر ڪمال صاحب جي ونيءَ، نامياري ليکڪه ۽ محققه ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ سندس ٻارن سرهاڻ، مهراڻ، سوڀيا، ۽ سهائيءَ جي نالي، جيڪي ڊاڪٽر ڪمال صاحب جي وجود جو بهترين اظھار آهن." ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ادب ۾ مستقل مزاجي سان ترقي وارو ڪردار خوب نموني سان ملهايو آهي . پاڻ پسائڻ جو ڪردار لطيف سرڪار فڪري طور هن ريت پيش ڪيو آهي.
    پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
    پاڻهي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
    سنڌوءَ جا گيت( 2008ع ) ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ جو مقالو آهي جنهن ۾ لوڪ ادب تي باريڪ بينيءَ سان مشاهدو پيش ٿيل آهي.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي سڄاڻ ليکڪه ڊاڪٽر عابده گهانگهرو لکيو آهي، لکي ٿي ته :"ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، ڪمال صاحب جي انهن دوستن ۽ لائق شاگردن مان آهي کيس پي ايڇ ڊي ڪرائڻ تي ڪمال صاحب فخر محسوس ڪندو هو، اهو اندازو نه هو ته ڊاڪٽر رياضت وٽ هن لاءِ ڪيتري عقيدت، محبت، احترام ۽ احساس جو جذبو آهي." ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته : محبت، وقت جي محتاج ناهي هوندي، بلڪه محبت ۾ سچائي پيدا ڪرڻي هوندي آهي." "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون علمي ۽ادبي خدمتون " ڪتاب ۾ محنت ۽ محبت جو اظهار چٽو نظر اچي ٿو. آخر ۾ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي لاءِ ته :
    پيار ۽ پريت، ڪو سکي سورن کان،
    رهي اُنهن ريت، هَڏِ مَ ڇڏيائون هيکلو.
    ( يوسف شاهين ).
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو