اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس ڏُک سور جيڪو نصيب ۾ ھيو پر توکي ڇڏي جاني ڪونہ ويس. اُھا مان بہ ڏسان جيڪا توتي مَري، سڄي رات سڄو ڏينھن تنھنجِي ڪَري ائين ڪوبہ نٿو قربان ٿئي جيئن آئون توتان قربان ٿيس. اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس حقيقت ۾ ڪئي پنھنجي پاڻ سان مون نہ تہ ڪيئن ڏِئين مونکي طعنا تون، مان توتي مَرِي ٿِي توتي چَرِي اچي نيٺ پرين تنھنجي پيچ پِيَس. اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس ڪو ڪنھن کي وڻي ڪو ڪنھن لاءِ سُٺو پر مونکي اُڏيرائي آھين مِٺو اھا ھام ھڻي مان ڪنھن کي چوان پنھنجي پياري پرينءَ جي ٿي نہ سگهيس. اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس آواز : فوزيہ سومرو ٻول :