ٻول : اھا آئون ھيس جيڪا توتي ميس توسان تو جھڙي ٿي ڪکن ۾ رھِيس

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس
    ڏُک سور جيڪو نصيب ۾ ھيو پر توکي ڇڏي جاني ڪونہ ويس.

    اُھا مان بہ ڏسان جيڪا توتي مَري، سڄي رات سڄو ڏينھن تنھنجِي ڪَري
    ائين ڪوبہ نٿو قربان ٿئي جيئن آئون توتان قربان ٿيس.
    اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس

    حقيقت ۾ ڪئي پنھنجي پاڻ سان مون نہ تہ ڪيئن ڏِئين مونکي طعنا تون،
    مان توتي مَرِي ٿِي توتي چَرِي اچي نيٺ پرين تنھنجي پيچ پِيَس.
    اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس

    ڪو ڪنھن کي وڻي ڪو ڪنھن لاءِ سُٺو پر مونکي اُڏيرائي آھين مِٺو
    اھا ھام ھڻي مان ڪنھن کي چوان پنھنجي پياري پرينءَ جي ٿي نہ سگهيس.
    اھا آئون ھُيَس جيڪا توتي مُيَس توسان تو جھڙي ٿي ڪَکَن ۾ رھِيَس



    آواز : فوزيہ سومرو
    ٻول :

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو