رشيد احمد بروهي، آپريٽر کان نيوز ايڊيٽر تائين...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    رشيد احمد بروهي، آپريٽر کان نيوز ايڊيٽر تائين...!
    فقير محمد سنڌي
    پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
    نه ڪو ڏونگـر ڏيھه ۾ نه ڪا ڪيچين ڪاڻ
    پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سور هئا.
    (شاھ لطيف)
    شعور وند انسان زندگيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ احساس وارو ٿئي ٿو، هن دنيا جي اندر تمام ٿورا فرد آهن جن کي معاشري جو احساس ٿئي ٿو. اهڙن گهڻن گڻن وارو رشيد احمد بروهي به آهي جنهن زندگيءَ کي خوشبوءِ وانگر معتر ڪيو آهي. صحافتي سفر ۾ آپريٽر کان نيوز ايڊيٽر تائين محدود وقت ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    28جون 1990ع تي رشيد احمد بروهي، شاهو ٻورائي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، صحافت جي شروعات 2006ع کان ڪيائين،باقاعدي صحافت جي شروعات روزاني ارادو لاڙڪاڻو کان آپريٽر جي پوسٽ کان ڪيائين. عبدالرشيد بروهي واعدي جو پڪو ۽ طبيعت ۾ کرو انسان آهي ان بيباڪي جي ڪري رشيد احمد صحافتي سفر ۾ اڃا به سچائيءَ سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي ته :"حڪمت عقلمندن جو باغ ۽ بزرگن جي طبيعت جي خوشيءَ جو سامان آهي، حڪمت هڪ اهڙو وڻ آهي، جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ زبان تي ڦل آڻي ٿو". بنيادي طرح حڪمت هنر مند کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ٿي. حڪمت ۽ هنر زندگيءَ جا بهترين زيور به آهن. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون هي سٽون به من ۾ گهر ڪري ويٺيون آهن :
    ھونءَ ته پل پل ڪوڙو سڪو،
    ڪنھن ڪنھن پل کي ڪنچن - ڪايا.
    ڪنھن ڪنھن پلَ جي مُٺ ۾ آھي،
    کُنڀي جھـــڙي جــــــيون مايا.
    زندگيءَ جي هر وک عقل، هنر ۽ حڪمت سان نوازي ٿي ۽ اهڙي انمول وک کي ڪٿي به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. جيئن رشيد احمد بروهي صحافتي وک ۾ آپريٽر ٿيو، ان وک هن لافاني ڪردار مهيا ڪيا آهن. ڇو جو هر روز هن لاءِ غمن، خوشين ۽ سوچ ويچار واريون خبرون ۽ درد انتظار ۾ هوندا آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ رشيد احمد بروهي جون آڱريون برابر جي بنياد تي ڪمپيوٽر تي رقص ۾ هونديون آهن. ڏسندي ئي ڏسندي ٽُڪ واري رليءَ جو ڏيک ڏئي ، پڙهندڙ تائين اخبار جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. هن وقت رشيد احمد بروهي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي نيوز ايڊيٽر روزاني عدالت لاڙڪاڻو ۽ روزاني عوامي ڪوشش لاڙڪاڻو جو روح روان آهي.رشيد احمد بروهي 2010ع تي انٽر پاس ڪري، ڊپلوما (DIT) جو ڪورس ڪري جديد سائنس جي ڊوڙ ۾ شامل هجڻ جو ويساھ پختو ڪيو.
    صحافت جي دنيا ۾ رشيد احمد کي استادن ۽ رهنمائن جي ضرورت محسوس ٿي جنهن ڪري هو محمد هاشم جوڻيجو، ظفر علي ٻٻر، مظھر گاد، طارق علي ميراڻي ۽ سيد جاويد شاھ جيلاني کان رهنمائي حاصل ڪندو رهي ٿو.رشيد احمد بروهي وٽ زندگي تماشو ڪونهي هن وٽ عملي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هر وقت مون ڏٺي آهي نهڪر هن جي زندگيءَ جي ڊڪشنري ۾ شامل ئي ڪونهي. سدائين رشيد احمد سٺائي ٻين ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي، ڪڏهن به هن پاڻ کي پڏايو ڪونهي اهڙا ئي فرد ڏاهپ، ساڃاھ ۽ ڪيمياگيري کي فتح ڪندي سڀني روحن کي تسڪين مهيا ڪندا آهن. آخر ۾ رشيد احمد بروهي لاءِ اردو جون هي سٽون ته :
    مين عشق کی انتہا چاھتا ہوں،
    میری سادگی دیکھو میں کیا چاھتا ہوں
     
    آخري ترميم: ‏17 نومبر 2022

هن صفحي کي مشهور ڪريو