آدرشي انسان، فقير محمد سنڌي...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG]
    آدرشي انسان، فقير محمد سنڌي...!
    جي. ايم رئيساڻي.
    ﷲ جَل شانه لاءِ سڀئي تعريفون آهن جنهن پنهنجي ڪل تخليقات مان ڪائنات ۾ انسان کي مرڪزي حيثيت ڏيئي مٽيءَ مان پيدا ڪري کيس نوراني روح ڦوڪي گويائي سان جنت ۾ رهائي، خليفو بڻائي، شعور جو عظيم تحفو ڏيئي ڌرتيءَ ڏانهن موڪليو، ان شعور سان انسان آدم عليه السلام نالي پهريون پيغمبر بڻيو، وحدت مان ڪثرت ٿي، ڪثرت مان نبي، صديق، شهيد، ولي صالع، عالم، فاضل، حڪيم، ڏاها، سگهڙ، اديب، شاعر، معلم، متعلم، حاڪم، محڪوم، ظالم، مظلوم، قاتل، مقتول، فاسق، زنديق وغيره پيدا ٿيا. هر ڪنهن جي پنهنجي صلاحيت ۽ ڪردار رهيو آهي ليڪن انهن مان شاعر جي ذريعي شعوري طور سڀني جو ترجمان آهي، سو شاعر پنهنجي شعور مان مشق شعر جي ذريعي شعوري انقلاب، خيال، موضوع جي اعتبار کان حمد، نعت، غزل، قصيدو، مرثيو، شهر آشوب، واسوخت، گيت، پيروڊي، ۽ ريختي، اهڙيءَ طرح هيئت جي اعتبار کان مثنوي، رباعي، قطعو، مسمط، ترڪيب بند، ترجيح بند، مستزاد، مُعري' نظم، آزاد نظم، ترائيل، ٽيڙو، هائيڪو، ماهيو، ۽ سانيٽ وغيره لکي شعور جي دنيا ۾ شاعريءَ جي وسيلي ادب جي ايوان ۾ قلم جي قعوت سان پنهنجي ديوان، ملفوظات، ڪليات يا رسالي ۾ قومي، شخصي، ادبي، فني ۽ اھڃاڻ ۽ علم کان معلومات ڏيندو رهي ٿو، ٻي طرف شاعر انقلابي، اجتهادي، اصلاحي ۽ مزاحمتي مجاهد، غازي، سورهيه، سرويچ، وطن جو محافظ، قوم جو وڪيل، ادب جو ضامن، عشق جو علمبردار، سونهن جو فدائي ۽ شوق جو شيدائي رهيو آهي. شاعر شعور طور خود شناس، ماحول جو عڪاس، بين الاقوامي حالتن ۽ واقعن، ريتن، رسمن ،وحدت الوجود، وحدت الشهود، واجب الوجود، علم اليقين، عين اليقين، حق اليقين، شريعت، طريقت، معارفت، حقيقت، تحقيق، تصديق، ناسخ، منسوخ، جزئيات، ڪليات، معدومات، ممڪنات، جمادات، نباتات، حياتيات، ڪيميات، محالات ،موجودات، مخلوقات، حرڪات، سڪنات، اثبات، ونفي، قومي ايڪتا، ادب واتهاس ۽ ڪائنات جو جيترو وڌيڪ گهرو مطالعو ڪندو آهي، اوترو زياده سندس شاعريءَ ۾ آفاقيت پيدا ٿيندي آهي. شاعريءَ لاءِ علم، حلم، فڪر ونظر سان گڏ فصاعت، بلاغت، سلاست ۽ تخيل جو هجڻ نهايت ضروري آهي، پر شاعري وسعت ۽ گهرائي گهري ٿي. شاعر لفظن جي سندر سجاوٽ ۽ اعلي' آدرش ۽ نادر ڪاوش جي آڌار منفرد، مايه ناز وقت جو مهان ڪوي ۽ پنهنجي سر ٻين لاءِ مڪتب فڪر ونظر جي اعلي' قدر و قيمت جو صاحب بڻجي ويندو آهي.

    ادبي کيتر ۾ روز بروز نئون ادب، مصنف، مولف يا شاعر پنهنجي نالي سان نروار ٿي گهر ۽ تر کان وٺي پوري ملڪ ۾ مشهور ٿيندو رهي ٿو. اڄ به هڪ نئين چهري قدامت پسند ۽ رجعت پسند ماحول جي اندر قلمي ڪاوش سان شخصي ۽ ملڪي حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي ادراڪ سان اظهاريو آهي. سندس ڪلام ۾ فضاحت، بلاغت، سلاست، سچ، سڪ، سونهن، سرهاڻ، مزاحمت، سنڌ جي تڙپ، آئيندي جو الڪو، عزم، ارادو ۽ حوصلو ڏسڻ وٽان آهي. اهو بيباڪ، بيدار ذهن، شاعر فقير محمد سنڌي ولد دين محمد سنڌ ڌرتي جي مايه ناز شهر لاڙڪاڻي ۾ 7جنوري 1983ع تي پيدا ٿيو. پرائمري تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان 1998ع ۾ پاس ڪيائين، انٽر ڪلاس 2000ع ۾ پاس ڪري ورتائين ۽ B. A سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻي مان 2003ع تي ڪيائين، .فقير محمد سنڌي نه فقط دنيائي تعليم حاصل ڪئي آهي پر شرائع شريعت ۽ ديني احڪام جو مڪمل درس نظامي جو ڪورس پايه تڪمل پهچايو آهي. موصوف مولوي، عالم، فاضل جو امتحان 1998ع ۾ ڏنو. درس نظامي مدرسه عربيه جيلاني مدرسي لاڙڪاڻو مان 2001ع ۾ سندالفراغ سان فارغ التحصيل ٿيو آهي. سندس تفصيل هن ريت آهي : فارسيءَ جو درس حضرت علامه مولانا عبدالقادر بروهي ۽ حضرت علامه مولانا مفتي اعظم ﷲ ڏنو جماراڻي نقشبندي غفاري وٽان پرايائين. صرف ۽ نحو جو درس حضرت علامه مولانا عبدالڪريم عباسي صاحب وٽان ورتائين ۽ درس نظاميءَ جو عربي ڪورس حضرت علامه مولانا مفتي عبدالرحمان پنهور عفي عنه وٽان حاصل ڪيائين. پاڻ ڌنڌي جي لحاظ کان خانگي ملازمت ڪري ٿو.فقير محمد سنڌيءَ جي شاعري ۾ موجوده حالات و واقعات جو بلند آواز پڙاڏو ٿو گونجي، سو قوم جي اصلاح وتربيت ۽ تفريح لاءِ ڪاغذي ڪئنواس تي نظم جي صورت ۾ انهيءَ اميد سان اوتيل آهي ته معاشرتي اصلاح جو انقلاب برپا ٿئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو