سرمد چانڊيي جو ڪتاب "ڪربلا کان ڪربلا تائين" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    انقلاب جي رسيءَ کي ٿورن فردن چميو آهي...!؟
    سرمد چانڊيي جو ڪتاب " ڪربلا کان ڪربلا تائين" جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    هزارن انقلابن جي ڪئي تڪميل تو عربي ،
    صنم خاني کي ڪعبي ۾ ڪيو تبديل تو عربي.
    سائين سرمد چانڊيو سنڌي ادب ۾ هڪ شاندار ڪڙهي جو مثالي ڪردار هو جنهن سدائين سنڌي ادب ۽ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ مثالي شخص طور پاڻ پيش ڪندو رهيو. حقيقت پسندي جي طور تي جنهن به صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ان سان ڀرپور نڀاءُ رکيائين. ڪتاب" ڪربلا کان ڪربلا تائين" سائين سرمد چانڊيي جي شاعري انقلابي واٽ کي چٽي طرح سان واضع ڪيو آهي ۽ ڪربلا جي حقيقي مقصد کي فردن تائين رسايو آهي. زندگيءَ جي چوگرد ڪيترائي موڙ آهن ۽ اهي موڙ ڪٿي سياست، نظريو، اعتماد ۽ مذهبي نظر سان ميل جول رکندي مقصد لاءِ اٽل ارادي وارو انسان ئي منزل رسائي حاصل ڪري ٿو ، اُتي پنهنجي تصور کي پيش ڪرڻ جي مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو، قابليت مطابق صحيح خيال ۽ موقف جي چونڊ ڪري ٿو سائين سرمد به پنهنجي لامحدود سوچ جو شاندار نمونو عقيدي طور پيش ڪيا آهن.
    سوين ڳالهيون هيون اوجهل دنيا جي علم دانش کان،
    زمين کان آسمان تائين ڏنا تفصيل تو عربي.
    سرمد سائين جون مٿيون سٽون مشروط محبت جو اظهار آهن مٿيون سٽون لکڻ لاءِ لفظ ناهن جيڪي هنن سٽن لاءِ تشريح طور پيش ڪري سگهجن. باقي ظاهر ۽ باطن جي علم کي تي روحاني شخص ئي بهتر ۽ تفصيلي طور تي واقفيت ڏئي سگهن ٿا.
    ماتم حسين جو آ، شڪوا يزيد جي،
    مومن اها عبادت محشر جي عيد جي.
    ڪردار به تاريخ جو حسين باب آهي جنهن ۾ اصول ۽ آدرش شخصيت کي مٿ ڀرو ڪري پيش ڪرڻ جي صلاحيت مهيا ڪن ٿا.حسين ابن علي به انقلاب، رهبر ۽ هادي طور مظلومن جو امام ڏينهن قيامت تائين رهندو.
    مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو انقلاب بابت ذهني خاڪو آهي ته :"منهنجي آڏو هڪ انقلابي، هڪ هزار غير انقلابين کان بهتر آهي ڇو ته انقلاب ڪائنات جو پيغام آهي. زندگيءَ ۾ چر پر ۽ ارتقا، انقلاب جي جذبي جي مرهون منٽ آهي."
    بازار حسن ۾ جو يوسف جو واڪ ٿيو،
    ٻڍڙي جا چار ڍيرا طاقت خريد جي.
    مقصد ان وقت مقدس ٿئي ٿو جڏهن انسان سئين واٽ تي هلندو آهي ۽ فطرت هن کي مٽيءَ جو واس مهيا ڪري تاريخ جي چوواٽي تي بيهاري سجاڳيءَ جو رستو مهيا ڪري ٿي.سئين واٽ تي هلندي سرمد سائين لکت کي ايماني جامو پيراهيو آهي. تڏهن چوي ٿو.
    مُهرِ نبوت جا سوار، بُت شڪن حيدر قرار،
    مرتضي يا مجتبي بُوتراب ۽ العصر.
    يقين سڀني صلاحيتن جي ماءُ آهي، هن دنيا ۾ ماءُ ئي آهي جنهن عظيم انسانن کي جنم ڏنو. ماءُ ڌرتي به آهي ۽ ان جو پيءُ علي ابن ابي طالب آهي. بائيبل ۾ لکيل آهي ته :"انسان جيئن سوچي ٿو تيئن ئي ٿئي ٿو.".
    حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته :"پنهنجي سوچ کي پاڻي جي قطرن کان به وڌيڪ شفاف رکو
    ڇو ته جهڙي طرح قطرن مان درياءَ بڻجندو آهي
    اهڙي طرح سوچ سان ايمان بڻجندو آهي." ڪتاب "ڪربلا کان ڪربلا تائين " مان تمام ايماني، روحاني، انقلابي ۽ نيڪيءَ جو جو درس ملي ٿو.
    مرڪ پبليڪشن جو 156هون ڪتاب "ڪربلا کان ڪربلا تائين" جي ارپنا ڪربلا جي شهيدن جي نالي ٿيل آهي.ان محبت ڀري سفر ۾ ڪتاب لاءِ سهڪار محترم اعجاز هليو ڪيو ضرور اهڙي سعادت واري ڪم ۾ دل کي سڪون ملندو آهي.
    تون لِسانُ ﷲ آن! تون اَذان ﷲ آن،
    ورد سرمد کي سدا يا علي شام و سحر.
    سرمد سائين جا هي گل هاءِ عقيدت آهن جيڪي اوهان سڄڻن جي حضور ۾ هڪ گلدان جي صورت ۾ انمول خزانو آهن جنهن مان رهبري جي واٽ ، اتساھ، بردباري جو درس۽ لطيف جذبن جا احساس روحاني ۽ وجداني ڪيفيت ۾ بيان ٿيل آهن. شاعر جي ذهني ڪيفيت، حجت ۽ پيار نمايان آهي. آدرش، اميد، ساھ ۾ سمايل انتظار لاءِ آجيان ۽ سڪون وارو وقت هيٺين سٽن ۾ پسي سگهجي ٿو.
    امام زمانا اي امام زمانا،
    هڪ ويل رحمت جا کول خزانا.
    هت تنهنجي ضمانت ڪافي آ،
    اڳتي نانو نبي تنهنجو شافي آ،
    اچي فرض نڀاءِ تون فرزانا.
    تاريخ ۾ حسين ابن علي جي آل جو انوکو ڪردار آهي، جنهن يثرب کي مديني منور جو شرف ڏنو، ڪعبي شريف کي رب جي روبيت جو سراسر مرڪز بڻايو ۽ ڪربلا جي زمين کي پنهنجي اهل عيال، دوستن ۽قريبن جي قرباني سان ڪيترائي منظر ارپي دنيا کي روشني جي لاٽ سان نوازيو، انقلابي رسيءَ کي هر ويساھ ۽ جرئت سان نوازي، محرابن جي اندر ﷲ اڪبر جي گونج کي سدائين لاءِ امر ڪري ڏيکاريو.
    لطيف سائين چواڻي ته :
    جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
    مون ڪُرَ نہ ڪيو، اڳ اهڙو ڪوجھو ڪم،
    جان جان دعوي دم، تان تان پرت پنهوار سين.
    پرين کي پاڻ پسائڻ جو نروار رستو قرباني ۾ ئي سمايل آهي، سا ڳالھ سرمد سائين ھيٺين شعر ۾ آساني سان سمجهائي ويو آهي.
    جنهن جو ڪعبي ۾ اچڻ جاءِ شهادت مسجد،
    دين اسلام انهي گهر جي حفاظت ۾ آ.
    سرمد سائين دنيا جهان جي ادب کي پڙهڻ سان گڏ انهن تي لکڻ جو الڳ اسلوب سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا هن سماج لاءِ هڪ سبق آميز دل ڀريو پوريو آهي. آخر ۾ سرمد سائين لاءِ هي سٽون ته :
    پيار جا سانگ سجايا آهن،
    ٻيا سَڀُ ڪم اجايا آهن.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو